پنهجي ماضي بابت سوچڻ

'مختلف موضوع' فورم ۾ شعيب محمد وسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2015۔

  1. شعيب محمد وسڻ

    شعيب محمد وسڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    وفاقي اداري ۾ اسٽينو
    ماڳ:
    ماروئڙا ويجهو ڊائو يونيورسٽي
    هرڻ جي ڊڪڻ جي رفتار تقريباََ 90 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ۽ جڏھن ته شينهن 59 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿو تنهن جي باوجود گهڻي ڀاڱي هرڻ شينهن جو شڪار ٿي ويندو آھي. ڇا اوهان اهو فرق ڄاڻڻ چاهيندؤ،

    جڏھن شينهن کي ڏسي هرڻ ڀڄندو آ تڏھن هن کي پڪ هوندي آ ته شينهن هن کي هر گز.نه ڇڏيندو هو هن جي مقابلي ۾ ڪافي ڪمزور آھي پوءَِ ھرڻ بار بار پوئتي مڙي ڏسندو آھي ته شينهن جو هن کان گهڻو فاصلو رهجي ويو آ. انهي خوف ۾ بار بار پوئتي مڙي ڏسڻ جي ڪري هن جي ڊوڙ تي ڪافي خراب اثر پوندو آھي ۽ آخر ڪار هرڻ شينهن جي چنبن ۾ جڪڙجي ويندو آ.

    بعض اوقات ڪجه اهڙي ئي فطرت انسان جي به ٿي ويندي آ جو هو پنهنجي ماضيءَ کي مڙي ڏسندو آ ۽ اجايو سوچيندو رهندو آ جنهن سان ٻيو ڪجه نه ته هي نقصان ٿيندو آ ته انسان جي همت پست، طبيعت سست ۽ رويو غمگين بڻجبوآھي ۽ ڪيترا ئي وهم ۽ خوف انسان کي پوئتي ڌڪيندا رهندا آھن ۽ ناڪاميابين جو شڪار بڻائيندا آھن. ڪيتريون ئي انسان جي دل ۾ مايوسيون پيدا ٿينديون آھن جيڪي انسان جي زندھ رهڻ جو حوصلو ئي کسي وٺنديون آھن. انهن سوچن جي ڪري انسان پنهنجن مقصدن کي نڪي حاصل ڪرڻ جي قابل رهي ٿو نه وري هن کي پاڻ تي ڪو اعتمادهوندو آ. .....
    شعيب محمد وسڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو