ڳچ وقت گذري ويو ڪا به شيء مڪمل ڪري ڇپرائي نه سگھيس. ان سڄي عرصي دوران ڪيترائي اهڙا مسئلا يا اهڙا حادثا ۽ انهن مان پرايل سبق لکي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ليک اڻپورو ئي رهجي ويو. انهن مان ڪجھ الماڙيء جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پيل آهن، ڪي ٽيبل جي ڪنهن خاني ۾ ته ڪي وري ليپ ٽاپ ۾ اڻ ڇپيلَ آرٽيڪلز جي فولڊر ۾ رهجي ويا. ان جو ڏوهه ذاتي مصروفيت کي ڏيڻ بجاء پنهنجي سُستي ۽ ڪاهليء تي ڏيڻ وڌيڪ مناسب رهندو. دراصل ڳالهه اها آهي ته هڪڙا ليکڪ ٿين ٿا موسمي يا شوقين، جن جو جڏهن موڊ ٿيو ته پيا لکندا ۽ پيا لٻاڙون هڻندا. ٻيا ليکڪ وري پنهنجي احساسن کي ٻين جي آڏو پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٽيان ليکڪ وري پروفيشنل ٿين ٿا جن کي مجبوريء تحت لکڻو ئي آهي، پوء اها صرف لکڻ جي مجبوري به ٿي سگھي ٿي يا پيٽ گذر ڪرڻ جي مجبوري به ٿي سگھي ٿي. پر جي ڪنهن هڪ ئي ليکڪ ۾ اهي ٽئي شيون مطلب شوق، احساس ۽ مجبوري موجود آهن ته پوء وڃي پڙهندڙڻ کي ڪا اهڙي شيء ملندي آهي جيڪا واقعي معاشري تي ڪو مثبت اثر ڇڏيندي آهي. تمهيد جام ٿي. هاڻ هن ڪالم لکڻ جي پويان ڇا آهي، شوق، احساس يا وري مجبوري، ان ڳالهه جو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏي اچجي اڄ جي مسئلي، المِيَي يا حادثي جي موضوع تي جنهن ايترن سالن کانپوء اڄ قلم کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هي مسئلو سنڌ ته ڇا پر پوري پاڪستان ۾ رهندڙ انجنيئرن جو مسئلو آهي. ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به يونيورسٽيء کان گريجوئيٽ ٿيل انجنيئر جڏهن پاڪستان ۾ ٿورو گھڻو تجربو حاصل ڪري ٻاهر نڪري ٿو، مطلب ته ڪنهن به عرب ملڪ ۾ يا بيشڪ ڪنهن يورپين ملڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو ته کيس يڪدم هڪ نئين دنيا ملي ٿي جتي روز نوان تجربا ۽ مشاهدا سندس آڏو اچن ٿا. پوء جڏهن هو پاڪستان ۾ نوڪريء دوران گھاريل وقت کي ڏسي ٿو ته سندس دماغ ۾ اها تصوير واضح ٿي وڃي ٿي ته دنيا ۾ پاڪستان جي ڇا حيثيت آهي ۽ پاڪستان جا ماڻهو ڪاٿي بيٺل آهن ۽ باقي دنيا ڪاٿي وڃي نڪتي آهي. ڏهه سال عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ دوران اهو نتيجو اخذ ٿيو ته توهان ايشيا جي ڀلي ڪهڙي به ملڪ کان هجو توهان جيڪڏهن ٻِٽي شهريت وارا آهيو، مطلب ته جيڪڏهن اوهان وٽ ڪنهن يورپين ملڪ جو پاسپورٽ پڻ آهي ۽ توهان انجنيئر آهيو ڀلي پوء ڪو ڪم اچي نه اچي ته توهانکي اُٿندي ئي ايتري پگھار ملندي جيتري ان ملڪ ۾ ڏهن سالن کان ڪم ڪندڙ ڪنهن انجنيئر کي ملندي آهي. هاڻ اها ته ٿي نصيب جي ڳالهه. ڪنهن جي نصيب سان ڀلا ڪهڙو ساڙ. اها ته هر ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهه ناهي ته هو پهريان ڪنهن يورپ جي ملڪ ۾ وڃي ڪو پنج يا اَٺَ سال ڌڪا ٿاٻا کائي پوء اُتان جي نيشنلٽي ملي به يا نه، جي ملي وئي ته واهه واهه نه ته چئي پنهنجي نصيب کي. هاڻ اها ته ٿي Long Term Planning پر هر ڪنهن کي زندگي يا حالات ايترو وقت ناهن ڏيندا جو ايترو وقت سيڙائي. اهو مسئلو پنهنجي جاء تي هڪ وڏو مسئلو ته آهي، پوء ڪير ان مسئلي کي وڏو سمجھي يا نه. ان جو احوال ته اهو ئي ٻڌائي سگھي ٿو جيڪو ان تڪليف مان گذريو هجي ۽ ڏهن سالن کان پنهنجن کان پري ۽ پنهنجي مٽيء کان ڏُور رهي پنهنجي فيلڊ ۾ محنت ڪري ڪو مقام ۽ تجربوحاصل ڪيو هجائين ۽ کيس هڪ ڏينهن اوچتو اهو ٻڌڻ لاء ملي ته هڪ جونيئر پاڪستاني_ڪينيڊين سندس بوس بڻجي هن کان ٻيڻ جي پگھار تي سندس مٿان ويهاريو ويو آهي. پر، ان ڳالهه کان مايوس انجنيئرن لاء ٿوري افسوسَ جي خبر به آهي ته وري خوشيء جي به خبر آهي. افسوسَ جي خبر اها ته انهن ئي شين جي مشاهدي دوران اهڙن پاڪستاني يورپين کي باء پاس ڪرڻ جو هڪ رستو نظر آيو، جنهن سان ڪو به انجنيئر بغير يورپين پاسپورٽ جي به گھٽ عرصي ۾ ترقي ڪري سگھيو ٿي پر ان ۾ به ناڪامي ملي. اهو شارٽ ڪَٽ رستو اهو هو ته جيڪڏهن توهان انجنيئر آهيو ۽ پاڪستان ۾ ٽي چار سال تجربو ڪري ، پاڪستان ۾ رهندي ئي يُو.ڪي جي انجنيئرنگ ڪائونسل مان انجنيئرنگ ٽيڪنيشن (Eng.Tech ، انڪارپوريٽيڊ انجنيئر (IEng.) يا وري چارٽرڊ انجنيئر (C.Eng.) مان ڪنهن به هڪ جي سرٽيفڪيشن وٺي ڪري ٻاهر ڪنهن نوڪريء لاء اپلاء ڪيو ته ڀلا پئسا ملي ٿي سگھيا، ڇاڪاڻ جو انهن سرٽيفڪيشنز خاص ڪري چارٽرد انجنيئر جي سرٽيفڪيشن وارن انجنيئرن جي ٻاهر تمام گھڻي گھرج آهي. قصو مختصر ۽ اچرج بي پناهه ته اسانجي پياري ملڪ پاڪستان جي ڪابه يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪائونسل يُو.ڪي سان سلهاڙيل يا ان اداري کان سڌي يا اڻ سڌي طرح به مُستند ناهي. پر اڃا وڌيڪ حيراني ۽ پريشاني تڏهن ٿي ٿئي جڏهن مُستند يونيورسٽين جي لسٽ ۾ بنگلاديش ۽ گھانا جهڙن ملڪن جون يونيورسٽيون ڏسجن ٿيو. ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي انهن مڙني ملڪن جي يونيورسٽين جي لسٽ موجود آهي جيڪي ان ڪائونسل کان مستند آهن. ان ڪائونسل مان سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ لاء ان يونيورسٽيء جو جتان جنهن به انجننيئرنگ ڊگري ورتي آهي مستند هجڻ لازمي آهي، جيڪا سندن پهرين گُھرج آهي ۽ سندن ويب سائيٽ تي پڻ واضح آهي. هاڻي اها غلطي ان انجنيئر جي ته نه ٿي ته هو پاڪستان جي ڀلوڙ کان ڀلوڙ يونيورسٽيء مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوء اهي سرٽيفڪيشنز حاصل ڪرڻ جو به اهل ناهي. اها ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن وارن جي شايد غلطي نه ٿي، جيڪي هو ڪنهن به ريت قبول نه ڪندا ڇاڪاڻ جو ان اداري کي هلائڻ واري اسانجي گورنمنٽ. پر جي اڃا اونهائيء ۾ وڃي سوچجي ته اها غلطي گورنمنٽ جي به ناهي ڇاڪاڻ جو گورنمينٽ کي آڻڻ وارو ڪير؟ خير ڳالهه کُٽائڻي ته اتي به دال نه ڳري. هاڻ اچجي خوشيء جي خبر ڏانهن ته جڏهن جلد ترقي ڪرڻ جو اهو به جڳاڙ نه لڳو ته پوء پنهنجي مشاهدي جي حدن کي اڃا ڦهلائڻو پيو. خبر اها پئي ته ٺيڪ آهي ڀلي اوهان وٽ انجنيئرنگ ڪائونسل يُو.ڪي کان حاصل ڪيل سرٽيفڪيشنز نه به هجن ته به دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌڻ جا رستا اڃا بند ناهن ٿيا. مٿي بيان ڪيل انجنيئرنگ ڪائونسل مان سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ لاء سندن پهرين گھرج هئي ته يونيورسٽي ان اداري کان مستند هجي، ڪائونسل جي ٻي گھرج اها هئي ته ڪنهن به سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ کان اڳ يُو.ڪي ۾ ئي موجود مختلف انجنيئرنگ جي ادارن، جيئن انسٽيٽيوٽ آف انجنيئنرگ ائنڊ ٽيڪنالوجي، انسٽيٽيوٽ آف هاءِوي انجنيئرس يا انسٽيٽيوٽ آگ سِول انجنيئرس وغيره ۾ ڪجھ فِيز جي عيوض ميمبرشپ هجڻ لازمي آهي. انهن ادارن جي فهرست به انجنيئرنگ ڪائونسل يُو.ڪي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. جيڪڏهن سوچجي ته پنهنجي ته يونيورسٽي ئي ان ڪائونسل کان مستند ناهي جيڪو پهريون ڏاڪو آهي ته پوء ٻئي ڏاڪي يعني مختلف انجنيئرنگ ادارن ۾ ميمبرشپ ڪرائڻ ۽ پئسا ضايع ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت ڀلا؟ ان سوال جو جواب به ملي ويو ته ڀلي کڻي اوهانکي انجنيئرنگ ڪائونسل سرٽيفڪيشن نه ڏئي پر جڏهن اهي مختلف انجنيئرنگ جي ادارن جون ميمبرشپس اوهان حاصل ڪري ورتيون ته به اوهان ڪمايو. ڇاڪاڻ جو انجنيئرنگ ڪائونسل يُو.ڪي کان هر ڪو به ته سرٽيفڪيشن وٺي نه ٿو سگھي سو ٿورو گھڻو ڪم صرف انهن ميمبيرشپن کي حاصل ڪرڻ سان به هلي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو اڄڪلهه پاڪستان کان ٻاهر دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن نوڪريء لاء ڪو انٽرويو ٿئي ٿو ۽ سندن سي ويء تي ٻيو نه ته ڀلا انهن ميمبرشپز مان ڪابه هڪ يا ٻه موجود آهن ته اڳلو به عزت ڪري ٿو ۽ سٺا پئسا مليو وڃن. اڃا هڪ ٽيون آپشن به موجود آهي. اهو آهيPMP پروجيڪٽ مينيجمينٽ پروفيشنل جي سرٽفڪيشن حاصل ڪرڻ. هيء سرٽيفڪيشن آمريڪا ۾ موجود هڪ ادارو PMI پروجيڪٽ مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ ڏئي ٿو. هيء سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ به ڪا ايڏي سَوَلي ناهي، پَر هنن جون انجنيئرنگ ڪائونسل يُو.ڪي جهڙيون شرطون ناهن، نه ئي وري ڪا اهڙي ڊمانڊ اٿن ته فلاڻن يونيورسٽين مان مان ڊگري هوندي ته پوء سرٽيفڪيشن ملندي نه ته نه. هتان سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ ڏکيو ان ريت آهي ته انهن جون شرطون هي آهن ته پهريان توهان وٽ گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن به پروجيڪٽ تي چار سال ڪم ڪرڻ جو تجربو هجي، ٻيو ته گھٽ ۾ گھٽ پنجٽيهن ڪلاڪن جو پروجيڪٽ مينيجمينٽ جو ڪورس ڪيل هجي. اهي ڪورسَ وري پوري دنيا سميت پاڪستان ۾ به مختلف ادارن ۾ ڪرايا وڃن ٿا، پر انهن ادارن جو PMI سان رجسٽر هجڻ ضروري آهي. سي ته ڪافي ريجسٽرڊ ادارا ڪراچيء ۾ به موجود آهن، جيڪي پندرنهن ڏينهن يا مهيني کن ۾ پنجٽيهن ڪلاڪن جو پروجيڪٽ مينيجمينٽ جو ڪورس ڪرائي سرٽيفڪيٽ ڏيو ڇڏين. هاڻ جيڪڏهن اوهان