جواب: مان وقار علي سومرو مٺا وقار علي سومرا شال جُڙيو هُجين! تنهنجي تصوير ڏسي سچ پُڇين محسوس ڪيم ته تون سنڌ وطن جي ڪنول جي گُل وانگر مونکي لڳين ! تون شبنم ۾ گُل ڪو ڀنل لڳين ٿو ، ڪنهن شاعر جو تازو غزل لڳين ٿو، آ قسم مونکي سنڌ جِي سُهڻِي شام جو، تون ڪينجهر ۾ ڄڻ ڪو ڪنول لڳين ٿو ! پيارا ادا، اسان پنهنجي دل جي گهرائين سان توهان جي آجيان ڪريون ٿا، ۽ سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان کي انتهائي محبتن سان انتهائي چاهتن سان ۽ انتهائي شفقتن سان ڀليڪار چئون ٿا۔ اميد ته سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تان پنهنجي لکڻين ذريعي جيجل سنڌ جو سچو سپوت ثابت ٿي امڙ سنڌ جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهندين۔
جواب: مان وقار علي سومرو مٺا نثار صاحب اوهان جا لک ٿورا مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جو اوهان منهنجي لاء هڪ شعر چيو وڏي مهرباني۔
جواب: مان وقار علي سومرو ادا وقار صاحب سنڌ سلامت تي ڀلي ڪري آيا، ۽ اوهان جي تصوير اسان کي تمام گهڻي پسند آئي۔
جواب: مان وقار علي سومرو محترم وقار علي سومرو! سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تان، هي فقير به اوهان کي ڀليڪار چئي ٿو۔۔۔۔ اميد ته اوهان پنهنجا ويچار هن اڱڻ وارن سان ونڊيندا رهندو۔۔۔۔۔۔
جواب: مان وقار علي سومرو ادا وقار سنڌ سلامت جي محبت ڀريي اڱڻ تي توهان کي خوش آمديد ٿا چئون، توهان جي تصوير مان لڳي ٿو ته توهان مستقبل جا ماڊل آهيو۔
جواب: مان وقار علي سومرو ادا زاهد صاحب توهان ڪٿان جا آهيون چا ڪاڻ ته مان به سومرو آهيان ڪجهه ٻڌايو پنهنجي باري ۾؟؟
جواب: مان وقار علي سومرو ڀاء وقار احمد توهان کي هن سرهاڻ ڀريي اڱڻ تي خوش آمديد چئون ٿا اميد ته توهان پنهنجي علمي خزاني مان ڪجهه دوستن سان شيئر ڪندا۔