رمضان شورو ننڍي هوندي جڏهن ريڊيو تي هڪ صوفي شاعر جو ڪلام ”ٻول پکي پرديسي تون ڪهڙي ديسون آندا هين“ ٻڌندو هوس ته سوچيندو هو ته آخر شاعر پکيءَ کان ڇو پيو پُڇي ته تون ڪهڙي ديس کان پيو اچين؟ پر پوءِ خبر پئي ته تلور ۽ ڪونج سميت اسان جي ادب توڙي شاعريءَ ۾ پيار، وڇوڙي، ڏک ۽ پيڙا جي علامت بڻيل اڪثر پکي ڏور پرديس مان هزارين ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري اچي اسان جي ماحولياتي ۽ حياتياتي نظام جو حصو بڻجن ٿا. اسان جي ڌرتيءَ تي ايندڙ اهي پکي گهڻو ڪري سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن مان اچن ٿا، جتي پاڻيءَ جا ذخيرا ڄمي يا منجمند ٿي ويندا آهن، خوشقسمتيءَ سان سنڌ جا آبي ذخيرا، آبهوا جي لحاظ کان اهڙي خطي ۾ آهن، جو ٿڌن ملڪن جا پکي اُتي جي موسم ۽ آبهوا ڇڏي، پنهنجي ملڪن کان هزارين ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري، سوين ڪشالا ڪاٽي، هتي اچي ڪجهه مهينن لاءِ پنهنجو مسڪن بنائين ٿا، سياري جي آمد آمد هوندي آهي ته سائيبيريا، روس ۽ ٻين ٿڌن ملڪن جا لکين پکي پاڪستان جي ٻين آبي ذخيرن سان گڏوگڏ سنڌ جي آبي ذخيرن خاص ڪري لوئر سنڌ جي ضلعي ٺٽي جي علائقن/ڍنڍن، ڪينجهر، هاليجي، هڏيرو، هيلايا، ڇڇ، شاھ لنڪر، سندناڻي، منارڪي، ماريجان، جاتي، ڪيٽي بندر وغيره ۾ ديرو ڄمائين ٿا. ناياب پکين جي آمد سبب ئي انهن سڀني علائقن ۽ ڍنڍن کي عالمي معاهدي رامسر ڪنوينشن تحت رامسر سائيٽس قرار ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ ميداني ۽ جابلو علائقو ۾ به هزارين ايڪڙن تي پکڙيل 45 جي لڳ ڀڳ محفوظ سينڪچريون ترتيب ڏنيون ويون آهن، جتي به باز ۽ تلور سميت مختلف هجرتي پکي لهن ٿا. هي پکي آڪٽوبر جي مهيني ۾ اچڻ شروع ڪن ٿا ۽ مارچ تائين اتي رهن ٿا. پکين جي هجرت ۽ انهن جي مختلف پهلوئن تي اسٽئڊي ڪندڙ ماهرن مطابق هجرت ڪندڙ پکي دنيا جي مختلف ملڪن مان ٻين علائقن ڏانهن ستن عالمي رستن ذريعي هجرت ڪن ٿا، جن کي ”پکين جي هجرت جا عالمي رستا“ سڏجي ٿو. سنڌ، پاڪستان ۽ انڊيا سميت ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ پکي ”فلاءِ وي نمبر 4“ ذريعي اچن ٿا، ”انڊس فلاءِ وي“ يا ”گرين روٽ“ جي نالي سان مشهور فلاءِ وي نمبر 4 جا مسافر پکي سائيبيريا، روس ۽ وچ ايشيا جي رياستن مان اڏام شروع ڪري قزاڪستان تان اُڏامندا، افغانستان ۽ ايران جهاڳيندا پاڪستان ۾ داخل ٿيندا آهن ۽ پوءِ سنڌو درياءَ سان گڏوگڏ پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن مان ٿيندا ڀارت جي صوبي راجسٿان تائين پکڙجي ويندا آهن. پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پکي ڪجهه زميني نشانن ۽ سنڌو درياءَ سان گڏوگڏ سفر ڪندي پاڪستان جي مختلف علائقن/پاڻيءَ جي ذخيرن تي پکڙجي وڃن ٿا ۽ جيئن ته هو پنهنجو گس سنڌو درياءَ کي ٺاهين ٿا، ان ڪري پکين جو وڏو حصو پڇڙيءَ جي علائقن ۽ پاڻي جي ذخيرن تي لهي ٿو، لکن جي تعداد ۾ لهندڙ انهن پکين ۾ 223 قسمن جا پکي هجن ٿا، جن ۾ مرغابي، چيڪلو، نيرڳي، آڙي، سانءِ، ڊگوش، ٿرانڊو، کيڻاٽي، ڪونج، تلور، باز، پيڻ، هنج رتونبو، ڪنيرو، بدڪ وغيره قابل ذڪر آهن، جيڪي سڀ ناياب هئڻ جي ڪري ريڊلسٽ ۾ شامل آهن. جيتوڻيڪ انهن جي بچاءَ لاءِ ڪيترائي ڏيهي پرڏيهي يا عالمي معاهدا ۽ قانون آهن، جن مطابق انهن پکين جو شڪار نه صرف منع آهي پر ڏوھ به آهي، پر هر سال انهن جو تمام بيرحميءَ سان شڪار ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙن معاهدن ۽ قانونن جون ڌڄيون اُڏايون وينديون آهن ۽ ان رت جي هوليءَ ۾ مقامي مارين کانسواءِ بااثر، وڏيرا، عرب شهزادا، وائلڊ لائف کاتي جا عملدار وغيره شامل هوندا آهن، ٻين پکين جو شڪار ته لاڳاپيل عملدارن جي ملي ڀڳت سان مقامي بااثر وڏيرا، ڪامورا، ۽ پروفيشنل ماري ڪن ٿا پر باز ۽ تلوار جو شڪار عالمي ۽ سفارتي ليول تي ٿئي ٿو، جيڪي به ٻاهران ايندڙ ناياب جنسون آهن، تلور ٿڌن ملڪن کان ايندڙ ٻين پکين سان گڏ اچي ٿي، جڏهن ته وچ ايشيا جي رياستن مان ايندڙ باز گهڻو ڪري ٻين پکين کان اڳ سيپٽمبر جي مهيني ۾ اچي ٿو ۽ ٻين پکين جي روانگيءَ کان پوءِ اپريل ۾ واپس ٿئي ٿو. تلور هتي پنهنجو مسڪن جابلو ۽ ميداني علائقن کي ٺاهي ٿو. جڏهن ته باز ۾ گهڻو ڪري ٻه قسم هوندا آهن، هڪ بحري باز ۽ ٻيو چرخ باز، بحري باز ساحلي علائقن کي پنهنجو مسڪن بنائي ٿو ۽ چرخ باز پنهنجو بسيرو ميداني، جابلو يا ڪنهن مٿاهين تي ڪري ٿو، هن ٻنهي قسم جي بازن جو شڪار تلور جي شڪار لاءِ ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته بازن جي هتان غير قانوني عرب ملڪن ڏانهن اسمگلنگ به ڪئي وڃي ٿي ڇو ته عرب رياستن ۾ باز پالڻ يا پاڻ سان کڻي هلڻ شاهي شان سمجهيو ويندو آهي. تاريخ جا ورق اٿلائجن ٿا ته خبرپوي ٿي ته قبل مسيح کان وٺي صدين تائين باز رکڻ ۽ پالڻ نه صرف وڏي مرتبي جي نشاني رهي آهي. بلڪه ان جي رکڻ جي اجازت به صرف شاهي يا مٿين خاندانن کي رهي آهي. ساڳي طرح باز کي تلور جي شڪار لاءِ استعمال جي شروعات به ٻه هزار قبل مسيح کان ٿي. جيتوڻيڪ باز جي انهن ٻنهي قسمن کي تحفظ حاصل آهي، پر هر سال ان جو انڌاڌنڌ شڪار ٿئي ٿو. هونئن ته ڪي پي ڪي جي گاديءَ واري هنڌ پشاور کي باز جي خريدو فروخت جي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، جتي مٿين علائقن، چين، تبت، ايران ۽ افغانستان وغيره جي علائقن مان باز جهلي آندا وڃن ٿا، ان کانسواءِ پنجاب جي رحيم يار خان، ملتان، بهاولنگر، ڊيرا غازي خان، بهاولپور، روهي ۽ چولستان ۾ به باز جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. پر ان جي جهلڻ جو اهم هنڌ سنڌ ۽ بلوچستان جا ساحلي علائقا آهن، جن ۾ ٺٽو، جاتي، ڇڇ جهان خان، زيرو پوائنٽ، سجاول، بدين، جيواني، پسني، سونمياڻي ۽ ٺٽي، ڄامشوري، دادو، ڪنڊ جهنگ، لسٻيلو وغيره جا جابلو علائقا اچي وڃن ٿا، انهن علائقن ۾ عرب شهزادن کي شڪار جا اجازت ناما جاري ڪيا ويندا آهن، هن وقت به هڪ اندازي مطابق هنن علائقن ۾ چاليهن جي لڳ ڀڳ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي حڪومت، وائلڊ لائيف، ڊپارٽمينٽ ۽ لاڳاپيل ادارن پاران انهن کي سيڪيورٽيءَ سميت سڀئي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، انهن ڪئمپن ۾ مقامي ماري (نوڪر) ڍٻيون ٺاهي عربن لاءِ باز جهلين ٿا، جن مان هڪ هڪ جي قيمت 5 لکن کان 50 لکن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪروڙين ٿي وڃي ٿي. باز جهلجڻ کانپوءِ ان کي تلور جي شڪار جي تربيت ڏئي سنڌ جي جابلو ۽ ميداني پٽن يا تلور جي ڏس مليل علائقن ۾ لاٿو ويندو آهي، جتي عرب سڳورن جون پهرين ئي ڪئمپون قائم ٿيل هونديون آهن، پوءِ تلور جي شڪار دوران هن جانور سان جيڪو حشر ڪيو وڃي ٿو اهو به هڪ وڏو الميوآهي، جڏهن ڪو مخبر خبر ڏيندو آهي ته فلاڻي جاءِ تي تلور ڏٺي وئي آهي ته عرب/ماري لينڊ ڪروزر