• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل لائيو ٽرئفڪ فيد هاڻي پاڪستان ۾ دستياب

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
گوگل ميپس ۾ لائيو ٽرئفڪ فيچر تمام گهڻن ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ کان پوءِ آخرڪار گوگل اهو هاڻي پاڪستان ۾ به متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ٽرئفڪ فيچر ذريعي توهان کي سفر ڪرڻ دوران رئيل ٽائيم ۾ ٽرئفڪ جي صورتحال ۽ وقت تي منزل تي پهچڻ جي ڄاڻ ڏيندي.

جيڪڏهن توهان ڪٿي به وڃڻ چاهيو ٿا ته گوگل ميپس جي مدد وٺندا آهيو ته ٽرئفڪ فيد ۾ رنگن واري پٽيون هونديون آهن،سائو ڪلر ٻڌائيندو آهي ته هن روڊ تي اسپيڊ نارمل آهي،ڳارهو رنگ ٻڌائيندو ته اسپيڊ گهٽ آهي،فڪو رنگ ٻڌائيندو ته هن روڊ تي ٽرئفڪ اسپيڊ نارمل آهي.
googles-live-traffic-feed-is-finally-enabled-in-pakistan.jpg
لائيو ٽرئفڪ پاڪستان جي تمام هاءِ وي يا روڊن لاءِ دستياب ناهي،هي فيچر انهن روڊن تي ڪم ڪندو جنهن جي ڊيٽا گوگل وٽ موجود هوندي،يا صارفين ماءِ لوڪيشن فيچر کي آن ڪري سفر ڪندو هجي تڏهن ڪم ڪندو.

لائيو ٽرئفڪ موبائيل ۽ ديڪسٽاپ ٻنهي لاءِ دستياب آهي.هن فيچر کي آن ڪرڻ لاءِ گوگل ميپس کي کولي ڪري کاٻي پاسي ٽرئفڪ جو آپشن هوندو ان کي ڪلڪ ڪرڻ سان کولي پوندو.
Live_Traffic_Google_Maps_02.jpg
 
چئي سگھجي ٿو ته گوگل جڏھن گاڏين جي چر پر نوٽ ڪري ٻڌائي سگھي ٿو ته پاڻ سڀني جي چر پر به ...
يعني انسان لوٽو کڻي جھنگ وڃي ته به اھي گوگليا نڀاڳا ڏسي رھيا ھوندا...
 
Back
Top