• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪڏهن سوچ سولي .....

ڪڏهن سوچ سولي
_____________
ڪڏهن سوچ سولي تي لٽڪيل رهي ٿي
ڪڏهن ساڀيان ٿي به ڀٽڪيل رهي ٿي
هي دنيا جو دستور هلي هت پيارا
سدان سيج ڏکڙن ڏنل رهي ٿي
هتي خواب سڀ جا نه پورا ٿيا هن
سٻڪن ۾ آشا ڀليل رهي ٿي
سڪون جي ڳولا سڀ ڪو ڪري ٿو
دل سڀ جي دردن ۾ ويڙهيل رهي ٿي
هي آشا نراسا ٿئي شل نه ڪنهنجي
اندر ۾ اماوس ٿي اونجهيل رهي ٿي

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top