• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعارف

آئون شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۾ تحقيقي آفيسر آهيان.
مون 2007ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ادب ۾ پهرين نمبر سان ڪئي، مون کي مگھارام مهتاڻي گولڊ ميڊل ايوارڊ ٿيو. اڄ ڪلھ ڍاٽڪي ٻولي ۽ اُن جي لوڪ ادب تي پي ايڇ ڊي ڪريان پيو.
 
ڦلو ڪي سندر مينگهواڙ کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي.

ڦلو پنهنجو تعارف ڄڻ ته ڪرايو ئي ناهي يا پنهنجي تعريف سمجهي تعارف ئي مڪمل ڪونه لکيائين. اهڙا گهٽ ماڻهو آهن جيڪي ڳالهين بجاء عملي ڪم ۾ اڳڀرا هجن ۽ ڦلو به انهن مان هڪ آهي.
سچل ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري پاڙيسري ٿئي. اڪثر ادبي يا علمي گڏجاڻين ۾ ملاقات ٿئي. هڪ سٺو، ايماندار ، مخلص، سچو، کرو ۽ محنتي ماڻهو. هو ٿر جي ٻارن لاء ڪراچي ۾ هاسٽلون قائم ڪرڻ سان گڏ انهن جي فيس، رهائش، ڪتابن جي ضرورت پوري ڪري، ماڻهن کان فنڊ وٺي ان جو صحيح استعمال ڪري. نوجوانن لاء سٺا سيمينار ڪرڻ به سندس ڪم آهي.
هو پاڻ به اديب ۽ ڏاهو ماڻهو آهي جيڪوانسانيت سان پيار ڪندڙ آهي.

خوشي ٿي ته هو سنڌ سلامت تي اسان سان گڏ آهي
 
Back
Top