• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مخدوم امين فهيم جي شاعري “تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس”

صاحبڏنو شيخ

سينيئر رڪن
سنڌ جي عظيم هستي شاعري جي شهنشاه سنڌ توڙي مُلڪ جي نامور سياستدان مخدوم امين فهيم (مرحوم) جي پنهنجي شاعري کيس ڀيٽا طور پيش ڪجي ٿي.

B1cPqy.jpg

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
انهي رمز سان روح ريجهائينديس.
جيڪي چار گهڙيون گهاريون اٿم
تو وساري ڇڏيو نه وساريون اٿم
تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ،
تنهنجي لاءِ جيئڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ
تون اچين به نٿو، مان وڃان به نٿي،
جيڪا تو آ ڪئي، ڪنهن کان به نٿي،
منهنجو تون ئي سڄڻ، تو لئي ٻيون به گهڻيون،
نٿي توکي وڻان، پر تون ته وڻيون
وڃي ويهي رهئين مونکان ڏاڍو پري،
تون ”امين“ ٿي اچ نصاف ڪري،
ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم.
مان ته پنهنجي پريت پچائينديس.
تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڀرڻ.
توسان ناتو نيئي نڀائينديس.
تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نٿي
اهو سڀ ڪجهه ڀاڳ کان ڀائينديس.
ڇا جا هار سينگار، ڇا تيل ڦڻيون،
ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس.
تنهنجي ويئي سري، منهنجي ڪيئن سري.
ڀلا توکي ڪيئن مان ڀلائينديس.
 
بس مڙئي ٺيڪ ئي آهي شاعري... باقي مرحوم سياستدان غضب جو هئو. مولا جنت ۾ جاءِ عطا ڪريس
 
Back
Top