سنڌو لکت جي علامتن جي ڀڃڻي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌو لکت جي علامتن جي ڀڃڻي

    ڊاڪٽر فهميده حسين

    تازو سوشل ميڊيا تي سنڌو لکت جي ڀڇڻيءَ بابت بحث پڙهڻ جو موقعو مليم جنهن ۾ ”نيچر ڊاٽ ڪام“ ۽ اينشنٽ اوريجنس ڊاٽ نيٽ ۽ ڪن ٻين ويب سائيٽن تان اهڙا ڪي مضمون شيئر ڪيا وياآهن،جن کي ڪي نوان ۽ انوکا تجربا سمجھي, موهن جي دڙي جي مهرن تي اڪريل لکت کي پڙهڻ جي ڏس ۾ نئين ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال بابت خوشيءَ ۽ حيرت جواظهار ڪيو ويو آهي. سنڌ، سنڌي ٻولي، موهن جو دڙو، سنڌو لکت، اهي اهڙا موضوع آهن جيڪي اسان کي يڪدم جذباتي ڪريو ڇڏين ۽ اسين ڀانئيون ته اهڙو ڪو جادو ئي چراغ هٿ اچي وڃي جنهن کي گهڪو ڏيڻ سان سنڌو لکت پڙهجي وڃي.
    آئون پاڻ به پنهنجي ان قومي ورثي تي فخر ڪرڻ سان گڏ ان جي ڀڃڻي (Decipherment) بابت جديد تحقيق کي پڙهندي رهندي آهيان ۽ ان تحقيق ۾ حصو وٺندڙن مان ڪن سان اي ميل تي رابطا به اٿم ۽ ڪڏهن ڪڏهن هنن کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت رايا ۽ نظريا موڪليندي رهندي آهيان.
    هندستان ۾ هڪڙو تامل اسڪالر ڪليا نارامائن اڄڪلهه مون کي پنهنجي رسرچ جا نتيجا موڪليندو رهندو آهي ۽ سنڌو لکت جي نشانين کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪندي ڪي لفظ شيئر ڪندو آهي ته متان ڪٿان انهن جي معنيٰ ملي پوي. سو تازو هن هڪڙو لفظ سنڌو لکت مان ڀڃڻيءَ طور موڪليو، جنهن جي پڙهڻي هن رومن ۾ Patan ۽ ديو ناگري- هنديءَ ۾ ”پتڻ“ لکي، جنهن جي معنيٰ ڪيائين ”درياهه ڪناري بيٺل ٻيڙي“ . مون هن کي لکيو ته توهان جي پڙهڻي جن اهڃاڻن تي ٻڌل آهي، انهن مطابق توهان گهڻو ويجھو پهچي وياآهيو پر اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ”پتڻ“ جي معنيٰ درياهه جو اهو گهٽ يا گهيڙ آهي جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهبو آهي (۽ نه ٻيڙي) جنهن کي هنديءَ ۾ گهاٽ ۽ انگريزيءَ ۾ Quay چئبو آهي. گڏوگڏ مون هن کيس اهو به لکيو ته توهين انهن لفظن کي تامل ۽ تيلگوءَ ۾ پيا ڳوليو ڇو ته توهان جو خيال آهي ته ان ۾ ڪا پروٽو-دراوڙي ٻولي لکيل آهي، پر منهنجي صلاح مڃو ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به ڳوليو ڇو جو اها ان خطي جي ٻولي آهي. جتان اهي مهرون ۽ اها لکت ملي آهي.
    جيتوڻيڪ اسين سمجھون ٿا ته اها ٻولي ”پروٽو سنڌي“ هوندي يعني سنڌيءَ جي ڪا آڳاٽي صورت پر تڏهن به جيڪڏهن توهان ان کي پروٽو دراوڙي به سمجھي پڙهو ٿا ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ضرور شامل ڪريو، ائين ئي اڪثر اسڪالرن سان اي ميل تي رابطي ۾ رهندي آهيان.
    هڪ ٻيو هندستاني اسڪالر سنجي سونا واني نالي آهي، انهيءَ جو نظريو ساڳيو ادا سراج وارو آهي ته آڳاٽي سنڌي ٻولي اڳ هئي. سنسڪرت ٻولي پوءِ اسري ۽ ٺهي آهي. ويدن ۾ لکيل ٻولي سنڌو ماٿريءَ جي ڪنهن ٻوليءَ مان سڌاري سنواري ٺاهي وئي هئي. هن اسڪالر کي مون ادا سراج جا انگريزي ڪتاب به اماڻيا هئا ۽ هن به پنهنجي تحقيق ڏياري موڪلي آهي. مون سندس نالو سگا طرفان ڊسمبر ۾ رٿيل عالمي ڪانفرنس لاءِ تجويز ڪيو هو، جنهن کي قبول ڪري کيس دعوت ڏني وئي آهي.
    سو مون ڳالهه پئي ڪئي سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث جي. جڏهن مون ان ۾ ڏسيل ليک پڙهيا ۽ سندن تحقيق بابت انهن ويب سائيٽن تي وڃي اڀياس ڪيم ته خبر پئي ته اها سموري تحقيق 2012 تائين ٿيل تحقيقي جو وچور هئي. اينڊريو رابنسن نالي ماهر جو مقالو 20 آڪٽوبر 2015 جي تاريخ تي رکيل آهي، جنهن ۾ هن سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ بابت هيستائين ڪيل ڪوشش کي ڳڻايو آهي ۽ صرف ڪي تجويزون ڏنيون آهن، لکت جي ڪا ڀاڃ ڪا نه ڪئي ا ٿس، هن ويلر، فيئر سروس، پارپولا، ايس آر. رائو، فارمر، اسپروٽ ۽ وزل يا راجيش رائو وغيره جي ڪتابن ۽ مقالن واري ڪم کي ورجايو آهي.
    2012 ۾ اها سموري تحقيق انٽرنيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري مون ترجمو ڪري هڪ ڪتاب ۾ ڇپائي هئي جنهن جو نالو آهي ”سنڌو لکتِ ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق“. انهيءَ ڪتاب ۾ مون اشارو ڏنو هو ته ڪمپيوٽيشنل لنگئسٽڪس جي ذريعي مختلف سافٽ ويئرن ۽ ماڊلن تي ڪم ڪندي هڪ ماڊل ”مار ڪوف“ جي ذريعي ڪمپيوٽر پروگرامنگ ۾ آٽوميٽڪ ڪوڊنگ سسٽم ”فورٽران“ (Fortran) جي مدد سان سنڌو لکت جي علامتن کي پڌرو ڪرڻ (Decoding) خاطر وڌو ويو، جنهن ۾ انهن علامتن جي ترتيب (sequence)، تنظيم (order) ورجاءُ يا تڪرار (frequency) ۽ مهرن جي شروعات ياآخر ۾ ايندڙ نشانين جي نوعيت وغيره جي نمونن (patterns) کي داخل ڪري حسابي نتيجن جا فارمولا يا ”الگوريٿم“ حاصل ڪيا ويا، پوءِ وري انهن کي مختلف ٻولين سان لاڳو ڪري ڏٺو ويو ته اهي ڪنهن سان ٿا ميل کائين. هنن ان ۾ جيڪي ٻوليون وڌيون انهن ۾ قديم سميري،سنسڪرت، قديم تامل ۽ جديد انگريزي ٻوليون داخل ڪيون ويون.
    تحقيق ڪندڙن کي معلوم ٿيو ته اها هڪ باقاعدي ٻولي آهي، جنهن جي لفظن اندر اکرن جي ترتيب ۽ لفظن جي وچ ۾ گرامر جي تنظيم موجود آهي، پر ٻولي ڪهڙي آهي، نه اهو ظاهر ٿيو ۽ نه ئي ڪو لفظ پڙهجي سگهيو. هنن سامي، آريائي، دراوڙي ۽ اينگلو سيڪسن خاندانن جون ٻوليون ته فيڊ يا داخل ڪيون پر سنڌو ماٿريءَ جي ڪا به ٻولي داخل نه ڪئي، جتان اهي مهرون هڙپا ۽ موهن جي دڙي مان لڌيون هيون. جيستائين سنڌي سرائڪي ۽ هن خطي جي ٻولين کي ان ۾ داخل نه ڪيو ويندو تيستائين هو انڌن وانگر اوندهه ۾ هٿراڙيون ڏيندا رهندا.
    مون ان ڪتاب ۾ به ڏک جو اظهار ڪيو هو ۽ اڄ به ڪريان ٿي ته ڪاش اهڙي ڪنهن تحقيقي ٽيم ۾ ڪو سنڌي به شامل هجي، جيڪو لفظن جي پڙهڻين کي سنڌيءَ طور سڃاڻي. جڏهن ڍڳي گاڏيءَ کان وٺي اجرڪ، زيورن بوڙيندي سميت ڪيترين ٻين لڌل شين جو تسلسل اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي ته پوءِ موجوده سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن آڳاٽي”ماءُ ٻوليءَ“ جا اهڃاڻ ڇو نه هوندا؟ اسان جي ڪلچر ۽لوڪ ادب ۾ شايد اهڙا اهڃاڻ ملي پون، پر اهو ڪم ڪير ڪري؟ مون کي ان ڳالهه جي ڏاڍي احساس محرومي آهي ته ڪاش مون وٽ ڪمپيوٽيشنل لنگئسٽڪس جي ڄاڻ هجي ها، يا صرف ڪمپيوٽر جي مختلف پروگرامن جي تعليم هجي ها ته آئون انهن سان شامل ٿي وڃن ها، پر اسان جي ٽهيءَ کي انهيءَ ٽيڪنالاجيءَ جي نعمتن کان محرومي نصيب ٿي، پر اهڙي آس ته ڪري ٿي سگهان ته هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪي نوجوان ڪمپيوٽر جي مختلف سافٽ ويئرن، پروگرامنگ ۽ ايپليڪيشنس وغيره تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن مان ڪو ان ڳالهه کي سمجھي ۽ ان تحقيق جو حصو بڻجي وڃي. مون کي جيڪي نالا سجھن ٿا انهن ۾ امر فياض ۾ اهڙي صلاحيت آهي اهو ان ميدان ۾ گهڙي سگهي ٿو، ٻين نوجوانن مان جمال ناصر چارڻ، شبير ڪنڀر، علي حسن ملاح، محمد سليمان وساڻ، نويد ميمڻ، سيما ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترا سنڌ جي يونيورسٽين جي آءِ ٽي شعبن ۾ پڙهندڙ شاگرد ان ڏس ۾ ڪي ڪوششون ڪري سگهن ٿا. ملڪ کان ٻاهر مختلف يونيورسٽين آءِ ٽي پڙهندڙ يا خود لسانيات ۾ ماسٽرس ڪندڙ سنڌي شاگرد يا شاگردياڻي جيڪي ڪمپيوٽر پروگرامنگ جي ڄاڻ رکن ٿا، اهي هن ڏس ۾ پنهنجون خدمتون آڇي سگهن ٿا.
    اسان جي سنڌي بزرگن مان سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ جي ڏس ۾ ادا سراج بنهه بنيادي هڪڙي ڪوشش ڪئي هئي، ٻئي اسان جي محترم بزرگ سائين عطا محمد ڀنڀري تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، ڪيترن ماهرن جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ کانپوءِ پنهنجا ڪتاب به لکيا. سندس ان ڏس ۾ آخري ڪتاب 2012 ۾ ”انڊس اسڪرپٽ“ جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو آهي، جيڪو پاڻ مهرباني ڪري پنهنجي هٿن سان مون کي ڏنو هئائين. انهن جي محنتن کي سئو سلام، پر انهن به ڊاڪٽرپرپولاءِ ۽ ڊاڪٽر رائو جي تيار ڪيل ۽ ڇپيل ڏسڻين ۽ فهرستن کان مدد ورتي، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ کان واقف نه هئا. ان ڪري جديد نموني ٿيل ڪوششن مان لاڀ پرائي نه سگهيا. تنهن هوندي به سندن انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن سان گهڻو فرق پوندو ۽ هن خطي جي ٻوليءَ طور قديم سنڌيءَ کي سنڌو مهرن ۾ ڳولڻ جي روايت پوندي پر ڪو اهڙو نوجوان اڳتي اچي به سهي.
    ڊاڪٽر پرپولاءِ، ڊاڪٽر رائو، مسٽر ڪليانا نارامائن جهڙن عالمن جو زور هوندو آهي، هنن مهرن جي لکتن سان گڏ اڪريل نشانين يا تصويرن کي لفظ سمجھي پڙهڻ جي (rebus) نموني تي حل ڪرڻ، جنهن ۾ علامت جي شڪل کي ڪنهن شيءِ يا وٿ سان ڀيٽي ان جي نالي واري اچار يا اکر جو ملهه ڏبو آهي، سو انهن گهڻو ڪري انهن تصويرن کي هندو ديومالا ۾ ڳوليو آهي ۽ انهيءَ ديومالا جي ڪردارن، سندن عقيدن ۽ رسمن سان لفظن کي سلهاڙين ٿا. جيڪا ڳالهه پڻ اصل ٻوليءَ کي لڀي لهڻ ۾ رڪاوٽ آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ڪنهن اڳ سوچيل خيال بدران نون خيالن جي ذريعي اهڙي ڪا ڪوشش ڪجي.نوجوان آءِ ٽي ماهرن ۽ لسانيات جي ماهرن لاءِ هي هڪڙو سڏ آهي، ڏسون ڪير ٿو اونائي؟!

    [​IMG]

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ سٺو آرٽيڪل پڙهڻ وٽان مليو... ميڊم جن لکيو آهي...
    منهنجي خيال ۾ سندن طرفان جنهن ٽيڪنالاجي بابت آگهي ڏني وئي آهي... ان بابت راجيش رائو پڻ هڪ پريزينٽيشن ڏني هئي جيڪا سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جي ويب سائيٽ تي به رکيل آهي... جيڪا هتي اقتباس طور رکجي ٿي...

    راجيش رائو ”سڀني لفظن جي ڳجھن جي ماءُ“ کان تمام گھڻو متاثر آهي. هن پنهنجي ليڪچر ۾ اهو ٻڌايو آهي ته اڄ کان 4000 هزار سال اڳ سنڌي رسم الخط کي ڪيئن سمجھجي. ”ٽيڊ 2011“ ۾ هو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته ڪيئن جديد ڪمپيوٽر جي تڪنيڪن جي مدد سان هو سنڌي اصلوڪي زبان کي پڙهڻ جي لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي جيڪا ڪوشش هن عظيم تهذيب کي سمجھڻ ۾ اهم مرحلي طور ڪم ڪندي

     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏسو شڪلي زبان هر دور ۾ لکي وئي آهي... شايد ان دور جي ماڻهن کي پنهنجو پيغام پهچائڻ جو آسان ۽ معقول طريقو اهو ئي سجهيو هجي.. ۽ ان دور جي لکائي کي سمجهڻ لاءِ ائين ئي سوچيو پيو وڃي جيئن مٿي ٽيڪنالاجي ۾ راجيش رائو ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي..
    عام فهم ۾ جيڪڏهن راجيش رائو جي بنيادي سوچ کي سمجهجي ته ڳالهه ڪجهه هن طرح ٿيندي.. جيئن اڄ ڪلهه دوست واٽس ايپ ميسينجر تي ڪجهه هن قسم جا پيغام موڪليندا آهن...

    [​IMG]
    جواب:
    social
    maths
    english
    physics
    hindi
    geology
    chemistry
    science
    history
    civics
    geography
    geometry
    kannadda
    calculus
    economics​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ميڊم جن قابل ۽ باصلاحيت سنڌين کي اڳتي وڌڻ لاءِ همٿايو آهي.. انهن ۾ اسان جي پياري سليمان وساڻ سميت سنڌ سلامت جا ڪجهه وڌيڪ محترم رڪن پڻ شامل آهن... اسان به ميڊم جي ڳالهه جي حمايت ۽ دوستن کي اڳتي وڌي ڪم اڪلائڻ جو مشورو ڏيون ٿا.. !
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو