ھن پوري رو زمين تي شيطان کان سواءِ اللھ بادشاھ جو ٽڪر وارو ٻيو ڪوئي ڪونھي جيڪو قيامت اچڻ تائين انسان کي ڀلائيندو رھندو، اھا طاقت به ان ملعون کي اللھ بادشاھ ئي عطا ڪئي آھي ته جيئن وڻئي ڪر ،،، اللھ بادشاھ جي ڪا به ڳالھ حڪمت کان خالي نه ھوندي آھي،، نه ته شيطان ڪير جو اللھ بادشاھ سان ٽڪر کائي!! دنيا ۾ جنھن پاسي توھان ويندو توھان کي شيطان نظر ايندو پر توھان ان کي وڏي دلچسپ ۽ من موھيندڙ انداز ۾ ڏسندو جو توھان کان شيطان وسري ويندو ۽ توھان ان جي رنگ رلين ۾ گم ٿي ويندو،، اھڙي نموني سنڌ ۾ به مختلف نمونن ۾ شيطان آزاد آ ، جيئن مثال ڪُڪڙن جي ميل ، ھوٽل تي فلمن جو ھلڻ ، ننڍن شھرن ۾ موت جو کوھ ۽ ان ۾ مردن جو عورتن جي روپ ۾ ڊانس ڪرڻ ۽ غيرتمند سنڌي جو ان کي عورت جي روپ ڏسي ان تي پئسا لٽائڻ وغيره ، لفظ غيرت جو مطلب اللھ بادشاھ ئي ڪنھن انسان کي سمجھائي پنھنجي قدرت جي وسيلي ، باقي ته ابا اسان سنڌن غيرت کي الائي ڇا سمجھو آ! ھوڏانھن اسان ان نرتڪي تي ناز ڪندا آھيون جيڪا موھين جي دڙي مان مٽيءَ جي ٺھيل مورت نرڪتي نڪتي ، جنھن کي ٺونٺ تائين چُوڙا پاتل آھن ۽ جھمر جي ھڪ انداز ۾ بيٺي آھي ، اسان ان پنھنجي گھرن ۾ سجاوٽ جي شيءَ ڪري رکندا آھيون ۽ ان جو نقل ڪري ٻيون مورتيون ان جھڙيون ٺاھي غير ملڪن ۾ فخر سان وڪڻدا آھيون،، ان جو مطلب ته سنڌي ھڪ امن پسند ، خوش مزاج ، ۽ وڏي ھنر مند قوم ھئي ، جن مان ڪجھ بچيا جيڪي اڄ به پاسي سان ويٺا آھن، ۽ پنھنجي ھنر جيڪو انھن وٽ موھين جي دڙي مان بچيو آ ان سان پيا پيٽ گذران ڪن ٿا ،، حضرت عسيٰ کان پوءِ ڇھ سو سال تائين يورپ جھالت واري انڌيري ۾ ٻڏل رھيو ، انسان انسان کي انسان نه پيو سمجھي جھالت جي زندگي گذاري رھيو ھو، مثال نياڻن کي زنده دفن ڪرڻ، بت پرستي، قبيلائي جھيڙا ، ننڍن ننڍن ڳالھن تي وڏا وڏا جھيڙا!! ”تنھنجي باغ مان جھرڪي اڏامي منھنجي باغ ۾ ڇو وٺي‟؟؟ ھڻ جو ته خاندان جا خاندان چٽ ٿي وڃن!! وغيره وغيره تاريخ مان اھڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن مان عربن جي جھالت انتھا تائين پھتل جا ثبوط ملن ٿا ، پوءِ سرڪار دو جھان حضرت محمد ﷺ جن علانِ نبوت ڪري انھن کي اھڙن غير اخلاقي ڪمن کان روڪيو ۽ پوءِ ڪجھ حد تائين اھي جاھلاڻا ڪم ختم ٿيا،، سنڌ ۾ اھو رواج وري وڏي ھوندي سنڌي پنھنجي نياڻين تي عائد ڪن ٿا ، جنھن کي نالو ٿا غيرت جو ڏين!! جيئن مان مٿي بيان ڪري آيو آھيان ته غيرت