• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سال 1972 واري ٻولي ايڪٽ ۾ ٻه ـ لساني صوبي جو ڪوبه ذڪر ڪونهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
منهنجو کليو چيلينج آهي ته سال 1972 واري ٻولي ايڪٽ ۾ ٻه ـ لساني صوبي يعني باءِ لئنگل صوبي جو ڪوبه ذڪر ڪونهي ـ ان ۾ صرف سنڌي ٻولي، سنڌ جي صوبائي ٻولي (اڪيلي) قرار ڏنل آهي ـ بعد ۾ جيڪو وضاحتي آرڊيننس، زبردست فسادن کانپوءِ جاري ڪيو ويو هو ان ۾ به اهو ڄاڻايل هو ته اردو قومي ٻولي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي صوبائي ٻولي بڻائڻ سان ان کي نقصان ڪونه ٿيندو پر سنڌ جي اڪيلي سنڌي ٻوليءَ وارو فقرو پوءِ به بحال رهيو ـ ٻه ـ لساني صوبي واري ڳالهه اردو ڳالهائيندڙن پروپئگنڊا طورڪئي آهي ـ گھٽ ۾ گهٽ اهو ايڪٽ ته پڙهو، هرو ڀرو ٻڌل سڌل ڳالهين تي ايمان ته نه آڻيو ۽ سنڌين کي گمراهه نه ڪريو ـ باقي اردو ته سال 1948 ۾ قومي ٻولي قرار ڏني وئي هئي، ان کي ختم ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ڪونهي، سچائي ته اها آهي ـ
 
Back
Top