محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اڄ 21 نومبر 2015 تي هڪ سنڌي قومپرست فيس بوڪ تي پوسٽنگ ڪئي آهي:......شهيد بالاچ هڪ شهزادي طور جنم ورتو،ماسڪو ۾ تعليم پرائي ۽ لنڊن ۾ شاهاڻي زندگي گذاريندي جڏهن کيس وطن جي ويڙهه لاءِ سڏ ٿيو ته پنهنجي ذاتي پرتعيش زندگي ڇڏي هٿين خالي بلوچ وطن جي پهاڙن جو رخ ڪيائين، پاڻ هڪ اهڙي مرد مجاهد طور وڙهيو، پنهنجي ساٿيئن جا لاش به پنهنجي ڪلهن تي کنيائين ته سندن مٿي راتيئن جو جاڳي پهرا به ڏنائين،بکن ۽ بيماريئن جو مقابلو به ڪيائين ۽ پنهنجي وطن جي عام ماڻهن جيان پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم رهيو.
سوال آهي ته ٻين کي صلاحون ڏيندڙ، پاڻ انهيءَ تي ڇو ڪونه ٿو عمل ڪري ۽ جرمنيءَ سميت يورپ جون عياشين ڇڏي، سنڌي عوام جي عملي خدمت ڪرڻ لاءِ آخر سنڌ ڇو ڪونه ٿو اچي؟ باقي يورپ ۾ ويهي هُشيون ڏئي، سنڌي نوجوانن کي مارائڻ ۽ انهيءَ تي سياست ڪرڻ ته سندس لاءِ سولو ڪم آهي.َ هاڻ پاڻ اچي سنڌ جي عملي خدمت ڪري ته مڃجي...!!