شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان ....
ان کان پهرين جو جذبا برف بڻجي وڃن،
خيال خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن،
سوچ سرد راتين جو سناٽو بڻجي وڃي،
مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان..
ان کان پهرين جو تون ڪنهن وسريل يادن جو طوفان آڻين،
من اندر جي بيقرار ڪيفيتن جي ننڊ ڦٽي،
ڪو جلاد ڪنهن خوبصورت خواب کي ڦاهي چاڙهي،
مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان...
ان کان پهرين جو سمنڊ ۾ شور ٿئي
۽ واچوڙا وجود کي ويڙهي وٺن،
ويندڙ سال جو سج به لهي وڃي هر ياد ڊهي وڃي،
مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان...
ان کان پهرين جو نيڻن ۾ ڪي نوان سپنا پوکجن ۽ اُهي بهار بجائي خزان جو کاڄ بڻجن،
رات جي سانت ۾ ڪو اڪيلو مسافر ڪنهن بي درد شهر ۾ ڀٽڪي پوي، نيڻ سُڏڪي پون لڙڪ اُٿلي پون
ورق ڊائري جو ´وفا` ڪو اڌورو رهي، لفظ بي وفائي جي ڪا شڪايت ڪرن،
مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان..
مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان...
وفا شيراز نظاماڻي