• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سخي پيا کي ملين ته چئجان (ٻول)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
سخي پيا کي ملين ته چئجانءِ ته چاندني تو سواءِ نه ٿيندي
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ ڇوته ٻي رات ڪانه ٿيندي

ڪڏهن به تو تي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آءُ
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي

پکي پروڪا اڃان نه آيا اُڪير تن جي هُلي رهي آ
اداس سر تي هوا اُٿي ٿي چوي پئي ڪا اڏار ٿيندي

هي ديپ دونھاٽجي ڪڏھن نا لا ٽ جي لاٽ شال جرڪي
پرهه پري آ پتو نه آهي هي رات ڪيسين ڏوهارڏيندي

پرارتي ڪا پڪار آهي مگر اڳيان تک تار آهي
ڪٿي اسان جي پڪار آهي ”اياز“ کي ڪيڏانھن ناو نيندي


شيخ اياز
 
Back
Top