رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
وري هڪ ٻيو پاسو سنڌ جي تعليم جي تباهي جو بحث ۾ پياآڻيون _______________________________________________ سنڌ ۾ سنڌي نصاب جا ڪتاب ڇاپيندڙ هڪ اداري جو وجود رکيو ويو جيڪو انتهائي ضميواري سان ڪم ڪري رهيو هيو هلندي هلندي همراه ٻين پبلشرن کي پبلشر ايسوسيئيشن جي نالي تي گابا ٽوبا جهڙا غير سنڌي ۽ غير معياري ۽ پنجن ٻين پبلشرس کي ٽاپ پوزيشن تي اداري جي اڱڻ تي پلق طور جڳه ڏني وئي آهي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي تباهي ۽ ان جي وجود کي هي سري وانگر لڳن اڏوهي اندران اندر تباه پئي ڪري ۽ ڪتابن ڇاپڻ لاءِ هن اداري کان سواءِ ٻين غير سنڌي ويندي لاهور تائين سنڌي نصابي ڪتاب ڇاپڻ جو بندو بست ڪيو ويو آهي جيڪو غير مياري ۽ پروفن کان سواءِ غلطين جي انبار سان ٻارن جي هٿ ڏنو وڃي ٿو جنهن سان ٻار غلطين مٿان غلطيون ڪندي ٻولي ۾ غلط لاڙا ۽ رجهان پيدا ڪري ٿو ...جي توهان کي ڪتابن ڇپائڻ لاءِ هڪ مڪمل ادارو آهي ته پو هي بيواجبي ۽ دهشت گردي ڇو ڪئي وئي جو هڪ اداري جي تباهي ۽ پوري ٻولي کي ناس ڪرڻ جو سڀ بندو بست ڪندا پيا وڃن ۽ اسان جي لگور حڪومت ۽ سنڌ جا تعليمي سربراه جن کي سنڌي نصاب لکڻ لاءِ جوڳو استاد، رهبر يا ماهر ئي نه ٿو ملي جو هو نصاب کي ترتيب ڏي ۽ وتن ٿا غير سنڌي ليکڪن کان لکرائيندا جن ۾ انيڪ غلطيون ڪيون ويون آهن تن جو ازالو ته نه پر ڪن لاٽار ڪندي تباه ٿيڻ ڏنو پيو وڃي ....بي شرم هن اداري جو سربراه ناڪام انتظامي ٽٽل ڀڳل ڍانڄي ۾ ويهي چند غير سنڌي غير معياري پبلشرن کان رشوت وٺي پيو سنڌي ڪتاب ڇپائي اهو صرف موجوده سربراه نه پر هي سلسلو گهڻي وقت کان هلائڻ شروع ڪيو ويو آهي ...جي ڪتابن ڇاپڻ لاءِ گنجاسئش نه هئي ته گنجائش ،يعني مين پاور يا مشينري گهرائي پورائي ڪري پئي ٿي سگهجي پر اندر ۾ ٻليون ۽ ڪوئاپيٽ جا هنن کي سنڌي تعليم ۽ ٻولي جي تباهي به نظر نه آئي ۽ اکيون بند ڪري هي تماشو ڪندا رهيا آهن ....اهڙا هانڃا ڪندي هنن جي دل کي درڙي به نه آئي سو جي واقئي تعليم ۽ سنڌي نصاب کي صحيح رخ ۾ ڇاپڻو آهي ته پو هن اداري کي سگهارو بڻائڻو پوندو ۽ هن جي واڌ ويجه جو بندو بست ڪري هن ۾ وڌيڪ اسٽاف ۽ مشينري جي هجڻ جو بندو بست اهم ۽ جلد ضروري آهي .... ۽ هر اسڪول ۾ هڪ لائبريري جو بندوبست ڪري هي ٻارن ۾ ورهائڻ جو هڪ نئون سلسلو پيدا ڪجي جنهن ۾ هي درسي ڪتاب ٻارن کي اشو ڪجن ان لائبرري جي وسيلي ۽ ٻار کي پاس ٿيڻ کان پو اهو نصاب واپس لائبرري ۾ جمع ڪرڻ جو پابند ڪجي جو اهو وري اڳئين سال ٻي ٻار کي اشو ڪري ڏجي جنهن سان ڇپائي جو وزن گهٽجي ويندو ۽ پيسي جو اجايو زيان به رڪجي ويندو ۽ مفت ڪتابن مان گهڻو فائدو ورتو ويندو ... هن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي هر سال ۾ هڪ دفعو آڊٽ ڪري جانچ جي گرفت ۾ وٺي مڪمل پائدار ۽ فائدي وارو ادارو بڻائي سگهجي ٿو ۽ قوم جي خدمت ۾ پيش پيش ٿي صحي رخ ۾ خدت قوم ڪري سگهجي ٿي .....هن صلاح ۾ ڪي اڻايون هجن ته وڏي وات ٻڌائي وڌيڪ جانداريت جو مظاهرو ڪري سگهجي ٿو .....مهرباني عرضدار سنڌي قوم جو هڪ ادنيٰ فرد رسول بخش دائودپوٽه