بڻياندو ويل نه آھي وڄائيندو

'مختلف موضوع' فورم ۾ محمد علي (مئڪش) طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2015۔

  1. محمد علي (مئڪش)

    محمد علي (مئڪش)
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 نومبر 2015
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    131
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ھا......افسوس.... دنيا جون قومون ڀل ڪيتريون ئي ترڪي يافته ھجن پر ھنن پنھنجي روايتن کي زنده رکيو آھي .......!! ۽ پنھنجي ڪارنامن کي محفوظ رکن ٿا.... دنيا ڪيڏي نه ترڪي ڪئي آھي ، جڏھن انسان چنڊ يا مريخ تي پھتو جتي انسان وڃڻ جو سوچي به نه پيو سگھي ....!! سمنڊ جي تح ۾ ھر شيءَ کي ڳولھي لڌو ،، پھاڙن کي سر ڪيو ، زمين جا خزانا کوٽي نروار ڪيا، مطلب ته اھي شيون ايجاد ڪيون جن جو انسان جي سوچ ۾ ئي ڪون ھيون ،، وڏي ڳالھ سٽ لائيٽ به ان وڏي اھميت رکي ٿي ...!! ان کان وڌيڪ ڪاميابي ڪھڙي ٿيندي ...؟ جيڪو ماڻھو جي تصور ۾ نه ھجي ۽ اھو ڇرڪائيندڙ ڪم ڪو ڪري ڏيکاري ...!! پر پوءِ به ان جي باجود انھن ترڪي يافته قومن پنھنجي تھذيب کي نه ڇڏيو ... ۽ پنھنجن رسمن رواجن کي زنده رکيو پيون اچن ...!!
    اڄ صبح جو ھڪ اتفاق ٿيو جو آءُ جيئن مضمون لکڻ ويٺس ته دل ۾ خيال آيو ته جيڪر ڪجھ منٽ فيس بوڪ جو ديدار ڪريان ، اھو به ھڪ قسم جو نشو آھي، جنھن دنيا جي ڳچ حصي کي موالي بڻائي رکيو آھي ، نه ڪم نه ڪار ،، بس سڄو ڏينھن فيس بوڪ .....!!! خير ،، آءُ جڏھن پنھنجي فيس بوڪ جي آءِ ڊي کولي ته سڀ کان پھريان سائين بيدل صاحب جي سوجھرو وڊيو کان شيئر ڪيل ھڪ وڊيو تي نظر پئي جيڪا موھين جي دڙي جي وڊيو 1957 ۾ بي بي سي وارن جي ٺاھيل ھئي ،، مون جڏھن اھا ڪلپ ڏٺي ۽ ان وقت جي اصل شيون جن کي پڪچرائيز ڪيو ويو ۽ جنھن انداز ۾ پڪچرائيز ڪيل ھو اھو ڏسي منھنجو اندر جھري پيو........ ھا...........واھ ڙي موھين جي دڙي جا سنڌي تنھنجي عضمت ....!! سلام آ توکي ۽ تنھنجي تھذيب کي جو ڌاريا پيا تنھنجي واکاڻ لاءِ پنھنجو وقت صرف ڪن توتي ڪم ڪري فخر ڪن ...........!!
    اڄ سنڌ ۽ سنڌن کي ڏسي منھنجي دل رت جا ڳوڙھا روئي رھي آھي .. ائين ڇو آ؟؟؟ ٻيا سڀ سکيا گھمندا وتن ٿا ،، سنڌ ۽ سنڌن کي ڦريون لٽيون بوسڪي جا وڳا ۽ انگش ھائوس جا بوٽ پاتيون بنا ڪنھن سوچ جي موج مستي ڪندا ٿا وتن ،، نه صبح جي ڳڻتي ، نه شام جو فڪر ، ڪٿي رات گذري ڪٿي شام ٿي ، ڄڻ ھي ته ھتي گھمڻ آيا ھجن ......!! سنڌ سان ته ھنن جو ڄڻ ڪو واسطو ئي ڪونھي.....!!
    ھر قوم پنھنجي ھيرن کي ياد رکي ٿي ۽ انھن جا ڏينھن وڏي ادب ۽ احترام سان ملھائن ٿا ،، جنھن ڪيئي مثال اسان جي پنھنجي ئي ديس ۾ موجود آھن.... ڀلا اھي جيڪي اھي جشن ڪن پيا ڇا اھي ڪنھن ٻي ملڪ کان آيا آھن..؟ جن جي سنڌ تي حڪومت آھي ؟؟ يا اھي سنڌن جي روپ ۾ ڌاريا آھن ؟؟ جي نه ته پوءِ اھا سڌي سئين ٻيائي کوري آ،، ته ھڪ جي مٿان تاج محل ٺھرايا وڃن ۽ ھر سال انھن جي ورسي تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا وڃن ۽ ٻين ھيرن جي مٿان ڪنھن وڻ جي ڇانو به ڪون ھجي ،، ٿي سگھي ٿو ته منھنجي ڳالھ ڪنھن ڏکي لڳي پر جي سوچيو ته اھو سچ آھي،،
    ھيرا ته سڀ ھيرا ھوندا آھن جيڪي ھار۾ پرويل ھوندا آھن ، انھن ۾ ڪوئي ڪنھن کان گھٽ ڪون ھوندو آھي،، ۽ ھرن جي ھار جو مالڪ جڏھن ان کي ٽجوڙ يا صندوق ۾ رکندو آھي ته ائين ڪون ڪندو آھي ان ھار مان ڪي ھيرا صندوق کان ٻاھر لڙڪائي ڇڏيندو ھجي ، ھن کي ته سڄو ھار پيارو ھوندو آھي ....!پر ھتي ائين ڪونھي ھي ھيرو اسان جو آھي ، ھُو ھيرو ڦلاڻن جو آھي ، ان ڪري ڦلاڻا ان جي ديک ڀال ڪن .. زمين ساڳي، مقصد ساڳو ، پوءِ ان جي شھيدن ۾ فرق ڇو ؟؟ ھر سنڌي کي پنھنجي قومي ھيري جو احترام ڪرڻ کپي، جي ائين نه آھي ته پوءِ انھن جي سنڌيت ۾ شڪ آھي جيڪي سنڌي ته سڏائن ٿا پر سنڌ سان سچا ڪون آھن ، ھڪ ڌارئي جي دڙڪي تي ڪرسي تان لھي پَٽَ تي ويھي رھڻ اھا نشاني اقدار جي حوس جي نشاندھي ڪري ٿي....
    اسان جي سنڌ جا قديمي حصا يا ته تباھ ٿي چڪا آھن يا تباھي جي ڪناري تي پھتل آھن، ياوري اھي عام ماڻھن کي الاٽ ڪري ڏنا ويا آھن جتي انھن ماڻھن انھن ماڳن تي ٽريڪٽر ھلائي انھن ماڳن کي ڊاھي اتي پوک ڪرڻ شروع ڪري ڏني آھي ،، ۽ اھي قديم ماڳ زرعي زمين ۾ بدلجي ويا آھن،، ان جو ذميوار ڪير آ؟؟ ڇا اھا ذميواري انھن حڪمرانن جي نه آھي جيڪي عيوانن ۾ ويٺا سنڌ جا پئسا بيجا وڃائي رھيا آھن ۽ ھاسٽلن ۾ اعيش ڪري رھيا آھن، ۽ انھن ڦٽل ماڳن جن کي عام ماڻھن کي الاٽ ڪري ڇڏيو آھي ، ڪاغذن ۾ انھن جي رپئر جون ڳريون رقمون سينڪشن ڪري پنھنجا محل ٿا ٺاھن...!!
    اسان جي برِ صغير کي سدائين پنھنجي گھر مان ئي لڳي آ ، جيئن ھاڻي لڳي پيئي ،، ٽيپو سلطان کي مير جعفر مير صادق مان لڳي، ٽالپرن لاءِ به ڪھاوت آ ته ”ميرن کي گھران لڳي‟،،، اھڙا گھڻائي مثال آھن ، سنڌ جي حاڪمن سنڌ لاءِ ڇا ڪيو آھي؟؟ سدائين ڌارين جي اشارن تي نچندا رھيا آھن ، ڪلھوڙن صوفي شاھ عنايت کي ڦاھي چاڙھيو مغلن جي اشارن تي ، مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ي پيڙھايو ، ڪيترائي وطن پرست ائين سڌي حاڪمن مارائي چٽ ڪيا،،اڄ به ساڳو ئي رويو اٿن، بس جي خيال اٿن ته پنھنجي جاگيرن ٺاھڻ جو ،،، ھر پاسي کان اھڙي صورت حال پيدا ڪئي ويئي آھي جو ڪنھن کي ڪنھن پاسي سوچڻ جو وقت ئي نه ملي ۽ اسان پنھنجي من مانيون ڪندا رھون،، عوام جي ھر بنيادي حق تي ڌاڙو ھنيون ويٺا آھن ۽ عوام نڌڻڪن وانگي وتي ٿو رڙيون ڪندو...!
    ادا جن جو ڪيو سو تاريخ ۾ محفوظ آھي ڪي غدار ٿا سڏجن ڪي ھيرا ٿا سڏجن مئرخ ڪنھنجا مائٽ ھجن ۽ ڪنھن غدار کي ھيرو لکي ڇڏن ته ڪائي وڏي ڳالھ ڪونھي سچ ته سچ آ.... جنھن جي جيڪا حيثيت آ اھا تاريخ جي ورقن تي ظاھر آ،، پر سنڌي ۾ ھڪ ڪھاوت آ ”بڻيائتو ويل نه آھي وڃائيندو‟،،،
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 نومبر 2015

هن صفحي کي مشهور ڪريو