جواب: سنڌي قوم
ادا توهان تمام هڪ نازڪ مسئلو ڇيڙيو آهي
آءُ سمجهان ٿو محترم سائين نثار ابڙو صاحب جن ئي بهتر روشني وجهي سگهن ٿا ان ٽاپڪ تي
سدائين گڏ
ادا طاهر سوٽو پاڻ ڏانهن اڇلايو آهي ۔۔۔ حالانڪ تمام قابل ۽ تعليمي سرشتي تي علم رکندڙ ڪيترائي دوست هن اڱڻ جا معزز ميزبان ۽ مهمان آهن ۔۔۔
خئير ڏسجي ته تعليم سنڌين وٽ آهي به ناهي به ۔۔۔ آهي انڪري ٿو چوان ته هن وقت به تاريخي لحاظ کان سنڌ تمام منڃيل اڳواڻ، ديني ماهر، تعليمي ماهر، شاعر ۽ اديب ۽ پئدا ڪيا آهن، پاڪستان جي ٻين قومن جي لحاظ کان اسان وٽ پنهنجي ٻولي آهي، جنهن ۾ هر قسم جي علم کي سمائڻ جي وسعت آهي، لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ اچي ٿي ۔۔۔ جڏهن ته پاڪستان جي ٻين قومن هندستان کان اردو ٻولي کي گهرائي پنهنجو ڪم ٽپائن پيون پر سنڌي اڄ به پنهنجي ٻولي ذريعي ڪنڌ مٿي ڪري هلنٿا
دوستو! هڪ ڳالهه اوهانکي سچ سچ ٻڌايان ته ٻيون قومون خاص ڪري پنجابي ۽ مهاجر سنڌي جي ان اهليت کان انتهائي نالان آهن ۽ ڪوشش ۾ آهن ته سنڌي جي اها حيثيت ختم ٿئي ۔۔۔
هاڻ اچجي ان ڳالهه تي ته سنڌين ۾ تعليم جو سرشتو ڪمزور ۽ اهڙو ناهي جنهن سان قومي ضرورتون پوريون ٿي سگهن ۔۔۔ آ مختصر پنهنجي سمجهه آهر هيٺ ڪجه وضاحت ڪندس ۔۔
ان جا وري ٻه دور آهن
1۔ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو دور
2۔ پاڪستان ٺهڻ کانپو جو دور
1۔ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ وري سنڌي قوم ٻن حصن ۾ ورهايل هئي هڪ هندو ٻيا مسلمان، سنڌي مسلمانن جي اڪثريت انگريزي ۽ سائنسي تعليم کي اسلام جي خلاف سمجهندي پنهنجو پاڻکي نت نون علمن کان پري رکيو جنهن سبب گهڻو حصو تعليم کان محروم رهيو ۔۔۔ باقي رهيا هندو ته انهن انگريزي ۽ جديد علمن کي حاصل ته ڪيو پر اڃان ترقي جون راهون يا علمي راهون مسلمانن تائين پهچن تيستائين هند جي آزادي جي جدوجهد شروع ٿي وئي ۽ ان ڪري ڪافي ڏڦيڙ هجڻ سبب تعليمي معيار پڻ رڪجي ويو ۔۔۔ آخر ۾ نتيجو اهو نڪتو جو انگريزين برصغير هند جي گڏيل طاقت کي ٽوڙي انجا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش رٿي، مسلمانن ۽ هندن جي ويڙهه ڪرائي وڌي ۔۔۔ ۽ ويندي ويندي هند ۽ پاڪستان جي روپ ۾ ٻه ملڪ ٺاهي ۔۔۔ لکن ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ قتلام جو سبب بڻيا ۔۔۔سنڌي هندو جيڪي پڙهيل لکيل ۽ جديد علمن ڪجهه اڳڀرا ٿيا هئا سي سنڌ ڇڏي هليا ويا ۽ سنڌي مسلمان پاڪستان جي صورت ۾ سازشي قومن ۽ ڪرائي جي ويڙهو فوج جي هٿ چڙهي ويا ۔
2۔ پاڪستان ٺهڻ کانپو به انگريزن هند ۽ پاڪستان کي ويڙهائڻ خاطر ۽ هن خطي ۾ بدامني برقرار رکڻ خاطر پنهنجا بڇڙا خيال جاري رکيا ۽ پاڪستان جي ويڪائو فوج ذريعي، ننڍين قومن جي اقتصاديات تي قبضو ڪري، قومن مٿان بيٺڪي راڄ قائم ڪري پنهنجا بڇڙا مقصد پورا ڪرڻ شروع ڪيا، جنهنجي نتيجي ۾ هند ۽ پاڪستان جي ويڙه ٿيندي رهي ۽ بجا قومي جاڳرتا، تعليم ۽ صحت تي ڪجهه خرچ ٿئي ۽ وسائل استعمال ٿين سي فوج تي ، هٿيارن تي، ۽ ايٽم بم تي استعمال ٿيڻ لڳا ۔۔۔ جنهنجو نتيجو اسانجي سامهون آهي ۔۔۔ ۽ جيستائين پاڪستان قائم هوندو ته حالت ڪونه بدلبي ۔۔۔ اهو آ لکي ٿو ڏيان ۔۔۔ ۽ ٻه سئو فيصد سچ ٿو چوان ڪير مڃي يا نه ۔۔۔
نه تعليم ملندي نه جديد علم ملندا نه وري ڪا ترقي ٿيندي ۽ نه وري ڪي مسئلا حل ٿيندا ۔۔۔ بس چور چورن جا يار ڪي حاجي ڪي زوار ۔۔۔ الامان ۔۔۔ دعا ڪريو ته جان آزاد ٿئي هن موذي مرض مان۔
:-t~X(