جڏهن ماءُ جي هنج ۾ هيو ته هُن جِنَ ۽ ڀوتن کان ٿي ڊيڄاريس. ٿورو وڏو ٿيو ته مسجد ۾ مولوي قبر ۽ دوزخ جي عذاب کان ڊيڄاريس، اسڪول ۽ ڪالج ۾ سٺن نمبرن سان پاس نه ٿيڻ تي استادن ڊيڄاريس، يونيورسٽين ۾ ڪامريڊن ڊيڄاريس، نوڪري ۾ آيو ته اعليٰ افسرسالانو ڪارڪردگي رپورٽ تي خراب ريمارڪس کان ڊيڄاريس. سچائي لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته خفيه ادارن ڊيڄاريس. اهوسمورو خوف سنڌي شهري جي صلاحتن جي بربادي جو سبب بڻيو. هُن هڪ ڊنل ٻار جيئان سڄي زندگي گذاري ڇڏي، بس ڊڄندو ئي رهيو. ڪاش هِن معاشري ۾ هُن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي ها ته هو به ڪا سٺي شروعات ڪري هان. ٿي سگهي ٿو هُن جي اندر هڪ فنڪار هجي هان، شايد هو هڪ ليکڪ ٿئي هان يا سائنس دان يا سٺو ليڊر . هو ته ڪجح به نه بڻجي سگهيو. هاڻي پوڙهائپ ۾ داخل ٿيو آهي سڀئي خوف دل ۾ ويهي چڪا اٿس. اُن لاءِ هڪ عدد حج ڪئين. ڏاڙهي به رکئين. پنج وقت قريبي مسجد ۾ ويندو آهي. ڪنهن دنياوي سرگرمي ۾ دل نه ٿو لڳيس. عبادت گذار آهي پوءَ به خبر ناهي قبول ٿيس الائي نه. پهرين ۽ آخري زندگي مليس، نڪي ان مان لطف ورتائين نه انسانيت کي ڪجه ڏيئي پيو وڃي.بس سڄي زندگي بيڪار گذري ويس...۔۔۔۔۔۔۔۔شعيب محمد وسڻ