دهشتگرديءَ خلاف نئين جنگ زاهد حسين روسي جهاز جي ڪري تباهه ٿيڻ کان ويندي بيروت ۽ پيرس واري قتل عام سميت گذريل ٻن هفتن کان ظلم ۽ ستم جي جيڪا لهر هلي پئي، سا دهشتگرديءَ خلاف نئين جنگ جو ڏس ڏئي رهي آهي. آءِ ايس جي نالي سان سڃاتو ويندڙ ويڙهاڪ گروهه اسلامڪ اسٽيٽ (دولت اسلاميه) هاڻي عراق ۽ شام جي جنگي ميدانن مان پنهنجي جنگي جنون کي ٻاهر ڪڍيو آهي. پيرس واري قتل عام عالمي سلامتيءَ جي شڪل ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي. يورپ جي انهيءَ ڳالهه سان اتفاق نه ٿو ڪري سگهجي ته پيرس وارا حملا ٽئين عالمي جنگ جو حصو آهن پر پيرس واري سانحي هڪ نئون عالمي رخ ضرور اختيار ڪيو آهي ڇو ته اهڙي صورتحال اڳ ۾ وچ اوڀر جي گهرو ويڙهه دوران پڻ پئي ڏسڻ ۾ آئي آهي. جيڪا عراق تي آمريڪي حملي کانپوءِ دنيا کي ورثي ۾ ملي آهي. هڪ تجزئي نگار موجب ”جن بوتل مان نڪتو آهي“ توقع موجب ان تي فرانس جو جيڪو جواب آيو آهي تنهن کي هڪ جنگي عمل چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ ڪوبه رک رکاءُ نظر نه ٿو اچي. سو دولت اسلاميه انهن حملن جي رٿابندي ڪرڻ جو مقصد به شايد جنگي محاذ وڌائڻ ۽ پنهنجي ڪاررواين ۾ تيزي آڻڻ هجي. پيرس وارو قتلام هجي يا روس جي جهاز جي تباهي ان مان دولت اسلاميه جي وڌندڙ سگهه ۽ اهڙي قسم جا منظم حملا ڪرڻ جي وڌندڙ صلاحيت جو اشارو مليو آهي. آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ اتحادين جي بمباري ٿي سگهي ٿو ۽ دولت اسلاميه جي پيش بندي اڳيان ڪا رنڊڪ وڌي هجي. پر انهن ذريعي هن شدت پسند تنظيم جي سندس قبضي وارن علائقن مان مڪمل تڏا ويڙهه ۾ بهرحال ناڪام ٿيا آهن. هڪ ته هن گروهه وٽ پرڏيهي ويڙهاڪن جو وڏو تعداد موجود آهي، ٻيو ته انهن منجهان ڪيترن جو تعلق يورپي ملڪن سان آهي جيڪي اسلامڪ اسٽيٽ (دولت اسلاميه) ۾ شامل ٿي رهيا آهن سو اهڙي صورتحال ۾ انهن جي ئي ڪنهن ملڪ ۾ حملي جي بهرحال توقع هئي. پر ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هن گروهه منجهه هيڏي وڏي تباهي آڻڻ ۽ وڏي پئماني تي ڪارروائي ڪرڻ جي ڪا صلاحيت به موجود آهي“ حملا ڪندڙن ۽ سندس ماسٽرمائينڊ جي سڃاڻپ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي ٻئي ان ملڪ جا ئي رهواسي هئا جيڪي دولت اسلاميه جي اثر ۾ آيل هئا. اڪثر پرڏيهي ويڙهاڪن جا پنهنجي ملڪ ۾ لڳ لاڳاپا موجود رهن ٿا پوءِ ڀلي اهي ڪڏهن واپس کڻي نه به موٽن. مسلمان آباديءَ جي ثقافتي هڪ جهڙائي ۽ خاص ڪري پناهگيرن جي ٻئي ۽ نئين نسل ۾ معاشي تنگيءَ شدت پسند گروهن کي انهن نوجوانن کي پنهنجي جنهن ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن ٿا. القاعده يا ٻئي ڪنهن اسلامي شدت پسند گروهه جي ڀيٽ ۾ دولت اسلاميه جو هڪ ته عراق ۽ شام ۾ هڪ وڏي علائقي تي قبضو آهي ٻيو ته ان جي پرچاري مهم به وزنائتي آهي، جيڪا سڄي دنيا اندر شدت پسند مسلمانن لاءِ ڪشش جو سبب بڻيل آهي. تيل جي وسيلن سان مالامال علائقن تي سندس قبضي منجهان لڳي ٿو ته ان وٽ پنهنجي سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ وڏا مالي وسيلا موجود آهن. نه رڳو ايترو پر ان وچ ۾ اوڀر ۾ سعودي عرب جي اڳواڻيءَ ۾ اتحادين ۽ ايران وچ ۾ جاري پراڪسي وار (ڳجهي ويڙهه) مان به وڏو فائدو حاصل ڪيو آهي. شام ۾ ويڙهندڙ سڀني ويڙهاڪ گروهن جي سعودي عرب طرفان مالي مدد جو به اڻ سڌي طرح دولت اسلاميه نالي هن گروهه کي فائدو رسيو آهي. سعودي عرب جي پٺڀرائي وارا اڪثر گروهه دولت اسلاميه ۾ شامل ٿي چڪا آهن. دولت اسلاميه جو وڌندڙ اثر رڳو وچ اوڀر تائين ئي محدود ناهي پر واضح اشارا موجود آهن ته هي گروهه هن علائقي ۾ به پنهنجي لاءِ جڳهه پيدا ڪري رهيو آهي. هي گروهه چڱي انگ ۾ افغانستان ۾ نه رڳو موجود آهي پر افغان فوج سان مهاڏو اٽڪائڻ سان گڏوگڏ طالبان کي به چئلينج ڪري رهيو آهي. هنن ٻنهي ويڙهاڪ گروهن ۾ اوڀر افغانستان جي ترنوار واري علائقي ۾ ڇتي ويڙهه به ٿيندي رهي آهي. اڪثر پاڪستاني طالبان ۽ قبيلائي علائقن مان آپريشن سبب فرار ٿيندڙ اڪثر ويڙهاڪ ٽولا دولت اسلاميه ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. اهڙا اطلاع به آهن ته افغانستان ۾ موجود دولت اسلاميه جي ويڙهاڪن وٽ نه رڳو ججها هٿيار آهن پر وٽن وسيلن جي به ڪا ئي کوٽ ناهي. الجزيري ٽيلي ويزن تي تازو ئي نشر ٿيل هڪ دستاويز فلم ۾ اوڀر افغانستان ۾ دولت اسلاميه جي هڪ تربيتي ڪيمپ ۾ اٺن سالن جي ٻارڙن کي تربيت ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. افغانستان ۾ اسان جي سرحد لڳ انهيءَ ويڙهاڪ گروهه (جنهن ۾ اڪثر پاڪستاني ويڙهاڪ شامل آهن) جي موجودگي پاڪستان لاءِ ڳڻتي جوڳي هئڻ گهرجي پر ان خطري جو ڪو احساس نه پيو ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ سرڪار معمول موجب انڪار پئي ڪندي رهي آهي پر دولت اسلاميه جي پاڪستان اندر موجودگي به ظاهر ظهور آهي. هجڻ ته ايئن گهرجي ته پاڪستان طالبان جا ڪجهه ڌڙا ۽ بندش لڳل سڀني ويڙهاڪ گروهه، جهڙوڪ لشڪر جهنگوي دولت اسلاميه سان اتحاد جي حمايت ۽ مدد جو وچن ڪري چڪا آهن. هلندڙ سال جي شروع ۾ ڪراچي اندر اسماعيلن جي بس تي حملي جي ابتدائي رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته حملو ڪندڙ نوجوان ۽ اعليٰ تعليم يافته هئا ۽ سندن دولت اسلاميه سان لاڳاپن جا اطلاع به آهن. سڀ کان وڌيڪ پريشانيءَ جي ڳالهه اسلام آباد جي لال مسجد جو وري به شدت پسند سرگرمين جو مرڪز بڻجڻ آهي. هڪ سال اڳ هن مسجد سان لاڳاپيل جاميه حفضا جنهن ۾ هن دولت اسلاميه جي سربراهه ابوبڪر البغداديءَ کي مدد جي اپيل ڪئي هئي. ڪجهه وقت جي ماٺار کانپوءِ لال مسجد جو پيش امام مولانا عبدالعزيز هڪ ڀيرو ٻيهر نڪري نروار ٿيو آهي ۽ پابنديءَ باوجود تشدد لاءِ اڪسائيندڙ خطبا ڏئي رهيو آهي. هو شرعي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ ريلي به ڪڍي چڪو آهي، پر سندس خلاف يا سندس عقيدتمندن جن دولت اسلاميه جي سرعام حمايت ڪئي، تن خلاف ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي. جيتوڻيڪ گهرو ۽ پرڏيهي وزير ملڪ اندر دولت اسلاميه جي موجودگيءَ کان انڪار ڪندا رهيا آهن، پر ساڳي ئي وقت بلوچستان سرڪار هن گروهه طرفان صوبي اندر نوجوانن جي ڀرٿين وارن اطلاعن تي ڳڻتي به پئي ظاهر ڪئي ويندي رهي آهي. اطلاع آهن ته عراق ۽ شام ۾ جيڪي پرڏيهي ويڙهاڪ موجود آهن تن ۾ پاڪستانين جو به وڏو انگ آهي. هڪ اعليٰ پوليس آفيسر جيڪو بلوچستان ۾ به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي تنهن موجب سڀ کان پهريون سعودي وارن صوبي اندر ڀرتيون شروع ڪيون هيون ته جيئن شام ۾ سڀني گروهن سان گڏجي وڃي وڙهي سگهن. پر انهن منجهه اڪثريت اڳتي هلي. اسلامڪ اسٽيٽ (دولت اسلاميه) ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن جو نظريو کين گهڻو پرڪشش لڳو. حيرت جي ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت آخرڪار اهڙين ڀرتين کي نظرانداز ڇو ڪيو؟ اهي ڀرتيون وفاقي سرڪاري ڳجهن ادارن جي رضا سان جي ٿيون به هجن ته ان تي حيران نه ٿيڻ گهرجي. هيءَ انتهائي خطرناڪ راند آهي. جنهن اسان جي پنهنجي سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پيرس ۽ بيروت ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي تنهن تي اسان جي سرڪار ۽ ڳجهن ادارن جون اکيون کلڻ گهرجن. هڪ ڪمزور رياست، جنهن ۾ معاملن کي رڳو نظرانداز ڪندو رهڻ جي روش موجود هجي، اتي ويڙهاڪ گروهن کي ڪارروايون ڪرڻ لاءِ آئيڊيل ماحول ميسر ٿئي ٿو. افغانستان اندر دولت اسلاميه جي وڌندڙ اثر جي ڪري توڙي ملڪ جي راڄڌانيءَ ۾ دولت اسلاميه جي موجودگيءَ سبب خطرو تمام گهڻو سنگين ٿي ويو آهي ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي اسان کي هاڻي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. (ترجمو: ميم سين)