رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سفر ۾ هلندي
______________
سفر ۾ هلندي ويا جو نکڙي انهن تي ڪهڙي ميار آهي
منزل مرڪي ملڻ لئه ماندي ڏسو ڏسو هو تيار آهي
عوام اٿليو امنگ ارڏي هڻي هو نارا هجوم حاضر
هميشه هلندو اٽوٽ هي نه ختم ٿيڻو هي پيار آهي
هڪ سنڌ آ هڪ ئي رهندي هڪ لئه حرکي ٿو هانءُ منهنجو
صدائون سڪ ۾ اميد اڳ ۾ هلي پيون هن سار آهي
سڀئي مارو ملير جا هن ملڪ منهنجو مهان آهي
ڇيلڙا هي ڇيڪ چاريو ا ٿي پيو هي اڀار آهي
آس وند هو غريب ماڻهو مرڪون جنهن جي مک تي آهن
ڏسي ڏسي هو کلي رهيو آ نينهن ۾ جو نثار آهي
ويا هو تڙجي تنوار کان پو سڪون کان بي سڪون ويا ٿي
انهن جي آشا ڄڻ ڪي لاشا ڪريا ڪپ تي بار آهي