• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صرف الله ......

صرف الله .......

نه ئي ڪو ديوتا آهي نه ئي ڪو آ هتي ڀڳوان
هي تنهنجي سوچ ستياناس ڀلائي ٿو توکي شيطان
هو الله هو ،اڃا آهي ۽ رهندو جو هميشه هت
اهو ئي هڪ آهي جنهن جي تون ڪر عبادت اي انسان
وجهي هو وسوسا توکي ڪري غافل ٿو الله کان
اهو ابليس دشمن ٿي سمجه سائين نه ٿي بيمان
ستارا چنڊ پيدا ڪيا ڪروڙين مخلوق هن موليٰ
ڪيو پيدا جهان سارو جو سڀ جو رب آهي رحمان
ڪيائين خاص پيدا هت منهنجو محمد مٺو مرسل
اهو ئي ٻن جهان رحمت اهو ئي آبيان فرقان

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top