لفظ ڇا آھي شال ڪنھن کي سمجھ ۾ اچي ،، غيرت جي نالي تي ھن وقت تائين الائي ڪيتريون معصون نياڻو خاموش تماشائي بڻجي پنھنجو سر وڃائي ويھي رھيو آھن،، ھڪ گنديءِ ڏوھارڻ کي قتل ڪري ان کي ان ئي حال ۾ پوريو ٿو وڃي ۽ پوءِ جڏھن پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ پوليس ان کي زمين مان ڪڍي ٿي ته اھا ان ئي حالت ۾ نڪري ٿي نه ان جو لاش خراب ٿو ٿئي نه ان ۾ ڪا چينج ٿي اچي !! اھي بي گناھ جن کي ھڪ گندو الزام ڏيئي ماريو ٿو وڃي جيڪڏھن ڏوھي آ، ته ان لاءِ اللھ بادشاھ ھڪ قانون ٺاھيو آ، جنھن کان ھرڪو عالم ، ھر علم وارو واقف آ، اھو حق ان مارڻ واري کي ڪنھن ڏنو آ ، جو ڪنھن کان جيئڻ جو حق کسي وٺي ؟؟ يا وري ڪنھن سان ملي ڀڳت ڪري ڪنھن معصوم کي الزام ڏئي ڪنھن کا غير واجبي ڳري چٽي وٺي ، ۽ وري ان نياڻي کي ڳري رقم عيوض ڪنھن کي وڪڻي ڏي،،اھائي نياڻي جنھن کي تون ايڏو ظلم جو نشانو ٿو بڻائين تنھنجي گھر جي سونھن آھي ،، تون سڄو ڏينھن ھوٽل تي فلم ڏسين يارن سان ميخانن ۾ نشا ڪرين ۽ ميلن ملاکڙن تي وتين من مانيون ڪندو ، ۽ اھا نياڻي گھر ۾ ويٺي ٽوپ ڀري ، رليون سبي، اڳٺ ٺاھي، گج ڀرت ڀري، ۽ تون ٻاھران اچي ڏنڊو کڻي کٽ تي چڱو مڙس ٿي ويھين ۽ روب دار آواز سان ڀيڻ ، زال ، ڀاڄائي کان ماني گھرين ، پر جي ماني ۾ ٿوري دير ھوندي ته تون ان کي مار ڪٽ ڪرين ، وري جڏھن ھن جي ھٿ جي محنت تيار ٿيندي ته ان کي بازار ۾ وڪڻي وڃي اعيش ڪندي ،، اي سنڌي تنھنجي اھا غيرت نه آھي ،،، اھو اسان سنڌن جو رواج نه آھي ،، اسان سنڌن ڌارين جا رواج ايڊاپ ڪري پنھنجي ھيڏي ساري تھذيب کي وساري ڇڏيو آھي ،، ڪارو ڪاري اصل ۾ ڪنھن ٻاھرين قوم جي روايت آھي ، جنھن کي اڄ جي سنڌي کڻي پاڻ تي مڙھيو آھي،، تون جنھن کي اھو الزام ڏئي مارين ٿو اللھ بادشاھ ان کي ھمٿ ڏي ته اھا تو کان اھو سوال ڪري ته جي تون پاڪ آھين ته پوءِ مونکي ڀلي خدا جي قانون موجب سزا ڏي جي مان ڏوھي نڪران جي نه ته تون پاڻ ڏوھي آن ۽ مونکي ڪيئن تو ڏوھي چوين؟؟ ،، ۽ پوءِ اھائي ڪھاڙي ،بندوق ، رائيفل، ڪلاشن کڻي ان جي پويان ان کي ڳوٺ جي ڳلين ۾ ڊوڙائي ته جيئن ٻيون معصوم نياڻيون به ان مان سبق پرائن ته خاموش رھي ناحق پاڻ نه مارايو،، ڇو ته نياڻيون عزت واريون ھونديون آھن جو چپ ڪري مري وينديون آھن ،، ۽ اھي غيرت ۾ به ڀڙ ھونديون آھن،، اھو بي غيرت ھوندو آھي جيڪو ڀيڻ ، ڌيءَ ، ڀاڄائي کي الزام ڏئي ماريندو آھي ، تون