ڇا 2016ع تائين ملڪ مان پوليو جو خاتمو اچي ويندو؟

'تعارف' فورم ۾ ونود ڪمار طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2015۔

  1. ونود ڪمار

    ونود ڪمار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 نومبر 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پاڪستان ۾ پوليو جي تدارڪ لاءِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ٻارن کي قطرن جي بجاءِ ٽڪا لڳايا وڃن ٿا، گذريل سال جنوري جي مهيني ۾ فاٽا جي ڪچي وارن علائقن ۾ پوليو جي قطرن بجاءِ ٻارن کي ٽڪا لڳايا ويا هئا، ان حوالي سان ميڊيا تي خبرون آيون آهن ته پاڪستان ۾ ويڪسين انجيڪٽيل پوليو ويڪسين، جنهن کي آئي پي وي چيو وڃي ٿو، جنهن کي متعارف ڪرايو ويو، جڏهن ته ٻڌايو پيو ُوڃي ته ويڪسن ملڪ جي 40 لک کان وڌيڪ ٻارن کي لڳائي ويندي. پاڪستان دنيا جي ان ٽئين ملڪ جي فهرست ۾ شامل آهي، جيڪي هاڻي پوليو کان محفوظ قررا نه ڏنا ويا آهن، ڊبليو ايڇ او جي انگن اکرن مطابق گذريل سال آگسٽ تائين پاڪستان ۾ پوليو جا 115 ڪيس رجسٽرڊ ٿي چڪا هئا، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ هن سال فقط 29 ڪيس سامهون آيا آهن. ٻڌڻ ۾ اهو به اچي پيو ته نائجيريا ۾ گذريل سال جي شروعاتي مهينن ۾ پوليو بچاءُ جي انجيڪشن کي متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻي افغانستان ۾ به جلد ئي آئي پي وي ويڪسن کي متعارف ڪرايو ويندو. پاڪستان جي صحت واري وزير سائره افضل تاڙر آئي پي وي کي متعارف ڪرائڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته ملڪ ۾ پوليو ڪيسز ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ سال 2016ع ۾ پاڪستان مان پوليو جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي ٿو، ياد رهي ته انجيڪشن جي قيمت به گهڻي آهي ۽ ان انجيڪشن کي لڳائڻ لاءِ به هڪ تربيت يافتا نرس جي ضروت هوندي آهي، جڏهن ته قطرن جي برعڪس ان ويڪسين جو اهو فائدو آهي ته پوليو جي وائرس جي خلاف ڪارائتي آهي، گذريل سال پوليو جا 316 ڪيس آيا هئا، جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد آهي، عالمي اداري صحت سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر لاميه محمود جو چوڻ آهي ته آئي پي وي پوليو وائرس جي خلاف خاص طور تي ان ٻارن ۾ خوراڪ پيدا ڪندي آهي، جڏهن ته ان کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي بچاءُ لاءِ پوليو جي قطرن کان وڌيڪ فائديمند آهي. ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ اسد حفيظ جي مطابق هي ويڪسين 4 مهينن جي عمر رکندڙ ٻار کان لڳائي سگهجي. انسداد پوليو مهم ۾ شامل ٽيمن جي دعويٰ آهي ته 2012ع کان وٺي اڄ تائين 78 ورڪرز شدت پسندن جي حملي ۾ ماري چڪا آهن.

    سائره افضل تاڙر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ فوجي آپريشن کان اتان جي صورتحال هاڻ تبديل ٿي وئي آهي، انهن علائقن ۾ هاڻ خاندان پنهنجن ٻارڙن کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ لاءِ ويڪسين استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته نيشنل پوليو پروگرام جي مينيجر ڊاڪٽر سيد ثقلين احمد گيلاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٻين 126 ملڪن جي ان هدف کي پورو ڪري ورتو آهي، جنهن تحت اسان کي 2015 ع جي آخر تائين انسداد پوليو مهم ۾ آئي پي وي کي متعارف ڪرائڻو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو