• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اياز دانش

صاحبڏنو شيخ

سينيئر رڪن
اياز دانش
لاڙ جو هڪ بهترين موتين جهڙا لفظ پنهجي شاعري ۾ سمائيندڙ نوجوان شاعر.

شام لڙي جو سج لهي ٿو،
من ڪيڏو سور سهي ٿو.

ڏينهڙا گذرن تڪڙا ڪيڏا،
وقت هٿن مان ڪئين وهي ٿو.

ڪيڏو تنگ زمانو ٿيو آ،
ڪير به ڪيڏانهن ڪونه ڪهي ٿو.

“دانش” هر ماڻهو جي من ۾
هڪڙو ماڻهو ٻيو به رهي ٿو

شام لڙي جو سج لهي ٿو ،
من ڪيڏو سور سهي ٿو.
(اياز دانش)
 
Back
Top