شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
ڪي لفظ هئا جن کي لکڻ جي آرزو هئي
ڪي خيال هئا جيڪي ڌُنڌلا عڪس بڻجي ويا ڪجهه خواب جن کي صرف خواب نه رهڻو هو ڪجهه ته هو جيڪو نه ٿيڻو هو
سڀ ڪجهه هو پر ڪجهه به نه پئي لڳو
پنهنجي وجود کي لاپتا محسوس ڪري ڏسڻ جو احساس ڪيڏو نه مشڪل هو. پر حقيقتن جو زهر پيئڻ به وقت جي ضرورتن منجهان هڪ آهي ماضي جو روح ڀٽڪي ٿو حال ۾
ڪجهه سوال پنهنجي پاڻ کان نه پڇجن ته بهتر آهي بس ڪاغذ تي اُتاري ڪجهه پل لئي اکيون بند ڪري ڇڏجن ۽ سوچن کي فضا ۾ اڪيلو ڇڏي ڏجي
متان کن پل لئي ڪا روح کي راحت ملي يا ڪا خيالي چاهت ملي
وفا شيراز نظاماڻي