ڊاڪٽر فهميده حسين گذريل هفتي سنڌو لکت جي حل بابت ڪالم لکيو هئم، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ ڪيترن ئي سڄڻن نه صرف فون ۽ ايس ايم ايس ذريعي پر فيس بڪ جي مينيجر تي رابطو ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان ڏس ۾ وڌيڪ لکڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري توهان سنڌو لکت جي ڀاڄ يا ڀڃڻيءَبابت ٿيل اڳڀرائي کان پڙهندڙن کي ضرورت واقف ڪريو ته جيئن اهڙو ماحول پيدا ٿئي جنهن سان ان کيتر ۾ نوجوان اڳتي اچن، خاص ڪري آفتاب ابڙي فون ڪري تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪو پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جي ارتقا تي تحقيق ڪري رهيو آهي. جڏهن آئون سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ ۾ هُئس ته اهڙي هڪ اسڪيم به ٺاهي هُئي سون جنهن ۾ نه صرف سنڌو لکت جي ارتقا جي حوالي سان هڪ ميوزيم ٺاهڻ جي رٿا هئي. پر ان موضوع تي دنيا ۾ ڪٿي به ٿيندڙ تحقيق سان رابطو ۽ ان جي سهائتا ڪرڻ جو نُڪتو به شامل هو ته سنڌ جي يونيورسٽين مان جي ڪو شاگرد ڪمپيوٽيشنل لنگئسٽڪس ۾ ڊگري وٺڻ چاهي ته ان کي اسڪالر شپ ذريعي ٻاهر موڪلڻ جو پروبوزل به هو، تڏهن به آفتاب ابڙي ڪيتريون تجويزون موڪليون هيون پر جيئن ته اٿارٽيءَ جي عمارت ۾ نئين شعبي يا ميوزيم لاءِ گنجاش ڪا نه هئي. ان ڪري ضروري هو ته پهرين اتي ڪو تعميراتي ڪم ڪرائجي ان لاءِ ٻه تجويزون زير غور هيون. هڪ اها ته موجوده عمارت ۾ ڪٿي موجود جاءِ تي ڪجهه ڪمرا ٺهرائجن ۽ ان ۾ اهو تحقيقي شعبو ۽ ميوزيم ٺاهجي، ۽ ٻي اها ته عمارت جي پٺيان پيل پلاٽ تي ڌار بلڊنگ اڏجي جنهن ۾ هيٺ لائبريري هجي ۽ مٿي اهو تحقيقي مرڪز. اها جئين ته ڊگهي مدي جي رٿابندي هئي ۽ فنڊ به گهڻا گهربل هئا، ان ڪري ان کي مرحليوار ڪرائڻ جي ڳالهه ٿي. موجوده عمارت جي مرمت ۽ واڌو ڪمرن جي اڏاوت کي نسبتن آسان سمجھي، ان تي عمل لاءِ ورڪس ڊپارٽمينٽ کان تخمينا گهرايا ويا هئا ۽ ٻئي طرف تحقيقي رٿا جو خاڪو ۽ سنڌو لکت جي ڀاڃ جي ڏس ۾ اسڪيم جي حوالي سان ڪم هلندڙ هو. انهيءَ پس منظر ۾ ئي مون پنهنجي ڪتابن ۾ سنڌو لکت تي ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل تحقيق بابت مضمون تجرمو ڪري ڇپايا هئا. بهرحال انهيءَ حوالي سان مطالعو ڪندي هڪ مرحلو اهڙو به آيو جو ڪجهه ماهرن انهيءَ لکت تي مرڳوئي سواليه نشان هڻي ڇڏيو ته اها لکت ڪنهن ٻوليءَ جي ڪانهي بلڪه محض ڪجهه علامتن جي آهي، جيئن موجوده دور ۾ ٽريفڪ جون نشانيون، ايئرپورٽن تي جهازن لاءِ سگنل مختلف مذهبن سان وابسته اهڃاڻن ۽ بيهڪ جي نشانين وغيره جون علامتون هونديون آهن، تيئن ڪي غير ٻوليائي علامتون آهن ۽ لسانيات يا ڪمپيوٽر جا ماهر هرو ڀرو انهن ۾ ڪا ٻولي پيا ڳولين. اهڙو هڪ تحقيقي مقالو ٽن عالمن اسٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل لکيو، جنهن جو عنوان هو ته سنڌو رسم الخط بابت دعويٰ ڪوڙي، افسانوي داستان آهي، جيڪو مفروضو هاڻي ڊهي غلط ثابت ٿي چڪو آهي. (The collapse of the Indus script thesis-the myth of a literate harappan civilization) هئي ته ماڳهين سنڌو تهذيب (هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب) جي ماڻهن جي پڙهيل هئڻ تي ئي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو. هنن جي ان مقالي جو تت اهو هو ته سنڌو لکت ۾ موجود نشانيون يا علامتون غير لساني يا غير ٻوليائي آهن، ان ڪري اهو ٻوليءَ جي تحرير جو رسم الخط آهي ئي ڪو نه! 2004 ۾ ”اليڪٽرانڪ جرنل آف ويدڪ اسٽڊيز“ ۾ جڏهن اهو مقالو ڇپيو ته سنڌو لکت تي سالن کان ڪم ڪندڙ عالمن ۾ ڦڙ ڦوٽ پئجي وئي ۽ پوسيهل، ڪينوائر ۽ اروٿم مهاديون نالي ماهرن انهيءَ جي رد ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. 2005ع ۾ مشهور سنڌ الاجسٽ آسڪو پارپولا انهيءَ تنقيد جو جواب دليلن سان ڏنو. ان کاسنواءِ 2007ع ۾ وڊال ۽ 2008ع ۾ ميڪنٽوس نالي عالمن به ان بابت لکيو، جڏهن اهو بحث گهڻو وڌي ويو ۽ ڪنهن نتيجي تي ڪو نه پهتو ته، ڊاڪٽر آسڪو پارپولا 2009 ۾ پنهنجن مختلف مضمونن کي ترتيب ڏئي هڪ طويل مقالو لکيو ته ”ڇا سنڌو رسم الخط واقعي تحرير جو نظام ڪونهي؟“ (is the Indus script indeed not a writing system?) هن فارمر، اسپروٽ ۽ وٽزل جي ٽيم طرفان پيش ڪيل نڪتن تي هڪ هڪ ڪري دليلن سان بحث ڪيو ۽ پنهنجو نقطه نظر ۽ ڪمپيوٽر تي ڪيل اڀياس پيش ڪري ثابت ڪيو ته اهي نشانيون هڪ باقاعدي ڳالهائڻ واري ٻوليءَ جي نمائندگي ڪن ٿيون، هن جو نظريو اهو بيٺوته سنڌو رسم الخط پدن تي ٻڌل (logo syllabic) آهي، ان ۾ 400 نشانيون آهن، جنهن مان هر هڪ، هڪ اکر (Grapheme) آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن پد جي ترجماني ڪري ٿو. هن اهو به چيو ته ماهرن کي اعتراض آهي ته اڃا تائين ڪي ڊگهيون عبارتون هڪ هنڌ ڪو نه مليون آهن سواءِ ڍولا ويرا (گجرات-هند) جي هڪ تحرير جي جيڪا هڪ ڊگهي پٿر تي اڪريل آهي ته اهو ان ڪري آهي جو ڊگهيون تحريرون ڪن فنا ٿيندڙ وٿن (ڇوڏن، پنن، ڪپڙي يا ڪاغذ جي ڪنهن ابتدائي صورت) تي لکيل هونديون، ان ڪري هزارين سال گذرڻ سبب اهي ڳري سڙي ويون هونديون، تنهن ڪري اهو دليل ئي غلط آهي، البت جيڪي مختصر عبارتون محفوظ رهيون آهن اهي گهڻو ڪري مهرن تي اڪريل آهن،جيڪي مهرون پهرين ته صرف هڙپا ۽ مو هن جي دڙي مان مليون هيون، پر هاڻي پاڪستان جي ٻين قديم ماڳن جي آثارن کانسواءِ هندستان ۾ مختلف ماڳن جي کوٽاين مان به مليون آهن ته ميسو پوٽيميا (بابل ۽ سمير) جي ماڳن تان به لڌيون آهن. انهن نشانين ۾ ڪجهه ته معنيٰ وارو احوال لکيل هوندو، جيڪو انهن سڀني هنڌن جا ماڻهو سمجھندا هو ندا ۽ منجھن رابطي جو ذريعو هوندو. اها معنيٰ ۽ مفهوم، هڪ تمام وڏي مربوط نظام جي طرف اشارو آهي جنهن ۾ پري پري جا ماڻهو ملڪي انتظام، واپار يا رابطي/ڪميونيڪيشن ذريعي ڳنڍيل هئا، انهيءَ مرحلي تي 2010 ۾ راجيش رائو نالي واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏجي ڪمپيوٽر تي تجربا ڪيا ۽ پنهنجن نتيجن کي هڪ مقالي ۾ شايع ڪيو، جنهن جو عنوان هو ”سنڌو لکت جي علامتن ۾ پيغام رسانيءَ جي صلاحيت“ (Entropy, the Indus script-aresly to Richard sproat) هن ٽيم جا ميمبر گهڻو ڪري سڀ ڏکڻ هندستان جي دراوڙي ٻولين جا ڳالهائيندڙ هئا ۽ سندن نظريو اهو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي ٻولي پڻ قديم مارواڙي هئي. هنن جي ڪمپيوٽيشنل لنگئسٽڪس جي مدد