شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
ڀڳل جام جهڙي حياتي اسانجي
رٺل شام جهڙي حياتي اسانجي
نه بارش جي رمجهم نه گگن ۾ ڪو بادل..
رهيو ٿر اکين جو اڃايل اڃايل...
نه جيون ۾ ڪوئي مليو همسفر هو
لڳو بي سبب زندگي جو سفر هو
هئي ڄڻ اڌوري ڪهاڻي اسانجي
ڀڳل جام جهڙي حياتي اسانجي
اوهان ياد بڻجي ويا رهجي اندر ۾ ڪوئي عڪس بڻجي ويا رهجي اکين ۾
اسان ٿر جو ڪو سڪل وڻ هئاسين
هئي وڍيل لام جهڙي جواني اسانجي
ڀڳل جام جهڙي حياتي اسانجي
ٽٽا خواب سارا اسانجي خوشين جا
نه رهيا ڪي سهارا اسانجي خوشين جا
وفا ڇا لکجي لکيل قسمتن تي
ڪجي ڇا شڪايت رٺل قسمتن تي
نه هو رستو اسان جو نڪي ماڳ منزل
هئي گمنام جهڙي حياتي اسانجي
ڀڳل جام جهڙي حياتي اسانجي
رُٺل شام جهڙي حياتي اسانجي
وفا شيراز نظاماڻي
رٺل شام جهڙي حياتي اسانجي
نه بارش جي رمجهم نه گگن ۾ ڪو بادل..
رهيو ٿر اکين جو اڃايل اڃايل...
نه جيون ۾ ڪوئي مليو همسفر هو
لڳو بي سبب زندگي جو سفر هو
هئي ڄڻ اڌوري ڪهاڻي اسانجي
ڀڳل جام جهڙي حياتي اسانجي
اوهان ياد بڻجي ويا رهجي اندر ۾ ڪوئي عڪس بڻجي ويا رهجي اکين ۾
اسان ٿر جو ڪو سڪل وڻ هئاسين
هئي وڍيل لام جهڙي جواني اسانجي
ڀڳل جام جهڙي حياتي اسانجي
ٽٽا خواب سارا اسانجي خوشين جا
نه رهيا ڪي سهارا اسانجي خوشين جا
وفا ڇا لکجي لکيل قسمتن تي
ڪجي ڇا شڪايت رٺل قسمتن تي
نه هو رستو اسان جو نڪي ماڳ منزل
هئي گمنام جهڙي حياتي اسانجي
ڀڳل جام جهڙي حياتي اسانجي
رُٺل شام جهڙي حياتي اسانجي
وفا شيراز نظاماڻي