رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سنڌ جي تعليم
سنڌ جي تعليم جي ڀڃ ڊاه جا ڪيئي ڪارڻ آهن جن جو تعين ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ،سنڌ ۾ تعليم جي بربادي گهٽ پر سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ جو سلسلو تباهي جي ڪناري تي پڄايو ويو آهي جنهن ۾ پرائمري ،سيڪنڊري وارو تسلسل کي اڻ چٽو ۽ ڌنڌلو بنائيندي ڪئي نوان رجهان ڏنا ويا .
هن تعليم تي ڪئي تجربا ڪندي ڪندي الاءِ ڪهڙي هنڌ پڄايو ويو جتي جي خبر به نه اهي ته يار ڪهڙي تعليم پيا پرايون ،ونڊيون ورهايون ،هاڻي ڪجه عمومي مسئلا جيڪي سڀن کي خبرهوندي ڌيان نه پيا ڏين جن ۾ سٺا تعليم دان سٺا ماهر پر انهن کان ڪم ناه وٺڻوآ ......
سنڌ جي تعليم بنيادي طور چئن حصن تي مشتمل آهي
پرائمري ،سيڪنڊري ،هاير سيڪنڊري ۽ هنري يعني پروفيشنل
پرائمري تعليم
هن ۾ 1947 کان ئي هڪ بيڪار جداگانه جدائي تي مشتمل سلسلو ڏنو ويو جنهن ۾ ڪجه اردوپرائمري اسڪول ۽ ڪجه سنڌي پرائمري اسڪول جنهن سان هڪ بنيادي طور ٻه نسلن جو وجود رکڻ جي ناڪام ڪوسش ڪئي وئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين روان دوان آهي ۽ سنڌي ۾ ٻار جي تعليم کي تباه ڪندي رهي آهي جنهن سان نفرتون ۽ هڪ جهڙائي پيدا نه ٿي نتيجتن هڪ ٻي جا خون جا پياسا ٿيندا وياسين جيڪا هن ڌرتي جي ماڻهن سان ناانصافي ۽ داداگيري ۽ تعليمي دهشتگردي ڪئي وئي جنهن جا اگرا نتيجا نڪتا .....
هجڻ ته ائين گهربو هو ته ڪشمور کان ڪراچي تائين هڪ نظام تحت سنڌي پرائمري جو نظام رائج هجي ها جنهن سان ڌرتي جي محبت ۽ وجدان وڌي ها ۽ جدائي وارو جهان جوڙڻ جي خواهش ئي نه پيدا ٿي ها هنن کي ...
وري پرائمري ۾ ڪئي پروجيڪٽ آندا ويا ،ڪجه مسجد اسڪول،ڪجه اقرا اسڪول ۽ ڪجه ٻين نالن سان جيڪي هڪ سسٽم ۾ ڏڦيڙ وجهڻ جي مترادف هيو .
وري ڪجه وقت کان پو پرائيواٽ ۾ تعليم جو رجهان ڏنو ويو جيڪو هن سنڌي ٻار کي بلڪل اڻ وڻندڙ ڪيفيت ۾ پڄايو ويو .
وري ڪجه کي انگلش ميڊيم جو بي هوده شوق ڏنو ويو۽ ٻار کي گودڙي ۾ ڪنڊر گارٽن يا آڪس فورڊ يا وري اڃا هو اسماعيلي طريقي جا آغا خاني بورڊ جوڙيا ويا جن جو هن ڌرتي سان هن فطرت سان هتان جي تهذيب سان ٽڪرائيندڙ رستا پيدا ڪيا ويا ، ۽ وري هتان جي سادي اٻوجه سنڌي کي اهو ٻڌايو ويو ته توهان جا وڏيره توهان جي تعليم جا دشمن آهن سي نه ٿا چاهين ته توهان سنڌي پڙهيا لکيا هجو جيڪو هڪ منافقي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل انديشو اهي .
فطرت چئي ٿي ته ٻار ٻاتيون ٻوليو گهر ۾ ماءُ جي جهولي ۾ سکي ٿو ۽ پو 5 سالن کان پو ٻولي کي آوازن اچارن کان اڳتي لکڻ تائين پرائمري سرشتو بنيادي حيثيت وارو هيو ان ۾ ٻار ڀڙ ٿيڻ کان پو ٻيون ٻوليو اردو ۽ انگلش پڙهڻ جو رجهان هيو 10 سالن تائين جي عمر ۾ سمجه به وڌندي رهندي آهي ۽ تعليم ۾ پنهنجي ٻولي ۾ گهڻي قدر مڪمل ٿي ويندو آهي هاڻي ڪلاس ڇهين ۾ اگريزي پڙهڻ جي شروعات ڪبي هئي ۽ باقي مضمون سنڌي ۾ ميٽرڪ تائين پڙهايا ويندا هئا جنهن۾ ٻار پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ٻولي ۾ ڪافي حد تائين سمجهدار ٿي ويندو هيو ۽ انگريزي ۽ اردو به گهڻي قدر سکي وٺندو هيو
هي هيو ٻار جو نفسياتي بانور ٻولي ۽ تعليم وٺڻ جو جيڪو هاڻي بي هوده طرز پرائيويٽ ،انگلش ميڊيم جي ور چاڙهيو ويو آهي جنهن ۾ غير سنڌي جو اصل زور آهي سنڌي ٻولي کي نقصان ڏيڻ ان ٻولي کي وڌائڻ جيڪا ٻولي آهي ئي نه هڪ هندي ٻولي جو آواز آصرف.
پهرين درجي ۾ انگريزي ان سوچ تحت ته هو پرائيويٽ وارا ۽ انگلش ميڊيم وارا بابا ڪي جي نرسري ۾ انگلش پڙهائين ٿا ۽ سنڌ گورنمنٽ وارا نه ٿا پڙهائين سو حڪومت پنهنجوموقف ڪمزور ڪري انهن جي رجهان تحت گورنمنٽ اسڪولس ۾ به پرائمري جي شروعاتي ستح کان سنڌي الف بي سان گڏو گڏ اي بي سي پڙهائڻ شروع ڪئي آهي جيڪا هڪ ٻار سان فطري ظلم آهي جيڪو ٻار پنهنجي سنڌي ماءُ جي ٻولي ۾ اڌو گهاٻرو پيو ٿئي ۽ هو ڌاري ٻولي جيڪا هن جي بانبڙن کائڻ سان گڏو گڏ شروع ڪرائڻ ڪٿان جو عقل آهي جڏهن ته ڪا به ٻولي هڪ سال يا ٻن ۾ سکي سگهجي ٿي جنهن لاءِ به ڇهين درجي کان شروعات ڪجه قدر عقل واري سالم پئي لڳي جنهن کي بلڪل شرعات تائين ڪهڙن سببن جي ڪري آندو ويو آهي ۽ اڙدو کي به شروعااتي سلسلي ۾ شامل ڪيو ويو آهي هڪ ٻار ٽي ٻوليون بانبڙن کائڻ سان شروع ڪري ته هن ٻار جو ڇا حشر ٿيندو ڪنهن به دنيا جي ملڪ ۾ ائين نه آهي اهي پنهنجي مادري ٻولي ۾ هنري علم يعني پروفيشنل ادارن ۾ به تعليم پيا ڏين جنهن ۾ چائنه جپان روس وغيره آهي ته هتي هنن ايڏو ڌمچر ڇا جي ڪري ڪيو آهي جنهن ۾ ٻار ( سنڌي ٻار ) وائڙو ۽ نه سمجهي سگهڻ جهڙيون سوچن ۾ سرڙجي ويو آ والدين ان شوق ۾ ته ٻار وڏن اسڪولن ۾ پڙهائڻو آ معاشري ۾ فخر سان چوڻو آ ته منهنجو ٻار فلاڻي اسڪول ۾ پڙهي ٿو ۽ ان جي فيس تمام گهڻي آ ....هي نفسياتي بي هودگي معاشري ۾ پيسن جو زيان به ته طبقاتي ورڇ به پيدا ڪري پئي .....
سنڌ جا اسڪول
ڪجه اسڪول بند ڪجه اسڪول بلڊنگ نه ،ڪجه اسڪول ٻٽا ٽائم پيا پڙهائين
هاڻي جيڪي گهوسٽ اسڪول چيا ويا اهي در اصل ايڊيو ڪيشن ورڪس جي بي هودگي سبب ٿيا آهن جن ۾ اسڪول مڪمل نه جوڙڻ هڪ وڏو سبب آ جنهن ۾ سپر وازر يا اي ڊي او وارا اهو اسڪول هنيڊ اور نه ٿا وٺن نتيجتن اهو اسڪول بند رهي ٿو سالها سال ڪنهن ۾ بجلي نه هجڻ جو سبب ،ته ڪنهن ۾ ونڊوز جو نه هجڻ ،ته ڪنهن ۾ باٿ رومس جو نه هجڻ ،ته ڪنهن ۾ رنگ نه ڪرڻ ۽ ٻيا انيڪ ننڍا ننڍا سبب ڄاڻائي اسڪولن کي بند رکيو ٿو وڃي ۽ پو اهو ان پاڙي جو ڪو به سرگرم ماڻهو بلڊنگ خالي ڏسي ڏسي پنهنجي ڪتب آڻي ٿو ۽ واويلا وري وڏير جي اوطاق طور ڪئي وڃي ٿي ....
ڪٿي ڪٿي اهو اي ڊي او پاڻ اتان جي وڏيري کي ۽ پنهنجي غليظ سوچ تحت اهو اسڪول ٻي هنڌ منتقل ڪندي ان ٺهيل اسڪول کي ڀڙ ڀانگ بنائي ڇڏي ٿو سو به ان تعليم جي سپر وازر يا اي ڊي او جو ڪم آهي جنهن ۾ هن وٽ پوري اسڪولن جي ترتيب ۽ رڪارڊ هجڻ جي باوجود انهن کان ڪن لاٽار ڪري ٿو ...
وري ڪجه اسڪول ائين ئي انتظاميه جي بي توجهي سبب خالي رهڻ کان پو ٻيا ادارا يعني هيلٿ ،پوليس يا ڪو ٻيو انهن تي قبضو ڪري ويهي ٿو رهي جنهن جي بجيٽ تعليم منجها رکيل هئي پر ڪتب وري ٻين ادارن لاءِاچي پئي ...
اسان جي خيال ۾ ٻه وڏا فيڪٽ آهن سنڌي تعليم تباه ڪرڻ جا
هڪ تعليمي سرشتو
ٻيو انتظاميه سرشتو
ٻئي بي ترتيب ڪري ڇڏيا ويا آهن تعليمي سرشتي ۾ تربيت جو فقدان ۽ بي هوده ٻيا پرائيويٽ اسڪولن جا رجهان سبب ڪانءَجي ٽور سبب هنج هلڻ وسري ويو ...
وري انتظاميه جيڪا سپر وازر ۽ اي ڊي او تحت منظم ٿي هلڻ گهرجي ها ۽ فيلڊس وزٽس ڪري اسڪولن استادن هجڻ جو يقين ڪندي طريقه تعليم طرف ڌيان ۽ زنده جاودان ڪري هلائڻ ۾ سستي ۽ ڪاهلي جو ڪارڻ جنهن اسان جي تعليم کي لوڙهي ڇڏيو آهي
روز روز نوان تجربا ڪڏهن اقرا اسڪولس سسٽم ته ڪڏهن مسجد اسڪول جو طريقو ته هاڻي وري پهرين درجي کان انگريزي پڙهائڻ ۽ اردو کي به پڙهائڻ هن سنڌي ٻار کي پريشان حال ڪري ڇڏيو آهي وري والدين جن جا تقريبن 40 سيڪڙو بلڪل اڻ پڙهيل تن کي تعليم جي اهميت جي به خبر نه آهي ته اهي ان ٻار جو ڀلو يا بروڪيئن سوچي سگهن ٿا تن جي تات ته صرف رهڪي پوکي محنت مزدوري پيٽ پالڻ ئي آهي انهن جو تعليم جي اهميت کان اڻ واقفيت اسان جي سنڌي ماڻهو کي تعليم کان دور پيو ڪري ...
صلاحون
هڪ سنڌ هڪ نظام تحت سنڌي پرائمري جو جاري رهڻ ،ڇهين درجي ۾ انگريزي پڙهائڻ جي شروعات ڪرڻ ،ميٽرڪ تائن سنڌي ۾ تعليم ڪريوڪلم هجڻ ۽ فرسٽ يير انٽر ۾ مڪمل انگريزي ۾ ڪورس هجڻ ۽ پروفيشنلس يونيورسٽيز ۾ انگريزي ۾ پڙهائڻ ئي هڪ بهترين ۽ سمجه ۾ ايندڙ طريقو آهي
صرف سنڌي ميڊيم اسڪولس جو هجڻ ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين .... نه ڪي اردو ميڊيم اسڪولن جو هجڻ جنهن سان تضاد پيدا ٿئي پيو باقي اڙدو جيڪو سنڌي اسڪولس ۾ رائج آهي اهو پڙهائڻ ....
