هي ڪائنات ايترو ته وسيع آهي جنهن جي حد حدودن جو اندازو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي ۽ ان جي تخليق کي بي مقصد چئي خالق جو انڪار ڪرڻ عقل جي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته ڪائنات وسيع الوجود آهي ان جي اندر لکين ڪروڙين ڪهڪشان آهن انهن ڪهڪشانن جي اندر اربين ستارا به آهن ٻين ڪهڪشانن کي ڇڏي صرف ملڪي وي جي اندر شمسي نظام جي باري ۾ سوچجي ته اهو ڪيترو وسيع آهي ۽ ان ۾ زندگي صرف ڌرتي تي اڪثريت سان موجود آهي. ان زندگي جي مخصوص گولي تي موجودگي خدا جي حاڪميت ۽ وحدانيت جو گواه آهي ته ڪنهن منصوبي کان سواء ائين ٿي به نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته اگر هي ڪائنات ڪنهن حادثي تحت وجود ۾ اچي ها ته ضرور ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ نقص هجي ها ۽ زندگي صرف ڌرتي تي ترقي يافته نه هجي ها. زندگي جي باري ۾ ويچار ڪجي ته خود انساني شعور ئي خدا جي وجود جو دليل آهي. زندگي کي پنج فائلمس ۾ ورهايو ويو جنهن ۾ هڪ گهرڙائي، گهڻ گهرڙائي ٻوٽا ۽ جانور موجود آهن انهن ۾ انسان افضل جانور آهي جنهن جي اندر هڪ ذهانت موجود آهي ان جي وسيلي هو هر شي پرک ڪري ٿو جيڪڏهن اهو ذهانت اتفاقيه هجي ها ته انسانن جيان جانور به ڪو سماج جوڙي حڪومت هلائن ها. جانورن۾ شعور جي ڪم موجودگي ان ڳاله جو ثبوت ڏئي ٿو ته هي سب سنسار بامقصد آهي جنهن جو ڪو ڌڻي آهي. ان ڌڻي جي وجود جو ڪوبه مثال ڪونهي ڇاڪاڻ ته مثال لاء مادي وجود جو سهارو وٺڻو پوندو اسان ڄاڻون ٿا ته مادو تخليق ٿيل آهي مخلوق کي مثال بڻائي خالق لاء پيش نه ٿو ڪري سگهجي ۽ خالق کي مخلوق سامهو مخلوقي شڪل ۾ ظاهر نه ٿو ڪري سگهجي. خدا هن ڪائنات جي اندر موجود آهي ۽ ڪائنات جي فنا ٿيڻ سان به باقي رهندو . باقي جيڪو مذهبن ۾َخدا جو تصور آهي ته ڪنهن هڪ گروه تي رحمان آهي ٻين تي نه اهو سڀ منهنجي عقل جي نقطه نظر سان غلط آهي.