داعش، سعودي ۽ ملائيت کي هٿي وٺرائيندڙ عرب ملڪ ڪامل دائود سياهه داعش ۽ سفيد داعش، هڪ ڳلا ڪٽي ٿو، ماري ٿو، پٿر هڻي ٿو هٿ وڍي ٿو، انسانيت کي تباهه ڪري ٿو، گذريل ورثي ۽ قديم آثارن کي ميساري ٿو، عورتن ۽ غير مسلمن کي نشانو بڻائي ٿو، ٻيو وري صاف سٿرو ۽ سٺي لباس ۾ آهي پر ڪم ساڳيا ئي اٿس، هي ٻئي آهن سعودي عرب ۽ دولت اسلاميه المعروف داعش. دهشتگرديءَ خلاف جنگ جوٽيندي اولهه جا ملڪ دولت اسلاميه سان ته وڙهن ٿا پر سعودي عرب سان هٿ ملايو ٿو وڃي، سو ڌڪارڻ جو ڪنهن کي نظر انداز ڪرڻ جو نتيجو اهو ئي نڪرندو آهي ۽ ان جي ڳري قيمت به ادا ڪرڻي پوندي آهي، سعودي عرب سان هڪ حڪمت عمليءَ تحت اتحاد برقرار رکندي اهو وساريو ٿو وڃي ته سعودي عرب هڪ اهڙي اعتماد تي ڀاڙي ٿو جيڪو مذهبي جنون کي هٿي ڏئي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي مذهب جو ٺيڪيدار سمجهي ٿو، نه رڳو ايترو پر وهابيت کي به اڀاري ۽ هٿي ڏئي ٿو. سو پنهنجي پر ۾ اسلام مان ڇاڻي ڪڍيل وهابيت هڪ اهڙي شدت پسندي آهي، جنهن ان اميد ۽ خيال سان ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ جنم ۽ زور ورتو ته عربستان ۾ خلافت وارو راڄ قائم ڪرڻ وارو خواب ساڀيا بڻائي، مقدس شهرن مڪي ۽ مديني کي ان جو مرڪزي گادي بنايو ويندو، قتل غارت ۽ رتوڇاڻ مان ڦٽي نڪتل وهابيت ۾ عورت سان غير حقيقي، مقدس سر زمين تي غير مسلمن جي هلڻ چلڻ ۽ رهڻي ڪهڻي تي پابنديءَ سان گڏو گڏ اها شرعي قانونن تي عمل سان سلهاڙيل آهي. اولهه جو سعودي عرب کي هن معاملي ۾ نظر انداز ڪرڻ به عجيب آهي، اهي ملڪ ملائيت کي هٿي وٺرائيندڙ هن ملڪ جي اتحادي هئڻ ڪري ته سلامي ڏين ٿا پر ان جو نوٽيس وٺڻ لاءِ لڳي ٿو ته تيار ئي ناهن ته اسلامي ثقافت واري نظريي کي سڄي دنيا ۾ اسپانسر ڪري هٿي به هن ئي ملڪ وٺرائي آهي، نامُ نهاد عرب دنيا ۾ جهادين جو نئون نسل ڪو پيدائشي جهادي ڪين هو. هنن ته اڳ ئي اهڙي فتويٰ ماٿريءَ ۾ کولي آهي، جيڪا ويٽيڪن طرز تي هڪ صفت مِثِل هڪ اهڙو اسلامي ماڳ آهي، جتي مذهبيت، مذهبي قانون، ڪتاب، جارحاڻيون اداريتي پاليسيون ۽ ميڊيا جون مهمون جنم وٺن ٿيون. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سعودي عرب پاڻ داعش جو نشانو بڻجي سگهي ٿو ؟ بلڪل ها، پر ان جو محور شاهي ڪٽنبن جي لاڳاپن ۾ مضبوطيءَ ۽ ان مذهبي سوچ جي يڪجا هئڻ تي هوندو، جيڪا هن وقت تائين سندس مضبوطيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهي ۽ تيزيءَ سان زوال ڏانهن وڌي رهي آهي، سعوديءَ جو شاهي ڪٽنب به عجيب پنجوڙ ۾ ڦاسي پيو آهي، وارثن جي قانونن سبب هي ڪٽنب ڪمزور ٿيو آهي، اهي قانون واري واري سان جانشينيءَ جو موقعو فراهم ڪرڻ کي هٿي وٺرائن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو بادشاهه ۽ رعيت پيڙهين کان وٺي هڪٻئي سان جڙيل آهن، سو سعودي عرب جو مذهبي فڪر مذهبي سوچ کي ئي جنم ڏئي ٿو، جنهن سان هڪ پاسي ملڪ لاءِ خطرا وڌن ٿا ته ٻئي پاسي وري حڪومت جي جائز ۽ قانوني هئڻ کي به هٿي ملي ٿي. جيڪڏهن مذهبي چينلن جي عوام تي پوندڙ اثرن جو اندازو لڳائڻ يا اُهي جاچڻ گهرو ٿا ته ان لاءِ اوهان