بنگلاديش ۾ ڦاهيون ۽ اصل سچائي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2015۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    بنگلاديش ۾ غداريءَ جي الزام ۾ مقدما هلائي ڦاهين جون سزائون ڏنيون پيون وڃن جنهن تي سدائين وانگيان اردو ميڊيا هنگامو برپا ڪيو آهي ته پاڪستان سان محبت جي عيوض انهن ماڻهن کي ڦاهين جون سزائون ڏنيون پيون وڃن ـ
    سچائي اها آهي ته جماعت اسلاميءَ 2 دهشتگرد تنظيمون البدر ۽ الشمس ٺاهيون هيون جن هٿيارن جي زور تي ساري بنگلاديش (ان وقت اوڀر پاڪستان صوبو) ۾ ظلم جي باهه ٻاري ڏني هئي ۽ قتلام ڪيو هو ـ هاڻ انهن تي مقدما هلائي کين ڦاهين جي سزائون ڏنيون پيون وڃن ته اردوميڊيا هنگامو ڪري ڇڏيو آهي ـ
    جيڪڏهن اهڙن ماڻهن تي مقدما هلائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ٿي رهي آهي ته اها ضرور دور ٿيڻ گھرجي ۽ انصاف جون سڀ گھرجون پوريون ڪرڻ گھرجن ـ ڇا ماڻهو وساري ويٺا آهن ته هزارن جي انگ ۾ بنگالين جون اجتماعي قبرون مليون هيون؟ مون پاڻ ڊاڪا کان اٽڪل 50 ڪلوميٽر پري ساور ۾ اهڙين قبرون تي ٻه ڀيرا حاضري ڀري آهي ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو