• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مليا نه درد ڪنهين کي, شمار کان ٻاهر اسان ئي شهر ۾ آهيون, قطار کان ٻاهر

sarmadjosh

سينيئر رڪن
مليا نه درد ڪنهين کي, شمار کان ٻاهر
اسان ئي شهر ۾ آهيون, قطار کان ٻاهر

اوهان چئو ٿا وساري ڇڏيون اوهان کي پر
مٺا اهو به ته آ اختيار کان ٻاهر

وجود پنهنجي جو قصو به آ عجيب گهڻو
اسان نه يار جي اندر نه يار کان ٻاهر

سموري عمر رهي تنهنجي پار جي چاهت
سموري عمر ڪٽي تنهنجي پار کان ٻاهر

(روپ به مايا, پريت به مايا 2001)
 
Back
Top