کي مسلم دنيا ۾ رهڻو پوندو ان سان اوهان کي خبر پئجي ويندي ته انهن مذهبي چيلن جي ڪري الجزائر، مراڪش، تيونس، لبيا، مصر، مالي ۽ ماريتا وغيره جي ڪٽنبن، عورتن ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن سميت وڏي پيماني تي انهن ملڪن جي عدالتن ۾ اسلامي ثقافت جو ڪيترو نه گهرو اثر آهي، اهڙيون هزارين مذهبي اخبارون ۽ تنظيمون آهن جيڪي ريتن رسمن عام هنڌن تي پوشاڪ جي طريقيڪار سميت مختلف معاملن تي دنيا جو هڪ طرفو موقف ٿاڦي رهيون آهن. پيرس حملن بابت اهڙي قسم جي ڪجهه اخبارن ( مذهبي اخبارن ) جو رد عمل پڙهي وزن جي خبر پئجي وئي، مثال طور چيو ۽ لکيو ويو ته اولهه جهنم جي سرزمين آهي، پيرس حملا اسلام تي هلان جو جواب آهن، مسلمان ۽ عرب سيڪيولرزم ۽ يهودين جا دشمن بڻجي چُڪا آهن، عراق تي ٿيل هلان کان ويندي، بيٺڪين واري دور جي سورن کي جاڳائڻ سميت فلسطينين واري معاملي جا به حوالا ڏنا ويا آهن، سو اهڙي قسم جي ڳالهه ۽ اها سوچ، انهن سياسي اڳواڻن جن فرانس تي ٿيل حملن کي ننديو ۽ ڏک جو اظهار ڪيو، تن کان مٿاهين شڪل اختيار ڪئي، هن سموري صورتحال مان سعودي عرب کي اولهه طرفان هن معاملي ۾ نظر انداز ڪرڻ سبب متوازن صورتحال جنم وٺندي نظر اچي رهي آهي. سو ان سموري صورتحال مان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه بابت اولهه جي جمهوريتن جي قول قدارن ۽ پڌرنامن ۽ معاهدن بابت شڪ شبها جنم وٺن ٿا، هيءَ جنگ ڪوتاهه ۽ تنگ نظريءَ جو شڪار نظر اچي ٿي ڇو جو اها هن معاملي / جنگ جي بنيادي ڪارڻن بدران ان جي پوندڙ اثرن کي گهٽائڻ تي ڌيان ڏيئي پئي. جيئن ته دولت اسلاميه المعروف داعش هڪ مليشيا نه پر ثقافت ۽ روايت آهي سو اهڙي صورتحال ۾ جڏهن فتويٰ واري ماٿريءَ، ان جي عالمن، ان جي ڪلچر ۽ ان جي وسيع اداراتي انڊسٽري جيئن جو تيئن برقرار هجي ته نئين نسل کي جهادي ٿيڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگهجي.!؟ ڇا هن بيماريءَ جو علاج صفا سادڙو آهي ؟ نه بنهه به نه، وچ اوڀر ۾ کيڏيون ويندڙ راندين ۾ سعودي عرب اولهه جو اهم اتحادي رهندي، خاص ڪري ايران جي حوالي سان، جنهن جي ڪري داعش باهه جي شعلي جيان اُڀامي آهي، ڌتڪاري ڪنهن کي نظر انداز ڪرڻ سان توازن بگڙجندڙ آهي، صديءَ جو اهم ۽ اڙانگو مسئلو ڄاڻائيندي جهاد جي مذمت ته ڪئي پئي وڃي پر ان تي ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي ته اُن ڇا مان جنم ورتو ۽ ان جي مدد ڪنهن ڪئي ان سان پنهنجو پاڻ ته آجو ڪرائي سگهجي ٿو پر زندگيون قطعي طور بچائي نه ٿيون سگهجن، داعش جي ماءُ به آهي، جنهن ان کي جنميو آهي، جيڪا عراق تي هلان آهي، پر ان جو پيءُ به آهي، جيڪو سعودي عرب ۽ ان جي مذهبي ڇوٽڪڙي جيستائين اها ماجرا سمجهه ۾ اچي تيستائين ويڙهه ته کٽي سگهجن ٿي، پر جنگيون هارائبيون، جهادي به ماريا ويندا ته جيئن اهي ٻيهر نون نسلن ۾ جنم نه وٺن ۽ ڪتابن ۾ موجود رهن، پئرس وارن حملن تضاد کي ويتر وائکو ڪري ڇڏيو آهي، پر جيئن نائين اليون کانپوءِ ٿيو، ان جا نقش ته اڃا تائين اسان جي تجربن ۽ شعور مان مٽائڻ جي ڪوشش جاري آهي. ______ (نيويارڪ ٽائيمز جي ٿورن سان )