حسن درس اسانجو عشق هي آخر، غلامي کي ٿڏي وجهندو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسانجو عشق!

    حسن درس

    اسانجو عشق هي آخر،
    غلامي کي ٿڏي وجهندو،
    اسان کي چونڊ آ ڪرڻي ته،
    پنهنجو پيار ڪيئن هوندو؟
    اسان جي محبتن جو ،
    مک مهانڊو ڪيئن هجڻ گهرجي،
    اسان کي هن هوا تي،
    پير ڏيئي ڪيئن هلڻ گهرجي،
    اسان جو سور ڇا آهي،
    انهي کي ڪيئن سلڻ گهرجي،
    اسين پنهنجي وڇوڙن جي به،
    ڪريون وارثي ويهي،
    اسين پنهنجي ملڻ جي،
    مالڪي به خود ڪريون بيهي،
    اها مرضي اسان جي آ،
    اسين ڪيئن ٿا ملڻ چاهيون،
    رسڻ تي ڪيئن ٿا روئون،
    ۽ خوش ٿي ڪيئن کلڻ چاهيون،
    اسين پنهنجي محبت جي،
    سدا نرمل نشانين کي،
    ڀلي مهنگو ڪري ڀانيون،
    ڀلي سستو ڪري سمجهون،
    اسين پنهنجي حياتين جا،
    ڪريون ته فيصلا ڪهڙا،
    اکيون ڪيئن ٿا ڍڪڻ چاهيون،
    اسين پنهنجي اداسين جون،
    ڳليون ڪيئن ٿا گهمڻ چاهيون؟!
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه..... مس ڪو سٺو شعر پڙهڻ لاءِ مليو آ ايترن ڏينهن ۾.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    تمام بھترين ۽ سائين سليمان جي چونڊ ھميشه لاجواب ئي ھوندي آھي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محراب علي سنڌي

    محراب علي سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2015
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ڌنڌو:
    سنڌ سان عشق
    ماڳ:
    سانگھڙ سنڌ
    تمام بھترين چونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه سائين واه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو