فيس بوڪ ۽ گوسڙو ماستر (سراج بودلو)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سراج بودلو طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2015۔

  1. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪجهه ڏينهن پهريان گوسڙو ماسترن جي حوالي سان فيس بڪ تي ڪنهن گوسڙو ماستر جو اشتهار مليو،پڙهڻ سان دل اندر ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ۽ لائق ڪري ڪمينٽس به ڏنا، بحرحال مهم جو حصو بڻجڻو پيو ڇو جو مسئلو تمام نازڪ ۽ اجاگر ڪرڻ جهڙو آهي ۽ شڪر سان وس وارن اجاگر ڪيو به آهي،جيڪڏهن انهي عمل کي عملي جامون نه پهرايو ويو ته اسان تعليمي ادارن مان يقينن اعلا دماغ بدران ڍگا ڪڍنداسين،جيڪي ٻڪرين ۽ رڍهن برابر هوندا، جنهن جي گچي ۾ ٺلهيون ڊگريون پيون لٽڪنديون ۽ لڇڻ لکڻ جهڙا هوندا ۽ نتيجي ۾ اسان ترڪي آفتا ملڪن کان تمام گهڻو ڏورانهو هليا وينداسين، ۽ اونداه کان سواءِ ڪجھ به نه هوندو ۽ تاريخ ۾ قومن جو زوال ايئن ٿيو آهي قوم جو وجود هميشه شاگردن جي ڪري هوندو آهي ڇو جو مستقبل جا اُهي مھمار هوندا آهن انهن کان سوائي قوم انڌهي ۽ ٻوڙي هوندي آهي اُهي سڀ گالهيون اسان مُختلف طريقي سان چوندا آهيون پرافسوس جو عمل ڪرڻ کان ڪاسِر آهيون.
    جيڪڏهن اسان سچ کي وائکونه ڪنداسين ته سچ پڇوپنهجي پيرن تي پاڻ ڪهاڻو هڻنداسين،اسين صرف اِهو ٿا چاهيون ته هن ڪم ۾سڀني جي جواب داري هجي.
    ۽ پيغمبر پيشي کي ڪيئن۽ ڪيترو وائکوڪجي ته جيئن پيغمبري پيشي جا حامي گوسڙو ماستراک کولين ۽ پنهجي ضمير تي گالھ کي رکن! ته ڇا اُهي اسڪول نه وڃي هڪ سهڻو ۽ چڱو ڪم ڪري رهيا آهن؟
    انهن ماڻهن کي استاد يا گوسڙو سڏجي انهي سوال جوجوابه اوهان ساڄانھ مندن وٺ آهي باڪي اسان جو ڪم آهي ته گالھ کي وس وارن يا اعلا عملدارن تائين پهچايون پوءِ ٻوڙين يا بچائين! سچ ته قبر ڪنڌي تائين پيو چئبو.
    ڪجھ ماڻهو سوشل ميڊيا کي هوليگنيزم (Hooliganism) جو نالو ڏئي رهيا آهن جنهن جو مطلب ته بغير ڪنهن سوچ سمجھ کي فالو ڪرڻ آهي يا ڪو هڪڙو ڪري ته سڀ ڪن پر حقيقت ۾ ائِين نه آهي سچ اوهان جي آڏو آهي جيڪڏهن اوهين سچ جا حامي نه آهيو ته يقينن اوهان پاڻ غير زميوار ۽ سماج جا ناڪس رڪن آهيو. جيڪڏهن هر هڪ فرد پاڻ ۾احساس پيداڪري ۽ سوچي سمجهي زميواري کي قبولي ۽سوچ کي اجاگر ڪري ايئن ئي تبديلي جو عَلم کڙو ڪري سگهجي ٿو ۽ اُهو فرض اوهان کي ۽ اسان کي نڀائيڻو پوندو.خاموشي موته برابر آهي۽ تحرڪ زندگي آهي. منصور کي خبر هئي ته ساڻس ڪهڙو انجام ٿيندو پر هُو نارئَ هڻڻ کان نه مُڙِيو،ايئن سرمد کي به خبر هُئي ته دارشڪو جو ساٿ نه ڏيڻ سان کيس ڪهڙي سزا ملندي، سُڪرات ب هڪ استاد هُوجي ڪوڙ جي آڏو جُهڪي ها ته پنهجي زندگي بچائي ٿي سگهيوپرهِن ملامت واري زندگي کان زهر جي پيالي کي ترجيھ ڏني.
    دوستو اسان پنهجا درسگاھون لائيبريريون نيست ۽ نابود ڪرڻ نه ڏينداسين اسان هلاڪو وانگر هٿ سان تعليمي ادارن کي ڪامورن۽ڀهوتارن کي تباھ ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ هٿ سا علم جي روشني کي وسامڻ نه ڏينداسين اچو ته سڀ گڏجي تعليم کي هٿي وٺهرايون۽ٻولي، قوم،۽ ملڪ کي سڌريل قومن جي ڀيٽ ۾ آڻيو ۽ سوشل ميڊيا کان سوچن کي اڄان به اڳڀرو ڪيون جاهليت کي ٻاهر ڪڍي ڌرتي ماءُ سان حقيقي محبت قائم ڪيون.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. akhtar pathan

    akhtar pathan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2015
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    primary teacher
    ماڳ:
    p/o sita road,taluka ,k.n.shah,district dadu sindh
    تمام زبردست ادا ، استاد جيڪڏهن پڙهائين ت سنڌ سان ڪو ب مقابلو نٿو ڪري.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو