پئرس حملن جو امريڪي صدارتي چونڊن تي اثر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2015۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پئرس حملن جو امريڪي صدارتي چونڊن تي اثر

    پئرس ۾ 13 نومبر تي ٿيل خوني سانحي جي ڪري جتي سڄي يورپ ۾ ٿرٿلو آهي، اتي امريڪا ۾ايندڙ سال نومبر مهيني ۾ صدارتي چونڊن جون ايجنڊائون ئي ڦري ويون آهن. حڪمران ڊيموڪريٽس هجن يا مخالف ڌر جا ري پبلڪن، سمورن پئرس واقعي تي پنهجي پنهنجي پروگرام ۽ موقف پٽاندڙ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.
    ڊيموڪريٽس جيڪي پير پير ۾ ڏئي، انتهائي نزاڪت سان ان سانحي کان پوءِ ڄڻ ته پلصراط تي هلي رهيا آهن پر مخالف ڌر يا ري پبلڪن جا اميدوار توڙي انهن جا چونڊيل ميمبر کلئي عام شام خلاف ۽ خاص طور شامي مسلمانن خلاف ڳالهائي رهيا آهن.
    پئرس حملي کان پوءِ امريڪا جي لڳ ڀڳ 12 رياستن فيصلو ڪيو آهي ته اهي ڪنهن به شامي پناهگير کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏيندا. جڏهن ته ، ري پبلڪن چيو آهي ته انهن کي عيسائي پناهگيرن جي اچڻ تي ڪوبه اعتراض ناهي پر شام جي مسلمان بيواهن ۽ يتيمن کان کين ڊڄ ٿئي ٿو.
    دنيا جي ظاهري طور سڌريل ملڪ امريڪا جي صدارتي اميدوارن جي فرقي پرستي واري ٻوليءَ تي صدر باراڪ اوباما سخت تنقيد ڪندي کين چيو آهي ته ان موقف سان داعش کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ انهن کي وڌيڪ دليل ملندا ۽ اهي اولهه جي ملڪن خلاف ڀرتيون وڌائي سگهن ٿا. هن جو چوڻ هو ته امريڪا ۾ ٻاهران آيلن جي جاچ جو جوڳو بندوبست آهي. هن چيو ته اسان کي دهشتگردي ي ڪنهن به واقعي وقت درست حالت ۾ رهڻ گهرجي ۽ ڊپ ۽ خوف ۾ ٻڏي نه وڃڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو