اسان جي ملڪ پاڪستان کي ڪنھن ڪنھن لٽيو ڪيئن ڪيئن لٽيو؟؟ پوءِ به اھي لٽيرا سخي پيا سڏجن !! واھ ،،، چور سخي بڻجي ويا ته باقي ڇا بچيو ، اھو چور سخي ٿي سگھي ٿو جيڪو ڪنھن ظالم کان ڦري ۽ مظلوم ;e ڏي ان کي سخي چئي سگھجي ٿو ،، پر چور پوءِ به چور آھي ،، پوءِ ڪھڙي به قسم جو ھجي ...... ڪي اھي لٽيرا آھن ، جيڪي غريب جي نالي ٿي ڌارين ملڪن جي اڳيان فقير جيان ڪستو کڻي ٿا بيھن ته اسان جي ملڪ ۾ بک مفلسي واقا ٿي ڪري ۽ اسان جو عوام مختلف حالتن ۾ مري رھيو آھي،، پر اسان جي ملڪ جي حڪومت ان مرندڙ عوام ڏانھن ڪو تحوجه ڪون ٿي ڏي ،، پوءِ ڌارين کان پني اچي ھتي ھڪ نالي ماتر ڪيمپ لڳائيندا ڪجھ غريبن کي ڪجھ شيون ڏئي انھن کي قطارن ۾ بھاري انھن جا فوٽو مووي ڀري وري انھن کي موٽائي ڇڏيندا ۽ انھن جا فوٽو ۽ مووي انھن ڏانھن موڪليندا ته جيئن ٻي ڀيري ٻيڻي رقم پنئون ،، ھڪ وطن عزيز جي بدنامي ، ٻيو غريبن جي ناءُ تي ورتل رقم ھڙپ ڪرڻ ،، پر افسوس انھن جو ڪو چيڪ اينڊ بيلينس نه آھي ،، ،، ٻيا اھي جيڪي پنھنجي ئي ملڪ کي کاٽ ھڻي ھڻي خرب پتي بڻجي ويا ، جن کي پاڻ کي به خبر نه آھي ته پنھنجي ملڪ جي بئنڪن ۾ يا ٻاھرين ملڪن جي بينڪن ۾ انھن جي ڪيتري دولت پيئي آھي ، ،، اھي پنھنجي بليڪ مني مان اڻ ڳڻيا فنڊ اھڙن ماڻھن کي ڏين ٿا جيڪي پاڻ انھن کان وڌيڪ بکيا آھن،، سڀ کائي وڃن اوڳرائي به نه ڏين ،، ته متان ڪو پاڙي وارو يا ڪو عام ماڻھو ٻڌي نه وٺي ۽ پڇي نه ته ڇا کاڌو اٿي جو اڄ اوڳرايون ٿو ڏيندو وتين ،،،،،،،۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي اھي ماڻھو وڏن گاڏن ۾ گھمڻ لڳندا آھن ،، ۽ سماج جا چڱا مڙس بڻجي ويندا آھن ۽ ڪنھن سگنل تي ايئر ڪنڊيشن وڏي گاڏيءَ ۾ اچي بيھندا آھن ۽ کيسي مان سو جو نوٽ ڪڍي ٻن آکرن جي وچ ۾ فاسائي گاڏي جو اڌ شيشو ھيٺ ڪري ٻاھران روڊ تي ساڙيندڙ گرمي ۾ بيٺل فقير کي ٻه اکريون ٻاھر ڪڍي ڏيندا آھن،،، جيڪو ان جي ملڪيت جو اصل وارث ھوندو آھي ،ان کي بي خبري ۾ دعائون ڪندو ھليو ويندو آھي ،،،،!!! اسان جو ملڪ پاڪستان ڪيڏو آسودو آ جنھن ڪا حد ڪونھي ، اھا اللھ بادشاھ جي اسان تي ۽ اسان جي ملڪ تي ڪرم نوازي آھي ،، جيڪڏھن اسان جي ملڪ جا حاڪم سچا ۽ کرا ھجن ته اسان جي ملڪ جو نقشو دنيا جي نقشي ۾ گولڊن ڪلر ۾ نظر اچي ،، پر ان کي ڇڏيو به ته وڃي نه ،،، ازل کان اسان جو ملڪ کي ھائي جيڪ ڪيو ويو اڄ سوڌو انھن ھٿ ۾ آھي ،، جيڪو ٿو رنگيلو سياستدان اچي اھو منچ تي بھي ٿو چئي ته مان پاڪستان کي ھيئن بڻائيندس ، مان پاڪستان کي ھيءَ ترڪي ڏياريندس ، مان پاڪستان کي ڏوھن کان پاڪ ڪندس ، ،، بابا اسان جو ملڪ اڳ ۾ ئي پاڪ آ،، توھان رڳو ايمانداري سان پنھنجو فرض نڀايو ،، ۽ اصولن کي فائيلن ۾ بند ڪري نه رکو ،، پوءِ جڏھن اھو اقدار ۾ ايندو آھي ته اول پنھنجا اُلُو سڌا ڪندو پوءِ پنھنجي مائٽن جا پوءِ پنھنجي دوستن جا پوءِ پنھنجي ورڪرن جا ، پوءِ انھن آفيسرن جا جيڪي ھن جي اشارن تي نچندا ھجن ، ائين ڪندي خبر پوندي ته حڪومت جو پيرڊ ختم ٿي ويو ،، ۽ عوام اتي جو اتي ئي انتظار ڪندي رھجي ويو،، پوءِ وري اھو سياستدان عوام وٽ ايندو ۽ راڳ ڳائڻ لڳندو ته ادا ملڪ جو حال جڏو ھو ان کي سنڀاليندي منھنجو ٽائيم پورو ٿي ويو ھاڻي انشاءَ اللھ توھا جون مرادون پوريون ڪبيون ،۽ غريب مست حال وتندا ان رنگيلي جا گيت ڳائيندا ،،،،،، اھڙي قسم سان نظر ڊوڙائبي ته ھر صف ۾ بيٺل ھر ماڻھو اھڙوئي ملندو جيڪو پاڻ ڪڏھن غريب ھوندو،، ٽڪر لاءِ محتاج ،، ۽ اڄ ڪنھن نه ڪنھن نموني بي ايماني جي ڪري مالدار ٻڻجي ويو !!! انھن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونھي ،، ته تو اھو سڀ ڪٿان آندو ؟؟ ڪالھ تائين تنھنجا وڏاُ لوھ ڪوٽندو ھا، ، ھارپ ڪندا ھئا ، دڪاندار ھئا ، جيڪي مشڪل سان زندگي گذاري سگھندا ھئا ، ۽ تون پاڙي وارن جي (سپوٽ) مھرباني تي اسڪول پڙھين،، ۽ نوڪري به توکي ايڏي وڏي ڪون ھئي ، پر جي ڪنھن ڪي پوسٽ تي پھتين ته ايمانداري جي پئسي سان ماڻھو صرف اڇي زندگي گذاري سگھي ٿو پر ملڪيت ٺاھڻ يا ڪروڙ پتي ٿيڻ مشڪل آھي ،، تون اھڙو ڪھڙو ڪم ڪيو جو ايڏو مالدار ٿي وئين ،،، ان جو مطلب ته چور آن نه ؟؟؟؟ جي چور آن ته سخي ڪيئن ٿو سڏجين ؟؟ پر ڇا ڪجي ؟؟؟؟ اسان جو اڄ جو سماج اھڙن ماڻھن جو مرڪب ٿي پيو آ جتي ايماندار کي بي وقوف ، وري چريو سمجھو ٿو وڃي ،، ۽ اھڙن ماڻھن جو ھڪ ٽوڪرو آ جنھن ۾ روز روز واڌارو پيو ٿي اھي سخي آھن جيڪي ڪنھن ڪنھن روپ ۾ لٽيرا آھن ،، انھن جي ھڪ وڏي چين آھن جنھن جي ڪڙي ڪڙي سان ڳنڍيل آھي ،ھاڻ ان زنجير کي جيڪو غريب جو ھر طرف کان رستو بند ڪيون ويٺو آھي اڳتي اچڻ کان روڪي ٿو ، ان کي ڪير ٽوڙيندو ؟؟ ڪنھن وقت ۾ ڪو ڪميونسٽ ٽوئريسٽ پاڪستان ۾ گھمڻ آيو جڏھن ھُو موٽي ويو ته ھُن کان پنھنجن پچيو ته تو کي پاڪستان ۾ ڪھڙي خاص شيءَ نظر آئي ،، ھن جواب ڏنو ته پاڪستان گھمڻ کان پوءِ مونکي خدا جي ھجڻ جو فقين ٿي ويو آھي ،، سڀني حيرت وچان پچو اھو ڪيئن؟؟؟ ھن جوب ڏنو ته پاڪستان ڪو نظام ڪونھي پر پوءِ به ھي ملڪ ھلي ريو آ ته اھا ھڪڙي طاقت آ جيڪا ھن کي ھلائي رھي آ ،، پوءِ سمجھو ته اھو خدا ئي ٿي سگھي ٿو ...................