توهين آزاد آهيو........

'مختلف موضوع' فورم ۾ sarmadjosh طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2015۔

  1. sarmadjosh

    sarmadjosh
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2015
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    توهين آزاد آهيو اسان کي مذهب جي آڙ ۾ گمراهه ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان جي تعليم تباهه ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو مدرسن ۾ انتهاپسند تيار ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان کي ڪافر ڪوٺڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو هندن کي مسلمان ڪرڻ وارن جي پُٺڀرائي ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو سنڌي مهاجر فساد ڪرائڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو مشهور ڌاڙيل پيدا ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ٻيلا وڍڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو سرداري نظام لاڳو ڪرائڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو سنڌو کي خشڪ ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان جي ڌرتي تي ڌاريا آباد ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان جي وسيلن جي ڦرمار ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان جون زمينون فوجين ۾ مفت ورهائڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان کي غدار ڪوٺڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان جي امڙن کي چچريل لاش ڏيڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان جي ٻارن کي يتيم ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان جي ڀيڻن کي بيوهه ڪرڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو اسان جي جوڌن کي کنڀي کڻڻ لاءِ،
    توهين آزاد آهيو انصاف جي ڪورٽن مان من پسند فيصلا ڪرائڻ لاءِ،
    توهان جي آزادي کان انڪار ڪڏهن ڪيو آهي اسان،
    توهان کي آزادي جي هن پُرمسرت موقعي تي،
    توهان جي پياري ملڪ جي آزادي مبارڪ هجي،
    پر اسين به پُر عزم آهيون، پُر اميد آهيون،
    هڪ ڏينهن اسين به آزاد ٿي ڏيکارينداسين،
    هڪ ڏينهن اسين به گڏجي ڳائينداسين،
    سنڌوديش جي ڌرتي توتي، منهنجي ماتا ڌرتي توتي
    پنهنجو سيس نمايان مان، مٽي ماٿي لاهيان مان
    حوصلو رکجو انهي ڏينهن اسان کي آزادي مبارڪ چوڻ جو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو