مَارُئي چِڪِي چِڪِيَمِ چاڪَ، وَهِيَنِ وَيڙِيچَنِ جا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چِڪِي چِڪِيَمِ چاڪَ، وَهِيَنِ وَيڙِيچَنِ جا
    واجِهيندَي وِصالَ کَي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ
    سَي ئِي سارِيَمِ، سُومَرا ! ٿَرِ جَنِين جا ٿاڪَ
    مارُوءَ جِي اوطاقَ، گَهڻو اُڪَنڍِي آهِيان


    سُرُ مارُئِي

    چِڪِي چِڪِيَمِ چاڪَ
    = اڄ وري ڦٽ اٿلي پيا اٿم
    وَهِيَنِ = شاهوڪارن، آسودن، سکين ستابن
    واجِهيندَي = واجهائيندي، نهاريندي، تڪيندي
    وِصالَ = ميلاپ، ملاقات
    فَنا = تباھ، برباد
    ڪِيَسِ = ٿيس، مان ٿي پيم
    فِراقَ = ڏک، جدائي، وڇوڙو
    سارِيَمَ = ياد آيم
    ٿاڪَ = جايون، اجها، وٿاڻ، گهر، آستان، جهوپا
    اوطاقَ = بيٺڪ، ڪچهري گاھ، اوتارو
    اُڪَنڍِي = سڪايل

    بيت جو پس منظر

    ~ پنهنجي وطن ٿر جي سکين ستابن مارن لاءِ، اڄ وري ڦٽ اٿلي پيا اٿم.
    ~ سندن جدائيءَ جَي ڏک ۾ تباھ ٿي وئي آهيان، الائي ڪڏهن ملاقات ٿيندي.
    ~ اي عمر ! آئون رڳو انهن کي ٿي ياد ڪيان، جن جا ٿر ۾ اجها آهن.
    ~ گهڻي سڪ محبوب سان ڪچهري ڪرڻ جي لڳي اٿم.

    سمجهاڻي

    عمر بادشاھ گهڻيئي لالچون ۽ آڇون ڪيون پر، مارئي پنهنجي ملڪ ٿر ۽ مارن جا ڳڻ ڳائيندي رهي. مارئي پنهنجي وطن کي ساريندي چئي ٿي:
    اڄ وري ٿر ۽ ماروئڙن کي ياد ڪندي ڇٽل ڦٽ اٿلي پيا اٿم. سندن راهون تڪيندي ملڻ لاءِ بي تاب آهيان، هنن جي وڇوڙي تہ جيءُ جهوري وڌو اٿم.
    اي عمر ! مونکي توسان ۽ تُنهِنجَي محل ماڙين سان ڪا دلچسپي ناهي. مان تہ هر گهڙي انهن کي ٿي ساريان جن جا ٿر ۾ ڪکان وان گهر آهن. پنهنجي محبوب کيت سان روح رهاڻيون رچائڻ لاءِ هن دل ۾ ڏاڍي سڪ ۽ اڪير اٿم.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو