ڄامشورو پاڪ ترڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهندر رجنيش انيل ڀاٽيا ستين ڪلاس جو شاگرد جنهن ٿائليڊ جي بئنڪاڪ شهر ۾ ٿيندڙ رياضي جي عالمي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل کٽي سنڌين جو ڪنڌ مٿي ڪرايو آهي. هن مقابلي ۾ دنيا جي ٻه سئو کان وڌيڪ اسڪولن ۽ هڪ هزار شاگردنن حصو ورتو.
