• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مڪاني ادارن جي چونڊ: سنڌي قومپرستن کي، ٻئي مرحلي ۾ به عبرتناڪ شڪست

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ سنڌ اندر پهرين مرحلي جي 8 ضلعن ۾، سنڌي قومپرستن کي عبرتناڪ شڪست آئي هئي ۽ هاڻ وري ٻئي مرحلي ۾ 14 ضلعن ۾ ٿيل چونڊن ۾ به کين وڏي شڪست ملي آهي جو ڏينهن جو ڏيئو کڻڻ سان به ڳوليو نه ٿا لڀن ـ ايستائين جو قومپرستن جي ڳڙهه قاسم آباد ۾ به کين ڪاميابي ڪانه ملي آهي ـ
هاڻ وري سنڌي قومپرست شرم کي پرچائڻ لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي رڳو هڪڙي ضلعي بدين ۾ ڪامبابيءَ تي هنبوڇيون هڻي رهيا آهن جڏهن ته ماضيءَ ۾ اهي قومپرست خود ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان سخت چڙيل رهيا آهن ۽ ان خلاف باهه ٻاري ڏني هئائون ـ هاڻ اوچتو ڊاڪٽر مرزا سندن هيرو ٿي پيو آهي ـ ڊاڪٽر مرزا ته اڄ به بلاول ڀٽي زرداريءَ جون تعريفون پيو ڪري، هو رڳو آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان ناراض آهي.
منهنجي خيال ۾ قومپرست پنهنجن صفن مان ڀتي خورن، پلاٽن تي قبضا ڪندڙن ۽ تعليمي ادارن ۾ غنڊاگردي ڪندڙن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪن ته سنڌي عوام کين به ووٽ ڪندو پر هو ائين ڪونه ڪندا پرڪجهه وقت کانپوءِ ڏسجو ته سنڌي عوام کي عادت موجب ويٺا بدشد ڳالهائيندا ـ پاڻ نه پلي، ڏوجھان متيان ڏيوي ـ
 
Back
Top