مباه توکي محبتون سڀ....

مباه توکي محبتون سڀ
_______________________

مباه توکي محبتون سڀ اسان به سڪ جي سير ۾ هون
جهوري جهوري جيئڙو پنهنجو جياپو سارو جهير ۾ هون.....

اسان اسر ويل اٿي پياسين خواب خستوري ساڀيان لئه
سوين سلامن اندر اڪيرن سنڌو ءَ وهندڙ وير ۾ هون....

محبتون ڀي مندن جيان هن ڪڏهن بهارون ڪڏهن سرءُ آ
ڇني جدايون ڪري ٿو ڪوئي جنهن لئه سڪ سرير ۾ هون

هن جون يادو ساوڻيون ٿي وسڻ لئه اکيون اڀار آهن
روح ۾ رچنا رهي ٿي جنهن جي اڃا به غفلت غير ۾ هون

قرب ڪنارا ڪري ويو ڪاڏي پتو نه آهي پريت پياري
هن جي ياري مٺ ۾ واري اندر جنهن لئه اڪير ۾ هون



رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top