عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس الطاف جوکيو اختصار (Abstract) ٻوليءَ جا ٻه اهم ڀاڱا ٿين ٿا؛ هڪ: ڳالهائجندڙ ٻولي، ٻيو: لکجندڙ ٻولي. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جا ڪافي لـﮬـجا (Dialects)، اُپلـﻫـجا (Accents) ۽ شخصي لـﻫـجا (Idiolects) ٿيندا آهن، جن کي هڪ حيثيت حاصل آهي ۽ اڀياس هيٺ آندا ويندا آهن. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي لـﻫـجن، اُپلـﻫـجن يا شخصي لـﻫـجن کي ڪنـﻫـن هڪ ڌارا تي نه ٿو هلائي سگھجي؛ ليڪن ٻئي پاسي لکجندڙ ٻوليءَ کي هڪ ڌارا تي هلائڻ لاءِ، اتفاقي طور تي، ڪي ضابطه مقرر ڪيا ويندا آهن. اهو طريقو دنيا جي مڙني ٻولين ۽ ان جي صورتخطين جو آهي. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ موجب، جملن جي بيـﻫـڪ ۾ هر لـﮬـجي جي ماڻهوءَ جو پنـﮬـنجو اسلوب ٿئي ٿو؛ جڏهن ته اها صورت گھڻي قدر لکجندڙ جملن ۾ به رهي ٿي. ان حالت ۾، ٻوليءَ جي بنيادي اصولن سواءِ ڪا ٻي روڪ ٽوڪ نه ٿي ڪري سگھجي. جڏهن ته مڙني لـﻫـجن جا ڳالهائيندڙ، لکجندڙ ٻوليءَ ۾ لفظن جي صورتخطيءَ تي باقاعده توجه ڏيندا آهن. ٻوليءَ جي لـﻫـجن پٽاندر، ڪنـﮬـن به لفظ جون لکت جي لحاظ کان چند صورتون ٿي سگھن ٿيون، جن کي غلط يا صحيح واري تُريءَ ۾ به توري نه ٿو سگھجي. البته، مختلف ماڻهن جي لکيل مختلف صورتن ۾ مونجھارو اهو ٿئي ٿو ته: مرڪزيت قائم نه هجڻ سبب، نئين سکندڙ کي ڪـﮬـڙي صورت سيکارجي/ رٽرائجي؟ ان حالت ۾ مختلف صورتن مان ڪنـﮬـن هڪ صورت کي، متفقه طور تي، ترجيح ڏني ويندي آهي. اتفاق جي بنياد تي ئي لسانيات موجب اهو معاملو صوتيات سان گڏوگڏ سماج ۽ ثقافت جي قدرن سان پڻ سلهاڙيل آهي؛ جنـﻫـن سبب صورتخطيءَ جي اڀياس ۾ سماجي رواج کي پڻ اهميت ڏيڻي پوي ٿي. هن موضوع جي دائري ۾ 1853ع کان 2008ع تائين، صورتخطيءَ جي لحاظ کان جن لفظن جي ترجيحي صورت متعيّن ڪئي وئي هئي/ آهي، تن جو ٻيـﮬـر اصولي اڀياس ڪيو ويو آهي. ان موضوع جي تعيّن جو خاص سبب اهو به آهي ته ڪافي لفظ اهڙا به سامهون آيا آهن جن کي هر دؤر ۾ ترجيحي صورت خاطر، عالمن اڳيان رکيو ويو؛ جيئن: ڪثر/ ڪسر، قفل/ ڪرف/ ڪلف، استعيفا/ استعفا/ استعيفى، اڃا/ اڃان، چاڪ/ چاق، دنبورو/ طنبورو، درياءُ/ درياههُ، ويراهڻ/ وراهڻ/ ورهائڻ وغيره. اها هڪ حقيقت آهي ته وقت گذرڻ سان، ٻوليءَ جا ڪافي معاملا نوان موڙ وٺندا آهن، جنـﻫـن سبب انـﻫـن کي ڪنـﻫـن هڪ ڌارا ۾ قيد ته نه ٿو رکي سگھجي؛ ليڪن اهڙن مڙني معاملن جو بنيادي اصولن هيٺ اڀياس بيشڪ ضروري هوندو آهي. لفظن جي ترجيحي صورت واري معاملي هيٺ هڪ اهم سوال سامهون ضرور اچي ٿو ته: جنـﮬـن صورت ۾ هڪ دفعو ڪنـﮬـن لفظ جي ترجيحي صورت متعيّن ڪئي وڃي ٿي ته ٻيـﮬـر ان لفظ جي ترجيحي صورت متعيّن ڪرڻ جي ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي، جنـﮬـن هيٺ ڪافي سوال پيدا ٿين ٿا. لفظن کي ٻيـﮬـر ترجيحي صورت واري ميزان ۾ تورڻ جو اهم سبب اهو به سامهون آيو آهي ته: ڪنـﻫـن لفظ جِي، ٻوليءَ جي بنيادي اصولن هيٺ اڀياس کان سواءِ، شخصي راين جي بنياد تي، ترجيحي صورت متعيّن ٿئي ٿي ۽ ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ به ان کي ٻيـﮬـر شخصي نظرثانيءَ لاءِ آندو وڃي ٿو. هي علمي معاملو آهي ان صورت ۾ راءِ اهائي جڙي ٿي ته اهڙن لفظن جو اصولي اڀياس ڪيو وڃي ۽ اخذ ٿيندڙ نتيجي کي راءِ جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي. هن موضوع جي ٿيسز ۾ اهڙن لفظن کي، لسانيات جي ڪنـﻫـن اصطلاح (Term) تحت، هڪ گروه ۾ رکي ان جو اصولي اڀياس ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنـﮬـن لفظ جي ترجيحي صورت متعيّن ڪرڻ وقت ٻوليءَ جا ضروري بنيادي اصول سامهون رکيا وڃن، ته جيئن هڪڙو طريقه ڪار جڙي سگھي! پوري اڀياس جي نتيجي ۾، اها راءِ جڙي ٿي ته ڪنهـن به لفظ جي ترجيحي صورت متعيّن ڪرڻ لاءِ هيٺين اصولن جو اطلاق لازمي آهي: لفظ جي اصليت، معنى ۽ حيثيت جو اڀياس؛ لفظن جي حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ متعلقه لسانياتي اصطلاحن (Terms) جو اڀياس؛ متعلقه ٻوليءَ ۾ لفظ مان جڙيل ٻين لفظن جو ضروري اڀياس؛ ڪنـﻫـن ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي استعمال سبب معنوي فرق جو اڀياس؛ متعلقه لفظن جي اڀياس بعد مروج صورتن جو اڀياس؛ ڪن لفظن جي الٿي (Transliteration) دوران لاڳاپيل ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جو اڀياس؛ امڪاني مونجھارن جو اڀياس. هن ٿيسز ۾ ڪل اٺ باب رکيا/ رٿيا ويا آهن، شروعاتي ٻن بابن مان هڪ ۾ لفظ ’صورتخطيءَ‘ جي دائري جو تقابلي اڀياس ڪيو ويو آهي ۽ ٻئين ۾ مختلف دؤرن ۾ متعيَّن ترجيحي صورتن جو اڀياس پيش ڪندي ان مان ڪنـﻫـن لسانياتي اصطلاح/ نڪتي پٽاندر لفظن جا گروه جوڙيا ويا آهن؛ باقي ڇهن بابن ۾ بيـﻫـاريل نڪتن کي، لاڳاپيل لسانياتي اصطلاحن (Terms) هيٺ آڻي بابن جي صورت ۾ رکيو ويو آهي ۽ نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن. 1. باب پـهـريون صورتخطيءَ جي معنى ۽ مفـﻫـوم هن باب ۾ لفظ صورتخطيءَ جي معنى ۽ مفـﻫـوم کي واضح ڪرڻ لاءِ مختلف عالمن جي راين کي سامهون رکي ان جي نعم البدل لفظن سان تقابل ڪري لغوي ۽ سماجياتي اڀياس ڪيو ويو آهي؛ جنـﻫـن مان هيٺيون حاصل مطلب اخذ ٿيو: صورتخطي جي اصطلاح جي مراد لفظ جي مقرره معياري صورت آهي، جيڪا سماجي ۽ ثقافتي قدرن سان به وابسته آهي. صورتخطيءَ جي جزن ۾ لفظ/ جملي جي ترجيحي صورت، لفظن جي وچ ۾ وٿيءَ (Space) جو احتياط، لفظن کي ٽوڙڻ (word break) واري حالت، مختلف ٻولين جي لفظن جو هڪٻئي ۾ ضمّ ٿيڻ واري حالت سبب بيـﮬـندڙ صورت، ڪنـﮬـن اصطلاح لاءِ تز لفظ جو تعيّن، لفظي ترڪيب، مخفّف، ضروري اعرابون ۽ بيـﮬـڪ جون نشانيون اچي وڃن ٿيون. Orthography، صورتخطي ۽ اِملا جي اصطلاحن ۾ ظاهري ڪوبه فرق ناهي، ليڪن اردو جا ماهر ’اِملا‘ جي مڪمل دائري ۾ واضح ناهن. صورتخطيءَ (Orthography)، ’تلفظ‘ (Pronunciation) ۽ ’هِجي ڪرڻ‘ (Spelling)، ’لکت/ لکاوٽ‘ (writing) ۾ اصولي فرق آهي؛ صورتخطيءَ جو لفظ جامع آهي. 2. باب ٻيون 1853ع کان 2008ع تائين صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو جائزو ۽ ترجيحي صورتن مان اخذ ڪيل وضاحت طلب اصولي نڪتا هن باب ۾ عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي مختصر ابتدا ۽ ارتقا بيان ڪندي، 1853ع کان 2008ع تائين جوڙيل ڪاميٽين جي معرفت لفظن جي مقرر ڪيل صورتن يا بحث هيٺ آيل لفظن جي صورتن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن دؤر کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ: تعليم کاتي پاران 1853ع کان 1915ع تائين جوڙيل ڪاميٽين جون مقرره صورتون ۽ ٻيو: سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران 1998ع کان 2008ع تائين جوڙيل ڪاميٽين جون مقرره صورتون. مقرره صورتن جي جائزي بعد هيٺيان نڪتا سامهون آيا: 1913ع کان وٺي 2008ع تائين چند ساڳيا لفظ ترجيحي صورت لاءِ پئي رکيا ويا؛ چند لفظن جون صورتون اختياري قرار ڏنيون ويون؛ ڪي صورتون حتمي رهيون؛ ڪي صورتون اهڙيون رهيون جن لاءِ ڪي رايا نه جڙي سگهيا. ترجيحي صورتن جي انـﻫـن معاملن کي ڏسي ڪري لسانيات جي اصطلاحن هيٺ لفظن جي گروه بندي ڪئي وئي ۽ اڀياس خاطر مختلف بابن ۾ ورهايو ويو. 3. باب ٽيون صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن لاءِ لسانياتي اصطلاحن جو اڀياس هن باب ۾ مختلف لفظن جي ترجيحي صورت لاءِ لاڳاپيل لسانياتي اصطلاحن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. لسانياتي اصطلاحن کي هيٺين ترتيب سان رکيو ويو آهي: 3.1. اصطلاح/ مخفّف: ’الف- بي/ الف- ب‘ جي صورتخطي هن معاملي ۾ ’الف- بي/ الف- ب‘ جي ترجيح واري معاملي کي جاچڻ لاءِ اصطلاح: ’الفابيٽ‘ ۽ ’مخفف‘ جي قسمن initialism يا alphabetism، Acronym يا Truncation جو تقابلي اڀياس ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل اصطلاح کي نظر ۾ رکندي مستعمل صورتخطيءَ جي جاچ ڪندي بيـﻫـڪ جي نشانين ۽ ڳڻپ ۾ ڪم ايندڙ ڍنگ جي اڀياس بعد هيٺيون مختصر نتيجو اخذ ڪيو ويو: آئيويٽا جي اکرن جي ترتيب اچاري آوازن سان، ’الف، بي، ٻي، ڀي، تي…‘ ٿيندي آهي؛ ان صورت ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان الف- ب جي بجاءِ ’الف- بي‘ جي صورتخطي مناسب آهي. ’الف، ب …‘ جو ڳڻپ ۾ استعمال عام رهيو آهي. اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته: ’ڪٿي به ’ب‘ اچار (بي) سان لکيل نه مليو آهي، بلڪه اڪيلي ’ب‘ اکر جي صورت ۾ مليو آهي جڏهن ته ’الف‘ پوري اچار سان آيل آهي. 3.2. سنڌي صورتخطيءَ ۾ تنوين: ’ اً، اٍ، اٌ ‘ جو ڪردار هن لسانياتي اصطلاح هيٺ لفظ ’تقريباً / تقريبن‘ جو اڀياس ڪيو ويو ۽ نتيجةً هيٺيون مختصر حاصل مطلب اخذ ٿيو: سنڌي صورتخطيءَ ۾، تنوين جي اصول موجب، صرف ٻن زبرن واري تنوين ڪم آندي وڃي ٿي، جيڪا ڪنـﻫـن لفظ جي آخر ۾ اضافي ’الف‘ جي مٿان ڪم اچي ٿي؛ جيئن: اندازاً، تقريباً وغيره. اهڙا لفظ جنـﻫـن جي آخر ۾ ’ت‘ يا ’مختفي ه‘ اچي ٿي ان صورت ۾ ’ة تانيث‘ مٿان، تنوين جي صورت ۾، ٻه زبرون ڪم اچن ٿيون/ آڻڻ گھرجن؛ جيئن: اشارةً، نتيجةً وغيره. 3.3. ڊگھن ۽ دُهرن سُرن تي اعراب جو معاملو ڊگھن سُرن تي اعرابن جي سلسلي ۾ هڪ ڌر جو خيال آهي ته اعراب عربي سرشتي موجب: ڊگھن سُرن ۾ ڪم ايندڙ ’و ۽ ي‘ بجاءِ وينجن تي ايندي؛ جيئن: اُو = مُوڙي، پُورو، چَتُون؛ اِي = ٻَڪرِي، ڌَڻِي، ٻِيـﻫـر؛ اَو = قَوم، ڀَو، سَو؛ اَي = بَيت، خَير وغيره. ٻي ڌر جو خيال آهي ته اعراب ديوناگري سرشتي موجب: وينجن بعد ڊگھن سُرن لاءِ ڪم ايندڙ ’و ۽ ي‘ جي اکرن تي ايندي،جيئن: چتوُن، ٻڪريِ وغيره. اهڙي معاملي جو اڀياس ڪندي هيٺيون نتيجو اخذ ٿيو آهي: ڊگھن سُرن ۾ ڪم ايندڙ اکرن ’ا، و ۽ ي‘ مان الف تي اعراب نه ڏبي آهي، ائين ئي ’و ۽ ي‘ تي به ڪا اعراب نه ايندي. اعراب جي گھرج وينجن کي هوندي آهي، حرف علت کي نه! البته ڊگھن سُرن جي حالت ۾ ’و يا ي‘ تي جزم جو استعمال غير علمي آهي. جيئن ته ’الف، واؤ ۽ يي‘ جو ڪردار ٻٽو آهي، ان حالت ۾ وينجن تي اعراب اچڻ گھرجي ۽ ڊگھن يا دُهرن سُرن ۾ ڪم ايندڙ مذڪوره اکرن تي اعراب ڏيڻ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته سُرن جي حالت ۾ اعراب مونجھاري جو باعث بڻجندي. 3.4. واؤ لِين، ’ ؤ‘ متحرڪ، ’ؤ‘ ساڪن ۽ همزي جي بدل’ ؤ‘ جو اڀياس هن لسانياتي اصطلاح هيٺ لفظ: ’ڀئونر/ ڀؤنر/ ڀنئور‘ ترجيحي صورت لاءِ پيش ڪيو ويو. واؤ لين (دهرو سُر)، متحرڪ، ساڪن ۽ مضموم، همزي جي بدل طور سنڌي ٻوليءَ ۾ چئن حالتن ۾ ڪم اچي ٿو، ان معاملي جي اڀياس بعد اخذ ٿيل نتيجي آڌار هيٺين صورتن جي راءِ رکجي ٿي: دهري سُر طور، جيئن: سؤ (سَو) ؛ مضموم همزي طور، جيئن: گھاؤ، ڦـﻫـلاؤ؛ واؤ متحرڪ طور، جيئن: مؤَنث، مؤَلف؛ واؤ ساڪن طور، جيئن: مؤۡمن، مَؤۡلود. 3.5. سنڌي صورتخطيءَ ۾ حرف علت جو تصور هن عنوان هيٺ ’ماروي/ مارئي، اونڌائي/ اونداهي، هوا/ هئا، چوي/ چئي‘ لفظن کي ترجيحي صورت لاءِ رکيو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ حرف علت جو معاملو آهي، جنـﻫـن جو سڌو سنئون واسطو لـﻫـجاتي فرق سان آهي. هن عنوان ۾ ’حرف علت‘ جي معنى ۽ مفـﻫـوم جي اصولي اڀياس بعد لفظن جي ترجيحي صورت متعيّن ڪئي وئي آهي: مارئي، اونداهي، هئا ۽ چئي. 3.6. سنڌي صورتخطيءَ ۾ الف مقصوره (ى) جو ڪردار هن نڪتي هيٺ ’دعوى/ دعوا‘ صورتون ترجيحي صورت لاءِ رکيو ويون آهن. جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ عربي صورتخطيءَ جو پڻ لحاظ رکيو ويندو آهي ۽ عام استعمال ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي، ان صورت ۾ سواءِ ڪنـﻫـن مونجهاري جي اهڙن لفظن جي صورتخطي قائم رکڻ ۾ ڪا قباحت ناهي. لفظن جي اصليت جي بنياد تي انگريزي صورتخطيءَ ۾ پڻ صورتون بحال رکيون وينديون آهن. ان صورت ۾ الف مقصوره جي قائدن جو اڀياس ڪندي ان جو استعمال بـﻫـتر سمجهيو ويو آهي. 3.7. نون وينجن ساڪن (قريب مخرج- آوازن ۽ جمع جي گرداني صورت) جو معاملو هن عنوان هيٺ ’ننڍَپڻ/ نَنڍَپڻُ؛ آڱِرِيُنِ، اَکرَن، ٻارَن‘ جي لفظن جي ترجيحي صورت ۽ صورتخطيءَ جو معاملو رهيو آهي. اڀياس ۾ ٻه معاملا سامهون آيا آهن: هڪ: قريب مخرج سبب ’نون ساڪن‘ جو بيـﮬـڻ ۽ ٻيو: جمع جي گرداني صورت ۾ ’نون ساڪن‘ جو بيـﮬـڻ. ٻن مختلف نوعيت جي لفظن ۾ نون جي صوتي حيثيت سمجھڻ ۽ ان جي صورتخطيءَ لاءِ ديوناگري صورتخطي ۽ اردو اِملا جو اڀياس ڪيو ويو آهي، جنـﻫـن مان هي نتيجو نڪتو: سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’نون‘ ٽن حالتن ۾ ڪم آندو وڃي ٿو: نون وينجن متحرڪ: نَڪ، نالو، نيڪال وغيره. نون وينجن ساڪن: گھنٽي، ڏند، سنڌ، ڪنٺو وغيره. نون گھُڻو: شينْـﻫـن، ٻانْـﻫـنْ، نانْگ وغيره. ڏند وارن بندشي ڌوڪڻن: ت، ٿ، د، ڌ ۽ مـﻫـار وارن/ مورڌني بندشي ڌوڪڻن: ٺ، ڊ، ڍ کان اڳيان ايندڙ ’نون يا نون گھُڻو‘، قريب مخرج سبب ’نون ساڪن‘ ۾ مٽجي ٿو. سنڌي ٻولي/ صورتخطيءَ جي لفظن ۾ ’ٽ، ڏ، ن، نهه، ڻ، ل، لهه، ر، رﮩـ، ڙ، ڙﮩـ‘ اهڙا آواز آهن جن کان اڳ نون ساڪن/ گھُڻو نه ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت موجب ڪنـﻫـن اسم جي جمع صورت ۾، حرف جر ڳنڍڻ جي حالت ۾، ’نون‘ جو اضافو ڪيو ويندو آهي، جيڪو ’نون ساڪن‘ بيـﻫـي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته ان جي جمع وارو سُر ماقبل آخر وينجن تي رهي ٿي. 3.8. آخري ۽ ماقبل آخري وينجن جي سُر جو معاملو ۽ آخري وينجن ساڪن جو تصور سنڌي ٻوليءَ جي صرفي توڻي نحوي بناوت ۾ لفظن جي آخري ڇوٽي سُر جي وڏي اهميت هوندي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـﮨـجن موجب اها ڳالهه مسّلَم آهي ته مؤنث- مذڪر (ڇوڪرِ- ڇوڪرُ)، واحد- جمع (اُٺُ- اُٺَ)، سڏ (ابراهيمَ) ۽ اسم جي فاعلي- مفعولي حالت (ساجنَ سڃاتو- ساجنُ سڃاتو) آخري ڇوٽي سُر تي منحصر هوندي آهي. هن عنوان ۾ لفظ جي آخري (ڇوٽن، ڊگھن توڻي دهرن) ۽ ماقبل آخري سُرن جو مؤنث- مذڪر، واحد- جمع، سڏ ۽ اسم جي فاعلي- مفعولي حالت جي حوالي سان صوتياتي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. اڀياس جو هيٺيون نتيجو اخذ ٿيو آهي: جنـﮨـن لفظ جي ماقبل آخري سُر تي، مؤنث- مذڪر جي حوالي سان، احتياط کان ڪم وٺجي ٿو، ان جو آخري وينجن ساڪن رهي ٿو؛ جيئن: مؤنث: لکندَم/ لکندَس، مذڪر: لکندُم/ لکندُس. ’س‘ ۽ ’م‘ پڇاڙين کي لـﮨـجاتي فرق موجب بدل پڇاڙي ڄاتي ويندي آهي، پر ان سان معنوي فرق ظاهر ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙن نڪتن تي باضابطه ڪم نه هجڻ جو سبب تاريخي، علمي ۽ ادبي اعتبار کان وچولي/ ساهتي لـﻫـجي ڏانـﻫـن بي توجـﻫـي آهي. هن حوالي سان حيدرآبادي عالمن جون خود ساخته صورتخطيون سامهون آيون آهن. 3.9. ’گھُڻي وينجن سبب گھُڻائپ‘ ۽ ’ڳاڻيٽي ۾ گھُڻائپ‘ جو معاملو گھُڻي وينجن سبب پيدا ٿيندڙ گھُڻائپ: اما/ امان، اڃا/ اڃان، وڃين/ وڃي، ماڻهو/ ماڻهون، ڀاڱو/ ڀاڱون، ننو/ ننون/ نوَ، ڄڻان/ ڄڻا. ڳاڻيٽي ۾ گھڻائپ / معنوي فرق پيدا ڪندڙ گھُڻائپ: ٻيون/ ٻيو. لـﮬـجاتي فرق سبب پيدا ٿيندڙ گھُڻائپ: آءٌ / آئون، جڏه/ جڏهن، ڪہ/ ڪنـﻫـن، جہ/ جنـﻫـن. هن عنوان ۾ گھُڻن وينجنن سبب پيدا ٿيندڙ گھُڻائپ جو اڀياس ڪيو ويو آهي؛ اهم ڳالهه اها حاصل ٿي آهي ته ٻوليءَ جي مزاج ۽ صورتخطيءَ جي اڀياس مطابق ’گھُڻن وينجنن سبب پيدا ٿيندڙ گهُڻائپ کي ڪُلي طور تي رد نه ٿو ڪري سگهجي‘. ان مان اخذ ٿيندڙ نتيجو هن ريت آهي: ’گُهڻي وينجن‘ جي گُهڻائپ جو زور ڪنـﮨـن ’گُهڻي وينجن‘ جي اڳيان ٿئي ٿو، جنـﮨـن ڪري پنـﮨـنجي اڳيان ٻيو ’نون‘ گُهڻو برداشت نه ٿو ڪري؛ پويان زور اڻ- لَکو ٿئي ٿو، جنـﻫـن سبب ٻولي توڻي صورتخطيءَ ۾ ٻئي گھُڻي نون جي گهرج پوي ٿي. جيڪڏهن ’گھڻن وينجنن‘ بعد گُهڻائپ وارو دائرو محدود ڪري ڇڏبو ته پوءِ ٻي صورت ۾ لفظ ’امان > اما‘، لفظ ’مان (آءٌ/ منجھان) > ما‘ ۽ ’ننڍو جي نڍو‘، ’نانگ جي ناگ‘ ۽ ’نَنگ جي نَگ‘ واريون صورتون رائج ٿي وينديون. جيڪي مونجهارن جي بنياد تي نامناسب آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نحوي نزاڪت پٽاندر گُهڻن وينجنن توڻي صاف وينجنن سبب ظاهر ٿيندڙ ڊگھن گُهڻن /آن/، /اِين/ ۽ /اُون/ واري گُهڻائپ کي ’ن‘ گُهڻي سان لکڻ بـﻫـتر آهي؛ جيئن: مان وڃان ٿو، اسين وڃُون ٿا، تون وڃِين ٿو، توهان وڃو ٿا، هو وڃي ٿو، هوءَ وڃي ٿي، اهي وڃن ٿا. جنـﻫـن صورت ۾ قطاري عددن کي ’نون گھُڻي‘ سان لکيو ٿو وڃي، ان صورت ۾ لفظ ’ٻيو/ ٻيون‘ مان معنوي فرق جي بنياد تي ’ٻيون‘ جي صورت لاءِ راءِ رکجي ٿي. ٻوليءَ جي نسبت ڪنـﻫـن هڪ وضاحت جا ڀاڱا/ پتيون ڏيکاريندا آهيون ته ان صورت ۾ ’ن- گُهڻي‘ جو استعمال بلڪل ڇسو ۽ بيجا لڳندو آهي؛ جيئن: پـﻫـرئين سڄي جو: هڪ ڀاڱو، ٻيو ڀاڱو، ٽيو ڀاڱو، چوٿو ڀاڱو، پنجو ڀاڱو وغيره. 