مرزا کٽي به هارايو ....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    مرزا کٽي به هارايو ..... ڪيئن ... اهو ائين ته ضلعي بدين جو ضلعي جو چيئرمين پي پي جو ٿي ويو ته هي مڙس بدين ميونسپلٽي ۾ ويهي سهرا ڳائيندو يا ويهي تاش کيڏندو ...سڄي سنڌ ۾ پي پي جي بلدياتي ڪارونهوار ۾ هي اوپرو ٿي شرهين کي ڪهڙي نموني خدمت ڪندو ...وري مخالف پي پي جو نالو به اڃا تائين پي پي جو پيو کڻي .....پي پي هڪ ئي آهي جنهن کي زرداري ساه وجهي سگهارو ڪيو آهي ...زرداري جا مخالف صرف پنجاب ۽ هنن هندستانين جي چوڻ تي پيا مخالفت ڪن ....انهن کي هي هندستانين جو کٽي اچڻ تي ماتم ڪرڻ گهرجي انهن سببن تي سوچڻ گهرجي نه ڪي پي پي مخالفت ۾ پنهنجون طاقتون نه وڃائين هي پي پي ۾ سنڌ جا جوڌا جوان آهن سو هي به هن مٽي جا ماڻهو آهن وري هنن صاحبن کي اهو سمجه ۾ نه ٿو اچي ته پي پي سنڌ ۾ نواز پنجاب ۾ ڪامياب پيو ٿي ان جو سبب نه ٿا ڃاڻي سگهن ...؟؟؟؟ ان جو هڪ ئي سبب آهي صوبائي خودمختياري جنهن سبب جيڪا پارٽي جٿان جي جڙيل آهي اها اتي پئي ڪامياب ٿي ....ڪجه سمجه ۾ آيو ...پي پي گهٽجي نه وئي آ پر وقت سان ادراڪ ۾ تبديلي آئي آهي ....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيڪوبه آهي پر همراهه پ پ پ وارن کي هتي لوهه جا چڻا چٻرايا آهن. ڳالهه مڃجي.
    هن 31 يوسيز کٽيون آهن
    پ پ پ 34 .....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪڏهن ڪڏهن سياسي ڳالهه تي ڳالهائڻ به ايترو ئي ڏکيو لڳندو آهي .. جيترو مذهبي ڳالهه تي ڳالهائڻ... :)
    خير جيڪڏهن دوست دل ۾ نه ڪن ته مرزا جي ايترو کٽڻ به گهڻو ڪجهه ثابت ڪيو آهي.. پي پي وارن کي هاڻي ته سنڌين جي پيغام سمجهڻ گهرجي .. باقي جيڪا پارٽي وفاقي سڏائيندي به رڳو هڪ صوبي تائين محدود رهي ته ان کي گهٽجڻ ئي سڏبو پيارا ...!!
     
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    مان ٻنهي دوستن جي راءِ سان اختلاف ڪندس ...ڇو ته اها ڪهڙي طاقت هئي جن هڪ ڏيهن ۾ سڄا بوٿ تبديل ڪرايا مرزا جي منشا مطابق هي اليڪٽوريل دهشت گردي آهي ...وري هي هاڻي کٽي ڇا ڪندو هڪ اۡمق ڄڃ ۾ ..ڪهڙو ڪردار ڪري ووٽرن کي سونو تاج پارائيندو يا انهن ووٽرن کي آسودو ڪندو شهرن جي صفائي سٿرائي ڪري سگهندو ...نه هي اوپرو اوپرو رهندو ڪو ڪم نه ٿي سگهندو هي ووٽرن جو فيصلو ووٽرن جي لاسءِ وبا بڻجي ويندو ....
     
  5. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪاڏي منهن مسيت جو ڪاڏي پڙهي ٿو نماز ...يا ڪاڏي پيران پير ڪٿي جمو فقير ....مرزا
    هڪ خاص مقصد لاءِ پي پي مخالفت ڪندڙ مرزا کي ڪامياب ڪرايو يو آهي ته هي پي پي تي ڀونڪندو رهي مڙس بي نظير جو حفاظتي سڪاڊ جو اڳواڻ هو پر شاه راه فيصل تي بلاسٽ جي خبر نه لهي سگهيو جنهن ۾ سوين ڪارڪن شهيد ڪرايا ...وري حوال اهڙا جو جھڻ ته همراه سڀ ڪجه هڪ منٽ ۾ ڪري طوفان امچائي ڇڏيندو ...اخلاقي طور تي هن کي هاڻي ڪڏهن به ڀڀڪيون نه هڻڻ گهرجن جيڪي نه ڪري سگهي ان لاءِ واتان نه وڃائي هي مرزان نه پر ايجنسين جي ران آ جنهن ۾ هن کي سوڀارو ڪري سنڌ ۾ هڪ احمق پيدا ڪيو ويو آهي جنهن کي اها سڌ نه آهي ته بابلا تون اڪيلو سنڌ ۾ حڪومت خلاف ويهي قوم جي عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندي ....؟؟؟؟هي آ عقل جي ڳاله کٽڻ ۾ هارائڻ واري هن نادان کي ڇا چئجي
     
  6. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سڀ ڳالهيون صحيح پر سڄي سنڌ ۾ سوڀ ماڻيندڙ پ پ پ کي بدين ۾ شڪست سمجهه کان ٻاهر آهي جن ماڻهن جي وجود ۾ ڀٽو رهي ٿو اتان ڪلين سوئيپ ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي ڪٿي اها سوڀ جيالن جي ڪارڪردگي جي سبب ته ناهي رڳو پنهنجو پيٽ ڀريو واري پاليسي هنن همراهن کي مارائي وڌو ماڻهو کي ماڻهو نه ڪري سمجهڻ واري روش انهن جا پٽا ڪڍي چڏيا پر حيرت هن ڳالهه جي به آهي ته جنهن همراه کي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو ويو آهي اهو به ته انهي پاليسي جو پوئلڳ آهي !؟؟! پو هي ڪهڙي تبديلي آهي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    ادا رسول بخش مونکي مرزا سان ڪا همدردي ناهي پر اوهان پيپلن جي سپورٽ ته ائين پيا ڪيو ڄڻ ڪو ڪرپشن جي بي تاج بادشاه زرداري ۽ سندس هم اثر شهزادي فريال سنڌ جي ماڻهن کي نئون جنم ڏئي فرش کان عرش تي ويهاريو آهي ،وقتي طور اوهانکي انهن جا ڪارناما نظر نه ٿا اچن پر ڪو وقت ايندو جو انهن جي ڪيل تباهي تي عوام کي ڏندي آنڱريون اچي وينديون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اهو اشو ٻيو ا جنهن تي ڳالهائڻ لاءِ جدا وقت کپي پر هتي ڳاله آ مرزا جي موقف جي ته ڇا هو پنهنجي ووٽرن کي ڪجه فائدو ڏيڻ لاءِ ڇا ڪندو جڏهن ته پي پي سنڌ حڪومت ۾ آهي جيڪا سنڌ جي نمائده آهي ۽ هي اڪيلو ڇا ڪندو ووٽرن جو ته وقت ضايع ٿي ويو پر هن کي به ڪجه هڙ حاصل نه ٿي صرف انا جي تسڪين ۽ ڪوڙي وڏائي .....ڪم آئي سڃي سنڌ پرين جو پاڇو ۽ هي مڙس ٻٻرن جي وڻن وٽ ٻير پيو گهري ....جنهن جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاسءِ هن کي آندو ويو آ اهو به هر ڪو سمجهي ٿو ...هاڻي وڌيڪ اسان جو وات نه کولرايو هي بيوقوفين ۾ وڃي ٿو واريءَ جي ريگستانن ۾ ڪاهيندو نه پڌ کٽي نه راه ملي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو