درگاهه نوح شريف جو نئون سجاده نشين مخدوم جميل الزمان ”جميل“

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    درگاهه نوح شريف جو نئون سجاده نشين مخدوم جميل الزمان ”جميل“

    ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا (هالا)

    قبلـ سائين مخدوم جميل الزمان ”جميل“ 23 نومبر 2015ع تي درگاهـ مخدوم سرور نوح جا سجاده نشينيءَ جي دستاربنديءَ کانپوءِ سروري جماعت جا روحاني پيشوا ٿيندا قبلـ سائين مخدوم امين فهيم جا وڏا صاحبزاده قبلـ سائين مخدوم جميل الزمان 27 جولاءِ 1961ع تي هالا ۾ جنم ورتو.پاڻ شروعاتي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم هالا مان ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي.
    جيئن تـ علمي ادبي ماحول ۾ تربيت هجڻ ڪري 1981ع کان سنڌي ادب ڏانهن راغب ٿيا.پاڻ شاعري،نثر ۽ ادبي ميدان ۾ تاريخ تي تحقيق ڪئي آهي.سندن مطالعو ۽ مشاهدو تمام گهڻو وسيع آهي ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت جا تمام گهڻا ڄاڻو آهن.سندن 15 کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ۾:
    1-اتر لڳا آءُ پرين
    2-دلربا دلربا
    3-سنڌ جي واقعاتي تاريخ
    4-تذڪره مخدومان هالا
    5-خيري شيرازي لغت
    6-ملاقات
    7-محبت پائي من ۾
    8-انت محبوبي (مرتب)
    9-سيد فتح محمد شاه اجناڻي سوانح ۽ ڪلام (مرتب)
    10-سج وڙاءُ
    ۽ سندن شاعريءَ جو مجموعو،
    11-روح رچنديون قابلِ ذڪر آهن.

    سائين مخدوم جميل الزمان هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ روينيو جا وزير آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين،بزمِ طالب سنڌ جا وائيس چئيرمين، ”ڏات“ پبليڪيشن جا باني ۽ طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا جا چيئرمين پڻ آهن. سروري جماعت جي مريدن ۾ پينگهاري جا ڪاڪا، کپري جا راڄڙ، ويءُ جا ماڇي، عمر ڪوٽ جا ڪنڀر ۽ پلي، ٽکڙ جا سيد، ڇاڇري جا دل، ٽنڊي الهياري جا پلهـ ۽ ٻيا بـ هند ۽ سنڌ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين مريد آهن انڪري سروري جماعت کي 9 لکين گودڙي ڪري بـ سڏيو ويندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو