شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
کڻي بي قراريون اچي پيو ڊسمبر
لُٽي ڄڻ بهارون اچي پيو ڊسمبر
جتي شام ويلي هيا ٽهڪ مُرڪون
هئي خوشبو خوشين جي ۽ هوائون پئي مهڪيون. کڻي اڄ اداسيون اچي پيو ڊسمبر
لُٽي ڄڻ بهارون اچي پيو ڊسمبر
اُهي نيڻ دلڪش ۽ نگاهون اوهانجون
ٿيون پل پل ستائن ادائون اوهانجون هيون جيڪي اڻکُٽ غزل جون نشانيون کڻي سي ڪهاڻيون اچي پيو ڊسمبر
لُٽي ڄڻ بهارون اچي پيو ڊسمبر
وفا هي حياتي وئي رات بڻجي ۽ ان ۾ پرين جي وئي تات بڻجي ڇڻيل گل کي ڄڻ, لتاڙڻ لئي ٻيهر
کڻي ڪي جدايون اچي پيو ڊسمبر
لُٽي ڄڻ بهارون اچي پيو ڊسمبر...
وفا شيراز نظاماڻي