سان ڪيل ”شمارياتي تور تڪ“ ۾ هنن معيار طور دراوڙي ٻولين کي سامهون رکيو. هندستان ۾ ”ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف فنڊامينٽل رسرچ“ آهي، جنهن ۾ پڻ لسانيات ۽ ڪمپيوٽر جي ماهر ڪجهه نوجوانن انهيءَ ڏس ۾ تحقيق ڪئي ۽ 2011۾ پنهنجو هڪ مقالو ڇپرايو، جنهن جو عنوان آهي ”سنڌو رسم الخط ۾ موجود نشانين جي ڊزائين يا جوڙ جڪ“ (Indus Script: a study its sign design) جنهن ۾ هنن انهن نشانين يا علامتن جي ترتيب جو تجزيو ڪيو ۽ ڪنهن به مهر ۾ انهيءَ جي ٻنهي ڪنڊن ۽ وچ ۾ ايندڙ نشانين کي ڌار ڪيو ۽ ڪجهه ٽئين قسم جون نشانيون به جدا ڪيون، جيڪي پهرين ٻن قسم جي نشانين جهڙيون ئي هيون پر مٿان يا هيٺان ڪن ليڪن، اڙين ۽ ٻڙين جهڙيون نشانيون لڳل هيون (جيڪي شايد ماترائن يا اعرابن جو ڪم ڏينديون هونديون، جنهن سان لفظ جي معنيٰ ۾ فرق پوندو هوندو) انهن مهرن ۾ ڪي مخلوط يا ڳنڍيل نشانيون (ligatures) به هيون، جن کي ٽوڙي، انهن جا عبارت ۾ اچڻ جا نمونا جانچيا ويا ته اهي الڳ ٿيون اچن ته گهڻا ڀيرا ٿيون اچن ۽ جي ڳنڍيل ٿيون اچن ته ڪيترو ورجاءُ اٿن ۽ سندن اڳيان پٺيان عمومن ڪهڙيون نشانيون ٿيون اچن. ان طريقي سان هنن انهيءَ ترتيب ۾ ڪنهن ٻوليءَ واري تنظيم تلاش ڪئي ته جيئن ان ذريعي نحوي ۾ منطقي اصولن تي ان تحرير کي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي حيثيت ڏئي سگهجي ۽ ظاهر آهي ته هنن جي پوري ڪوشش آهي ته اها ڳالهائجندڙ ٻولي قديم دراوڙي ثابت ٿئي. قديم دراوڙ قومون ته سنڌ ۾ به رهن ٿيون، سنڌ جا اوڏ، ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ اڄ به پاڻ کي دراوڙ چون ٿا، ان کانسواءِ بروهين کي به دراوڙ تسليم ڪيو ويو آهي ته پوءِ آ خر موجوده دور ۾ هزارين ميل دور تامل ۽ تيلگو يا ڪنڙ ٻولين کي ئي ڇو ٿو ڳو ليو وڃي. سنڌ جا اصلوڪا رهواسي جيڪڏهن دراوڙ هئا ته به هتان جون دراوڙي ٻوليون ڇو نه ٿيون ان تحقيق ۾ شامل ٿيڻ ۽ جيڪڏهن دراوڙن سان گڏ سنڌجي سرزمين تي هتان جا اصلوڪا رهواسي پروٽو سنڌي-آڳاٽا سنڌي به رهندا هئا ۽ سنڌ جي سرزمين تي سندن ابن ڏاڏن جي تهذيب جا اهڃاڻ مليا آهن جن ۾ انهن جي ٻولي به آهي ته انهن مهرن ۾ پروٽو سنڌيءَ کي ڇو ته ڳوليو وڃي، ان لاءِ بنيادي طور انهن سمورين تحقيقتن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنهن ڄائي کي ضرورت هئڻ گهرجي جيڪو هنن جي پڙهڻين ۾ تامل سان گڏ سنڌي لفظن جا اهڃاڻ به سڃاڻي سگهي. ويدن ۾ سنڌو نديءَ سان گڏ جنهن سرسوتي نديءَ جو ذڪر آهي. اها هاڻي موجود ڪانهي پر ان جي وهڪري جا جيڪي اهڃاڻ بيان ٿيل آهن انهن کي هاڪڙي درياهه سان سلهاڙيو وڃي ٿو ۽ جيڪي ٿر، ڪڇ ۽ گجرات کي هڪ ئي گڏيل ڌرتي ثابت ڪن ٿا، جيڪي ويدڪ اسڪالر سرسوتي نديءَ جي تهذيب جي ڳولا ۾ آهن، انهن کي به اهڃاڻ ته اسان وٽ ئي ملن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سنڌو لکت اندر موجود ٻوليءَ جي لفظن جو خزانو آڳاٽي وسيع سنڌ ڌرتيءَ جي ئي ڪنهن ٻوليءَ سان ميلُ کائيندو. اچو ته ان ڏس ۾ قدم اڳتي وڌايون! آئون ڪوشش ڪري پنهنجي پڙهندڙن کي موجوده دور ۾ ٿيندڙ تحقيق جي نتيجن کان آگاهه ڪندي رهندس ته جيئن ان جو سِرو پڪڙي اسان جو ڪونوجوان منزل جي طرف قدم وڌائي.