مَارُئي اَڄُ اَڍَنگا وَيڻَ، مُکَي مُڪا جَيڏِيَين

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اَڄُ اَڍَنگا وَيڻَ، مُکَي مُڪا جَيڏِيَين
    هارِي ! هَمِيرَنِ جا، جِڪُسِ کاڌءِ کَيڻَ
    سانبِيئڙا ۽ سَيڻَ، ڪِ تو وِئا وِسِرِي


    سُرُ مارِئِي

    اَڍَنگا = بي ڍنگا، بي سرا، اڻ سهائيندڙ
    وَيڻَ = مهڻا، طعنا، ٽوڪون
    مُکَي = مونکي
    مُڪا = موڪليا
    جَيڏِيَين = هڪجيڏين، سرتين، سهيلين، سنگتياڻين
    هارِي = هارايل، نادان
    هَميِرَنِ = بادشاهن، اميرن
    جِڪُسِ = شايد، گهڻو ڪري، يا تہ
    کَيڻَ = کاڌا، کاڄ، طعام
    سانبِيئڙا = ماروئڙا، جن جي سار هجي
    سَيڻَ = محبوب، دوست، سهيليون، سرتيون
    ڪِ = جيئن، يا

    بيت جو پس منظر

    ~ اڄ سرتين مون ڏانهن نہ سهڻ جهڙا طعنا ڏياري موڪليا آهن.
    ~ اي نادان ! شايد توکي اميراڻا ٻوڙ پلاءَ وڻي ويا آهن.
    ~ توکان پنهنجو ملڪ ٿر، محبوب ۽ سهيليون بہ وسري ويون آهن.

    سمجهاڻي

    سرتين پاران موڪليل مهڻا ٻڌي مارئي چئي ٿي:
    سهيلين مون ڏانهن اهڙا طعنا ڏياري موڪليا آهن، جيڪي سهڻ جهڙا ئي ناهن. سهيليون چون ٿيون:
    توکي عمر جا بخملي ويس وڳا، محل ماڙيون، ملڪيتون، زيور ۽ شاهاڻا طعام شايد وڻي ويا آهن. تون پنهنجي اباڻي ملڪ ٿر کي، ماروئڙن، محبوب ۽ پيارين سهيلين کي بہ وساري ڇڏيو آهي.
    ڀٽائي هن علامتي بيت ذريعي انهن بي ضمير ماڻهن کي وائکو ڪيو آهي. جيڪي اقتدار ۽ ڪرسيءَ جي لالچ ۾ قوم، ڌرتي ۽ ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪري غدار بڻجي ويا آهن.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو