• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آئون تاريخ جي ڪتابن مان پنهنجا ٽڪرا گڏ ڪري رهيو آهيان.....

sarmadjosh

سينيئر رڪن
آئون تاريخ جي ڪتابن مان پنهنجا ٽڪرا گڏ ڪري رهيو آهيان
ڪجھ مورخن جو خيال آهي ته منهنجو شجرو
اوڀر ۾ هڪ سمنڊ سان ملي ٿو

عمر ۾ آئون موهن جي دڙي کان ڪيترا سال وڏو آهيان
اڃا اهو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي
ويدن ۾ منهنجو به ڪنهن جاءِ تي ذڪر آيل آهي
تنهن زماني ۾
آئون پيار ۽ وڇوڙي جو ديوتا هوندو هئس
جيڪڏهن منهجي مورتي ڪٿان هٿ آئي ته ان پوڄارڻ جي هٿن جا لمس به جيئرا هٿ اچي سگهن ٿا
جنهن جون اکيون
جنگ ختم ٿيڻ واري لمحي جيتريون اداس ڪندڙ هونديون هيون
هن جي هٿن ۾ اچي
اڳ ۾ ڪيترن ئي مجسمن ۾ ساھ پئجي چڪو هو

هڪ قد آدم تصوير ۾
گمان جي اک
مونکي ڪيترا ڀيرا ڳولي لڌو ۽ يقين جي اک وڃايو آهي
پر چهري جي مماثلت ڪا اهميت نه رکندي آهي
آئون پنهنجي نسل مان ڪنهنکي به ياد نه رهيو آهيان
جنهن پٿر ته ان سنگتراش ڇوڪريءَ منهنجي شبيھ اڪيري هئي
ان جبل جو اڄ ڪنهن به صحيفي ۾ اشارو نٿو ملي

۽ وقت مون تي چٿرون ڪري ٿو
ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾
ٿي سگهي ٿو ته آئون ڪنهن پاڳل خاني ۾ پاڻ کي مڪمل حالت ۾ ڳولي هٿ ڪريان...!!
ايوب گل
 
Back
Top