وٽ چار سال جو ڪنهن به پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي ۽ پروجيڪٽ مينيجمينت جي ڪورس وارو سرٽيفڪيٽ موجود آهي ته اوهان هاڻ PMI ۾ سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ جا اهل آهيو ۽ فارم ڀري سگھو ٿا جيڪو سندن ويب سائيٽ تي آنلائن موجود آهي. سندن اهو فارم ڀرڻ به وڏو هنر آهي جيڪو پروجيڪٽ مينيجمينٽ جي ڪورس دوران سيکاريو ويندو آهي. فارم ڀرڻ کانپوء آخر ۾ آنلائن ئي سندن في پيارڻي پوندي آهي. PMI جي ميمبرن لاء اها في 405 Dollar آهي ۽ نان ميمبرن لاء اها في 555 Dollar آهي. سندن ميمبرشپ حاصل ڪرڻ ڪو اوکو ڪم ناهي بس آنلائن سندن سالياني ميمبيرشپ في جيڪا 139 Dollar آهي سا ڀريو ۽ ٽوٽل في مان ڏهه پندرهن کن ڊالر بچايو. اها في سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ جي ناهي، ايترو سَوَلو به ناهي سندن سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ، پر وَسَ کان به ٻاهر ناهي. اها في سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ واري امتحان ۾ ويهڻ جي آهي. جيڪڏهن فارم ۾ ڪا شڪ جي گنجائش يا ڪا غلطي رهجي وئي ته ان شخص تي آڊٽ ويهاري ويندي آهي. ان آڊٽ ۾ وري چار سال تجربي جا ثبوت ۽ پروجيڪٽ مينيجمينٽ واري ڪورس جي سرٽيفڪيٽ جون ڪاپيون آمريڪا گھرايون وينديون آهن. ان آڊٽ جي ويريفڪيشن هفتي کن ۾ ٿي ويندي آهي ۽ جوابي ايميل اچي ويندي آهي. اهو ياد رهي ته آڊٽ هر ڪنهن شخص تي ناهي ويهاري ويندي، بس جنهن جي ڦِٽي. هاڻ في پيارڻ ۽ جيڪڏهن آڊٽ لڳي ته اها پوري ڪرڻ کانپوء سندن آخري ايميل ايندو ته هاڻ اوهان آجا آهيو ۽ بي اونا ٿي امتحان جي تياري ڪيو. اهو امتحان به حشر واري امتحان کان گھٽ ناهي. وڏي سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. ان امتحان جي تياريء لاء اڄڪلهه جيڪو ڪتاب پوري دنيا ۾ گردش ڪري ٿو تنهن جو نالو Rita Mulcahy’s PMP Exam Prep 8th Edition آهي جيڪو ڪنهن مجاهد آنلائنمفت رکي ڇڏيو سو آرام سان مليو وڃي. ٻيو وري ان ڪتاب جي جيڪڏهن ڪٿا سي.ڊي هٿ ٿي وڃي ته ان ۾ PMI جي امتحان جي تِرز جهڙي ٽيسٽ رکيل آهي جتان به بهترين تياري ٿي سگھي ٿي. ڏهن سالن جا مُشاهدا ۽ تجربا انهن دوستن جي آڏو آهن جيڪي ٻاهر وڃڻ جا خواهشمند آهن. پر ٻاهر وڃڻ کان اڳ جيڪڏهن اوهان مٿي بيان ڪيل سرٽيفڪيشن مان ڪا هڪ به حاصل ڪري پوء ڪنهن نوڪريء لاء اپلاء ڪيو ته فائدو ٿيندو. ڳُڙُ جيترو وڌيڪ هوندو مزو به اوترو وڌيڪ. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ئي ڪير PMP ڪري ٻاهر نڪري ته وڌيڪ سُٺا پئسا ملندا بنسبت انجي جيڪي صرف ڊگري کنيو ٻاهر وڃي ٿوري گھڻي پئسي تي پيا لوڙيندا آهن. سو اچو ته اڳتي وڌئون ۽ پنهنجي قوم جو نالو روشن ڪيون ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريون ته اسان به ڪنهن کان گھٽ ناهيون ۽ ڀلي اسان وٽ ٻٽي شهريت نه به هجي ته به اسين گھڻو اڳتي نڪري سگھون ٿا. فهيم اختر ميمڻ قطر http://faheemakhter.com/ faheemquest@hotmail.com