• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين عبدالماجد ڀرڳڙي لطيف ايوارڊ جو مستحق ... ؟ فيصلو اوهانجي هٿ ۾

معظم بلوچ

سينيئر رڪن

warr5n.jpg

ڪنهن به ڪم جو آغاز ٿئي ته ان ۾ مشڪلاتون ضرور آهن ليڪن جيڪو محنت ڪندو آ اهو ان مشڪلاتن کي نڀائي ڪري منزل تائين پهچندوآ ، دوست سوچن ٿا محنت انسان پنهنجي لائي ڪندوآ ته پوئي ٻين کي ڇوهمٿائڻ گهرجي جيڪڏهن محنت ڪندڙ مواد پاڻ وٺ رکي ٿو ته پوئي ٻين کي ڪهڙو فائدو ، مواد کي پبلڪ جي سامهون آڻي ٿو ته پوئي ان جو خيال رکڻ هرڪنهن جو اخلاقي فرض آهي.
باقي اوهان سڀ ڏنل مواد کي پڙهي فيصلو ڏيو ..! پهرين لنڪ ۾ بابت ڪجه لکيل آهي ۽ ٻئي لنڪ ۾ ان جي محنت جنهن بابت بحث هلي ٿو.

http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130334122&Issue=NP_HYD&Date=20151124

http://www.bhurgri.com/bhurgri/sd_index.php
 
محترم عبد الماجد ڀرڳڙي اسانجي ٻوليءَ کي جيئدان ڏئي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻايو، جنهنڪري اڄ اسين ڪمپيوٽر، موبائل فونن ۽ ڇاپي ڪمن ۾ سنڌيءَ جو استعمال عام ۽ سھڻي انداز ۾ ڪندي فخر محسوس ڪريون ٿا.

لطيف اوارڊ جتي مختلف شعبن ۾ ڏنو وڃي ٿو اتي ان شخصيت جو به حق پهچي ٿو جنهن پهريون دفعو شاهه جي رسالي ۽ شاهه جي پيغام کي انٽرنيٽ تي عام ڪيو، پهريون دفعو اِي بوڪ ۽ اي پب سان گڏ اينڊرائڊ ۽ موبائل ڊواسز تي آندو ۽ اهو آهي عبد الماجد ڀرڳڙي.

پاران : سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


23SkPp0.jpg


 
محترم عبد الماجد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ملي پر اهي اهل علم جيڪي جديد دور سان واقفيت رکن ٿا ۽ ڪمپيوٽر جي پڻ ڄاڻ رکن ٿا انهن لاءِ ته هڪ وڏو خزانو آهي باقي لڪير جي فقيرن کي ڪڏهن قدر ٿيندو ان جي خبر ناهي.
 
Back
Top