نياڻي کي الزام ڏيئي ماري ماڻھن اڳيان ڳاٽ مٿي ڪري نراڙ تي ٽوپ رکي بازار ۾ ٻانھن لوڏي ھلين ٿو ته مان غيرتي آھيان ۽ ماڻھو مونکي جوان سمجھن پر اھا ته تنھنجي بدنامي آ جو پنھنجي عزت کي پاڻ ٿو ٻين جي اڳيان بي عزت ڪرين ، اي سنڌي تون پنھنجو پاڻ کي ڌارين جي اڳيان زليل ٿو ڪرين جي ڪا اخبار ڪنھنجي ڌي ڀيڻ لاءِ ائين ته لکي ته ڦلاڻي جي ڌيءَ ڀيڻ ھيئن آھي ته شايد اھو ماڻھو ان اخبار واري صحافي کي ماري وجھي ؟؟ پر جڏھن قتل جي خبر اخبار جي سرخي ٿي بڻجي ۽ سڄي دنيا کي اھا خبر ٿي پئي ته ڦلاڻي پنھنجي نياڻي کي قتل ڪيو ڦلاڻي سان ڪارو ڪري ته اتي غيرتمند سنڌي قوم جو سر شرم کان جھڪي پوي ٿو،، ۽ ڌارين کي وارو ملي ٿو۽ سنڌن کان سوال ڪندا آھن ته توھان جو اھو ڪھڙي قسم جو رواج آھي،، ؟؟ پوءِ اتي سنڌي لاجواب ٿي ويندو آھي ۽ لارا لپا ھڻڻ شروع ڪندو آھي ،،،،، اي سنڌي تنھنجو ديس ھر طرف کان دشمن جي نشاني تي آھي ھن وقت توتي ڌاريا حڪومت ڪري رھيا آھن، تون رڳو پنھنجن کي ڪھڻ ۾ پورو آن،، توکي اصل راھ کان ھٽايو ويو آ ۽ ھٽايو وڃي ٿو ۽ تون غفلت جي اگھُور ننڊ ۾ ستل آھين اھو ئي شيطان جو ڪم ھوندو آ ته ماڻھن کي سراطِ المسطڪيم تان گم راھ ڪرڻ ،، سو اھي شيطان پنھنجي ڪم ۾ لڳا پيا آھن ، جيڪي واھ واھ ڪري تنھنجي گندي فعل کي به سھرائن ٿا علي المرتظيٰ جو قول آ ”جيڪو توھان جي سامھو توھان جي تعريف ڪري سمجھو ته اھو توھان جو دشمن آ، جيڪو توھان جي سامھون توھان جا عيب توھان کي ٻڌائي سمجھو ته اھو توھان جو سڄڻ آ‟،،،
سائين اوهان جي تحرير يقين حقيقي جذبات سان ڀريل آهي ليڪن سڄڻ هڪ اهڙي حقيقت آهي جي ان طرف اشارو به ڪيو وڃي ته ڪو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اها حقيقت آهي ته دين اسان جي سماج ۾ شناسا ناهي اسان خيالي دين جا پيروڪار آهيون جنهن اسان کي ذلت جي وادين ۾ سرگردان ڪري رکيو آهي. انبياءِ عليهم اسلام اهي مڪتب جوڙيا جٿان ظلم جي بيک ڪني ڪئي وڃي مگر اهي مڪتب بذات خود اهڙن تحريفي حادثن جا شڪار رهيا جو انهن مڪتبن جا مُبلغ ظالم بڻجي ويهي رهيا يعني جنهن کي جيڪو هٿيار ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي ها اهو هٿيار ان ظالم جي هٿ ۾ آهي جنهن مڪتب انسان کي ذميدار بڻايو اهو مڪتب اڄ سماجن کي غيرذميدار بڻائي رهيو آهي خانقاهيت کي دين جو نالو ڏنو ٿو وڃي ان جو شڪار صرف اسان ۽ اوهان آهيون پورو نام نهاد عالمِ اسلام آهي . وسلام