پرائيويٽ اسڪولن کي فل فور بند ڪرڻ ۽ ڪنهن کي به اجازت نه ڏيڻ ته هو پرائيويٽ اسڪول کولي ڌنڌوڙي قسم جو طريقو ڪري سنڌ جي تعليم جي تباهي ڪري
تعليم صحت امن پاڻي رستو روڊ اهي بنيادي ضرورتون آهن جيڪي سرڪار کي ڪرڻيون آهن نه ڪي اين جي اوز يا ڪو ٻيو عام ماڻهو يا ڪو ادارو ...
تنهن ڪري سرڪار کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ بجيٽ جيتري گهرجي استعمال ڪري پر اها ان سال جي مڪمل ٿيڻ تائين پوري ڪري رزلٽ اورينٽيد ڪئي وڃي ته نتيجو فائدو ڏيڻ شروع ڪري ...
ڪا به تعليم جي سلسلي ۾ ٻاهري ملڪن جي يا ادارن جي مدد ورتي وڃي پر ان کي هن هڪ ئي نظام ۾ ظم ڪرڻ گهرجي نه ڪي انهن جي فرمائشن تحت ٻٽا بٽا طريقه تعليم پيدا ڪري ڏڦيڙ پيدا ڪيو وڃي ....
سڀني اسڪولس جو ڪاليجن جو انتظامه هڪ ئي رخ ۾ هڪ سلسلي کان ڪرائڻ گهرجي ....
جن پراويٽ تعليم جو سرشتو ڏنو ڇا اهي فزڪش يا بايولاجي يا ميٿ ميٽڪس ۾ ڪو خاص نيون وصفون ڏنيون آهن يا انهن وٽ رفتار جو فارمولو ٻيو آ ۽ ولاسٽي سنڌي ميڊيم ۾ ٻي پڙهائي وڃي ٿي يا سيل جي بناوت پرائيويٽ اسڪول ٻيو پڙهائي ٿو يا ميٿ ميٽڪس ۾ 2+2 چار آ پر پرائيوٽ وارو 2+2 کي پنج ڪري پڙهائي پيوجي نه ته پو هي پيسن جو زيان ۽ نفسياتي بي ترتيبي بند ٿيڻ گهرجي ...جنهن سبب سنڌي ٻولي کي وڏو نقصان پهچايو پيو وڃي ...
ها سرڪاري اسڪولن ۾ هن شيءِ جو يقين ڪرايو وڃي ته انهن جي پڙهائي ،انهن جون ليبارٽريون،انهن جي اسڪولس ۾ صفائي سٿرائي ۽ راندن جا ميدان ۽ ٻار جي نفسياتي ڪشش۽ ضرورتن جا سبب اهڃاڻ موجود ڪري ڏيڻ جو بندو بست هجي .
سروي ڪرائي جتي اسڪولن جي کوٽ آ اتي پوري ڪئي وڃي جتي اسڪول جي ضرورت نه آهي اتي بلڊنگ ٺاهي پيسي جو زيان نه ڪيو وڃي ...ڪرڻ واري کان پڇاڻو ڪجي ...هڪ خود ڪار سرشتو رائج ڪجي جنهن سان هي بي ترتيبي ختم ٿي وڃي
سپرووازر ۽ اي ڊي او تي لٺ کڻڻ جي اشد ضرورت اهي اهي ئي زميني حقائق ڄاڻيندي ڪن لاٽار ڪن ٿا تن کان پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو ۽ ضميوار ڪري سزا جزا تائين پڄائجي ته جيئن هي اسان جي تعليم بهتري طرف هلي
هر اي ڊي او ۽ سپر وازر جي آفيس ۽ ضلعي تعلقي جي روڊ سائيڊ تي سائين بورڊ جن ۾ اسڪولس جي لسٽ هجڻ گهرجي وڌيڪ ويجهي روڊ تي اسڪول جو نالو ۽ هيڊ ماستر جو نالو نمايان ڪيو وڃي ته خبر پئي ته هن ايريا ۾ ڪهڙو اسڪول آهي ۽ گهڻا اسڪول آهن انهن جي آبادي جي ڄاڻ ۽ ٻارن جي پڙهڻ جو تعداد به نمايان هجي اهو ان ڪري ته معاشري جي ٻين جاندارن ڪردارن کي گهمندي ڦرندي خبر پوي ته اسان جي علائقي ۾ ڪيترا ٻار آهن ۽ ڪيترا پڙهي رهيا آهن ۽ آبادي ڪيتري آهي ....
جنهن سان اعتماد سازي ٿيڻ جو قوي امڪان آهي ۽ ڪنهن به بي ترتيبي جي ڇنڊ ڇاڻ پڻ ٿي سگهي ٿي ....هي ضميواري سپر وازر ۽ اي ڊي او جي هجڻ گهرجي