• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي ياد ...آزاد نظم

تنهنجي ياد
__________
تنهنجي جهلڪ
جهٽ پلڪ
پو کوڙ سار سور
ڄڻ هجن ناسور
پل پل وڌن پور
پوءِ به ڄڻ سرور
او مغرور
ڇو ٿي رهين ڏور
ڏور به اوڏا سپرين
جي ياد مون ڪرين
ڌيان ڪو ڌرين
جي سڪ مونڏي سرين
پيار ۾ او پرين
سک سمجهان ساه ۾
چاهتن جي چاه ۾
رغبتن جي راه ۾
ڪو رلي پيو وري
تو بن جنهن جي نا سري
حير ۾ پيو حري
سنگتن ۾ سور جنهن
ياد تو کي ڪيو آ تنهن....

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top