• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توهان جي ڊيٽا هاڻ ڊي.اين.اي ۾

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ انگريزي مئگزين ۾ پڙهيو جنهن ۾ لکيل هو ته مستقبل ۾ ڊيٽا اسٽوريج جي لاءِ ڊي.اين.اي استعمال ڪرڻو پوندو، اهڙو تجربو پڻ ڪجهه سائنسدانن ڪيو آهي.
انهن سائنسدانن جو چوڻ هو ته جيڪا ڊيٽا اسان يو.ايس.بي يا هارڊڊسڪ ۾ محفوظ ڪريون ٿا سا وڌ ۾ وڌ 80 سال يا 100 سالن تائين محفوظ ٿي سگھي ٿي ان کانپوءِ اُها ڊيٽا ڪرپٽ ٿي ويندي آهي.. جڏهن ته ڊي.اين.اي ۾ محفوظ ڊيٽا هڪ بلين سال تائين محفوظ رهندي ۽ 1 گرام ڊي.اين.اي ۾ 1 ملين ايگزابائٽ ڊيٽا محفوظ ڪري سگھبي..

dnews-files-2015-08-DNA-storage-150817-670-jpg.jpg


اِي.ايم.بي.ايل_يورپين بائيوانفارميٽڪ انسٽيٽيوٽ جي رسرچ ٽيم ڊيٽا کي DNA ۾ محفوظ ڪرڻ جو طريقو ايجاد ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ مٽيريل 10 هزار سالن تائين رهندو.
هڪ ڪپ DNA ۾ 100 ملين ڪلاڪن جي هائي.ڊيفينيشن وڊيو محفوظ ڪري سگهجي ٿِي.
انهن جو چوڻ آهي ته اڄ جون تمام گهڻو طاقتور هارڊ ڊسڪون به 6 ٽيرا بائٽ ڊيٽا 60 سالن تائين محفوظ ڪري سگهن ٿيون.
وڌيڪ تفصيل لا ڏسو هيٺيون ويبسائٽس
http://news.discovery.com/tech/biotechnology/dna-data-storage-lasts-thousands-of-years-150817.htm
http://www.ebi.ac.uk/about/news/press-releases/DNA-storage
 
يار اسان ڳوٺاڻا ماڻھون بوشن ڪلھي تي رکي اڃان تائين بابو ٻيڙيون ٿا پيئون سو اسانکي اھا به اڃان خبر ڪون آھي ته ڊي اين اي ڪھڙي بلا جو نالو آھي.
ڊي اين اي ڇا آھي...؟
ڊي اين اي بابت پوري معلومات ونڊ ڪري عبيد يا جادوگر ته اسان کي به خبر پوي نه ته اسان ته اڃان به لُم جي وڻ جو ڏندڙ ھڻڻ وارا سنڌي آھيون.
 
ڊي اين اي بابت پوري معلومات ونڊ ڪري عبيد يا جادوگر ته اسان کي به خبر پوي نه ته اسان ته اڃان به لُم جي وڻ جو ڏندڙ ھڻڻ وارا سنڌي آھيون.

ان بابت توهان کي ڊاڪٽر ممتاز قريشي کولي سمجهائي سگهي ٿو.
في الحال اردو ۾ پڙهڻ لا هيٺ تصوير امبيڊ ڪريان پيو.
attachment.php
 
ڊي اين اي بابت سنڌسلامت تي مختلف مضمونن ۾ اهم ڄاڻ ڏئي چڪو آهيان.

ڪروموسومز، ڊي اين اي ۽ جينز جا نالا عام ماڻهن جي استعمال ۾ ته ايندا آهن پر انهن ۾ فرق ۽ انهن بابت بنيادي ڄاڻ تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي آهي۔۔
جسم ۾ ٿيندڙ هر عمل اصل ۾ پهرين کان طئي ٿيل هوندو آهي۔۔جيئن ڪنهن عمارت تعمير ٿيڻ کان پهرين نقشو ٺاهبو آهي ۽ پو ان نقشي مطابق سڄي عمارت تعمير ٿيندي آهي۔۔ساڳي ريت انسان جو جسم به پيدائش کان وٺي گهررِڙي جي مرڪز ۾ موجود ان نقشي (ڪروموسومز) جي مدد سان واڌ ڪندو آهي۔ انسان جي چمڙي جو رنگ، اکين جو رنگ، وارن جو رنگ، جسم جي مڪمل بيهڪ مثلن قد، بت، عقل، هوشياري، عادتون ۽ هر اهو ڪم جيڪو ظاهري طور ته اسان جو جسم ڪندو آهي پر اصل ۾ اهو ڪم جسم ۾ موجود ڪروڙين، اربين گهرڙن جي ذريعي ٿيندو آهي۔
هر خاندان ، هر قبيلي ۽ هر قوم جا مختلف نقشا (ڪروموسومز) هوندا آهن۔ انهي ڪري دنيا جي مختلف جاين تي رهندڙ انسان اندروني ۽ بيروني طور تي مختلف خاصيتن وارا هوندا آهن۔
هر هڪ گهرڙي جي مرڪز ۾ ڪروموسومز جا 23 جوڙا (ٽوٽل 46 ڪروموسومز) موجود هوندا آهن۔ 22 جوڙا آٽوسومز سڏجندا آهن جڏهن ته هڪ جوڙو جنسي ڪروموسومز ( ايڪس ۽ وائي) جو هوندو آهي۔اهو به ذهن ۾ رهي ته اهي سڀ ڪروموسومز جسم جي هر هڪ گهرڙي ۾ بلڪل ساڳيا هوندا آهن۔
ڪروموسومز جو ننڍو حصو جينز سڏجندو آهي۔ جينز ۾ پروٽين يا ٻين ڪيميڪلز ٺاهڻ جو فارمولو محفوظ هوندو آهي۔ انهن جينز ۾ ئي ڊي اين اي هوندو آهي.
وڌيڪ سمجهڻ لا ڪجهه ڊاياگرام ونڊ ڪري رهيو آهيان۔


OPEWLej.jpg
23271477181_1808644a3b_o.jpg

جيڪڏهن نقشي ۾ ڪا خرابي هوندي ته عمارت ۾ به نقص ٺهي ويندو ساڳي ريت جسم ۾ به ڪئين بيماريون ان ڪروموسز جي خرابي جي ڪري پيدا ٿينديونآهن۔ انهن مان ڪجهه اهم بيماريون هي آهن۔

  • مختلف پيدائشي جسماني نقص۔
  • ڪنهن به عضوي جو ڪينسر ٿيڻ
  • هيمو فيليا
  • ڊائون سينڊروم وغيره وغيره
ان کان علاوه هيٺين مضمونن ۾ به متعلقه ڄاڻ موجود آهي.
 
Back
Top