گاڏيون ۽ باز کڻي وڏي جلوس سان اوڏانهن روانا ٿيندا آهن، ايئن تلور کي بي رحماڻي طريقي سان چيري ڦاڙي ماريو ويندو آهي، ۽ ستم ظريفي ته اها آهي ته هن سڄي انسانيت کي لڄائيندڙ سرگرميءَ کي شڪار نه پر گيم جو نالو ڏنو ويندو آهي ۽ ان گيم ۾ وائلڊ لائيف اداري جا ڪامورا ۽ گيم واچر به گڏ هوندا آهن، ايئن اها قدرتي سونهن، جيڪا هزارين ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري ست سمونڊ جهاڳي اچي سنڌ کي سونهن بخشي ٿي اها تاراج ڪئي ويندي آهي، عرب پهرين فقط تلور ۽ باز جي شڪار تائين محدود هوندا هئا پر ڪجهه سالن کان اهي ڍنڍن تي لهندڙ پکين خاص ڪري بدڪ، ڊگوش ۽ ٿرانڊي وغيره جو به وڏي تعداد ۾ شڪار ڪن ٿا. اهو سلسلو صرف اتي ختم نٿو ٿئي پر جيئن اڳ ڪينجهر، منڇر يا هاليجي ڍنڍن جي مڇي کڻي وڃبي هئي ته حڪمران ۽ ڪاموري کان نوڪريءَ سميت ڪهڙو به ڪم وٺي اچبو هو، اهڙيءَ طرح هاڻي هر ڪو انهن ناياب پکين جو تحفو کڻي وڃي ٿو، هڪ ماريءَ جي چوڻ مطابق مارڻ کان پوءِ پکين کي ڇلي گوشت جي صورت ۾، ڪراچيءَ کان وٺي اسلام آباد تائين اثر وارن ماڻهن ۽ حڪمران طبقي کي موڪليو وڃي ٿو ۽ وڏين وڏين گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ ان گوشت کي تحفو سمجهيو وڃي ٿو. انگن اکرن مطابق ڪجهه سال اڳ تائين هتي ايندڙ پکين جو تعداد 8 کان 10 لکن تائين هوندو هو، جيڪو هاڻي گهٽجي، اڍائي ٽي لک ٿي ويو آهي. گهٽجندڙ مقدار جو هڪ سبب انڌاڌنڌ شڪار آهي ته ٻيو سبب موسمي ۽ ماحولياتي تبديليون آهن، سائنسي تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هتي اچڻ دوران پکن جي ڪافي جنسن جي بريڊنگ جو وقت هوندو آهي، جيڪي هتي بيضا ڏئي ٻچا ڦوڙي پاڻ سان وٺي وڃن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان بيدن ۽ ٻورانيءَ واريون ماديون مارين جي شڪار ۾ مارجي وڃن ٿيون ۽ انهن جي نسلي واڌ ويجهه جو سلسلو ختم ٿي وڃي ٿو. ماحولياتي تبديلين ۾ وري مناسب مقدار ۾ برساتن جو نه پوڻ، پاڻيءَ جو گهٽ اچڻ ۽ آبي گدلاڻ وغيره آهن، جيئن ته انهن پکين جي کاڌ خوراڪ جو دارو مدار به ڍنڍن ۾ ٿيندڙ گاھ ۽ فلورا تي هوندو آهي، ان ڪري آبي گدلاڻ جي ڪري انهن ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ پکين کي گهربل کاڌ خوراڪ ۽ صاف پاڻي نٿو ملي، سنڌ جي هاليجي ۽ حمل ڍنڍون ته هاڻي اهڙي حيات کان بلڪل محروم ٿي چڪيون آهن. سنڌ جو اهلِ علم ۽ ماحوليات توڙي جهنگلي جيوت ۽ فطرت سان انسيت رکندڙ طبقو ان صورتحال تي سخت پريشان آهي. حڪومت ۽لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هن طرف ڌيان ڏئي پاڻيءَ جي ذخيرن جي بحالي ۽ بي زبان جانورن/پکين جي بچاءَ لاءِ اُپاءَ وٺن، ڪورٽ جي ڏنل فيصلي مطابق بااثر توڙي عرب ملڪن جي شهزادن کي ڏنل شڪار جا لائسنس ۽ اجازت نامه رد ڪيا وڃن. جيڪڏهن سفارتي لاڳاپا رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان لاءِ هڪ واضح طريقيڪار هئڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان جي ڌرتي ان فطرتي سونهن کان هميشه محروم ٿي وڃي.
ڪورٽ فيصلوڪيوهو پکين خاص ڪري تلور جي شڪار جي پابندي جو. معاملو اتي پهتو جو عرب امارات وارن پنهنجي ملڪ مان پاڪستانين کي تڙي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت ڪورٽ کي چيو ته اهو فيصلو سندن اختيار کان ٻاهر ۽ اسان جي سروائيول جو آهي ..... بس پوءِ اڃان به وڌيڪ تيزي آئي شڪار ۾