• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مومل راڻو سوڍا تُهِجَي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سوڍا تُهِجَي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون
راڻا ! رِهاڻِنِ جا، مارِينِمِ مَذِڪُورَ
طَعنا ڏِينِمِ تُورَ، اَچُ تَہ پَرِچُون پاڻَ ۾


سُرُ مُومَلَ راڻو

تُهِجَي = تنهنجي
سُورَ = ڏک، غم
اَندَرِ = دل ۾، بدن ۾
آڳِيُون لائِيُون = باهيون ٻاريون
رِهاڻِنِ = ڪچهرين، محبتن، صحبتن
مارِينِمِ = مارن ٿيون
مَذِڪُورَ = پچارون، يادگيريون، ساروڻيون
طَعنا = مِهڻا، ٽوڪون
ڏِينِمِ = ڏين ٿيون، مون کي ٿيون ڏين
تُورَ = هڪجيڏيون، سهيليون، سنگتياڻيون، سرتيون

بيت جو پس منظر

~ او سوڍا ! تنهنجي ڏک منهنجي بت ۾ باهيون ٻاري ڇڏيون آهن.
~ او راڻا ! توسان ڪيل رهاڻيون ياد ٿيون پون تہ ساھ سُڪي ٿو وڃي.
~ هاڻي تہ سرتين مهڻا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، سو موٽي اچ تہ پرچي پئون.

سمجهاڻي

محبوب سان گهاريل پيار جا پل ۽ رهاڻيون جڏهن ياد پونديون آهن تہ، جيءُ جُهري پوندو آهي ۽ اکڙين جا بند ڀڄي پوندا آهن.
راڻو روزاني رات جو ڍٽ مان اٺ تي چڙهي مومل سان ملڻ لاءِ ڪاڪ محل ايندو هيو.پر ڪنهن شڪ پوڻ تي رُسِي، ڪاوڙجي هليو ويو آهي. تڏهن مومل هنجون هاريندي چئي ٿي:
او سوڍا ! تنهنجي وڇوڙي جي ڏک منهنجي دل ۽ بدن ۾ باهيون ٻاري ڇڏيون آهن. رات کان پرھ ڦٽيءَ ويل تائين توسان ڪيل ڪچهريون ۽ رهاڻيون ياد ڪري منهنجو ساھ سُڪِي ٿو وڃي. هاڻي تہ سهيلين مهڻا ڏيڻ شروع ڪيا آهن تہ راڻو توکان هميشھ لاءِ ڪاوڙجي ويو آهي، وري ڪڏهن واپس ڪونہ ايندو.
او راڻا ! توکي قسم آهي منهنجي پيار ۽ پريت جو، ڪاوڙ ڇڏي جلد موٽي اچ تہ وري پاڻ ۾ پرچي وڃون.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top