3.10. سنڌي صورتخطيءَ ۾ گھُڻي وينجن ۽ نون گھُڻي سان وينجن جو معنوي فرق 1913، 1999، 2008ع تي ترجيحي صورتن لاءِ ‘رنگ/ رڱ‘ جـﻫـڙا لفظ شامل ڪيا ويا. چند ٻولي ڳالهائيندڙن اهڙن لفظن جي فرق کي معنوي فرق ۾ آندو آهي. انهن موجب: رنگ جي مراد ۾ اهڙو رنگ جيڪو ڪچي صورت ۾ هجي يا هڻجي جڏهن ته رڱ مان مراد اهڙو رنگ جيڪو ڪنـﻫـن شيءِ سان پيوست/ ضم ٿي وڃي؛ ساڳئي نموني ’سنگ‘ مان مراد دوستي آهي، جڏهن ته ’سڱ‘ مان مراد اهڙي دوستي جيڪا وڌيڪ پيوست/ ضم ٿي وڃي. هي اسم، ’صفت جي درجن‘ جيان معنوي فرق رکن ٿا، ان صورت ۾ ڪوبه هڪ رد ٿيڻ جوڳو ناهي. جيئن ’ن‘ جو آواز ’گ‘ ۾ ضم ٿي گھُڻو وينجن ’ڱ‘ ٿي ويو آهي، ائين ئي سنگ ۽ سڱ جا مفـﻫـوم بيـﻫـن ٿا، آوازن ۽ لفظن جو اهو سڄو سارو سفر سماجي ٻولي/ قدرن سان وابسته آهي. 3.11. سنڌي صورتخطيءَ ۾ وسرڳ جو معاملو ترجيحي صورتن لاءِ ’ويراهڻ/ وراهڻ/ ورهائڻ، ٺل/ ٺلهه، چهبڪ/ چابڪ، ڇه/ ڇهه، گھِڻ (مهٽڻ)/ گھڻ (انداز)‘ لفظ 1913ع کان 2008ع تائين هلندا آيا آهن، جن ۾ اصولي مسئلو ’وسرڳ‘ ۽ ’اوسرڳ‘ جو آهي. هن عنوان جي اڀياس جو هي نتيجو سامهون آيو آهي: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏﮩـه وسرڳ (ڀ، ٿ، ٺ، جھه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک، گھه) پٽيءَ ۾ پڙﮩـايا ويندا آهن، پنجن (مهه، نهه، لهه، ڻهه، ڙﮩـه) جو تصور پرائيمر ذريعي ڏنو ويندو آهي. ڄاڻايل پندرﮩـن وسرڳن کان علاوه پنج وسرڳ ’ڏﮩـ، ڇهه رﮩـ، وﮩـ، ههه‘ اڀياس هيٺ اخذ ٿيا آهن، تن ۾ ’رﮩـ‘ وسرڳ ان حوالي سان به اهم سمجھجي ٿو جو ان سان چند سنڌي لفظن (جـﻫـڙوڪ: گرهاڪ/ گراهڪ) جي صورتخطيءَ ۾ مونجھارا محسوس ڪيا ويا آهن. ان لاءِ آئيويٽا يا صورتخطيءَ ۾ پڙﮩـائڻ انتـﻫـائي ضروري آهي. صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ وينجن ۽ ’ﮩـ وسرڳيءَ‘ جي استعمال جو احتياط رکڻ گھرجي. ’هه‘ اکر ۽ ان جي ٻين روپن (ﮩـ، ه، ـہ، ـه) ۾ محتاط رهڻ لاءِ سنڌي ڪمپوزنگ جي اصلاح ضروري آهي؛ ان سان غير سنڌي ماڻهن لاءِ سکيا جو عمل بـﻫـتر ٿيندو. 3.12. وسرڳ سان مشابـﮨـت رکندڙ اکرن ۾ وينجن ’هه‘ جو معاملو هن عنوان هيٺ ’سُمهڻي/ سومهڻي‘ مان سومهڻي لفظ کي ترجيح ڏني وئي. هن ترجيح سان معاملو اهو سامهون آيو آهي ته مذڪوره لفظ ۾ ’مهه‘ (Digraph) وسرڳ آهي يا ’م ۽ هه‘ جا الڳ وينجن بيـﻫـندا؟ هن اڀياس تحت هيٺيون نتيجو اخذ ٿيو آهي: متّصل اکرن سان ’وسرڳي ﮩـ‘ جي جوڙ سبب (ڻهه، نهه، لهه، مهه) اهو مونجھارو سامهون اچي ٿو، جـﻫـڙوڪ: پالڻهار/ پالڻـﻫـار، نهارڻ/ نـﻫـارڻ، لهڻو/ لـﻫـڻو، مهارت/ مـﻫـارت. ان صورت ۾ ’هه وينجن‘ جو استعمال ئي بـﻫـتر آهي، ٻي صورت ۾ اڳئين متصّل اکر سبب ’وسرڳ‘ ڄاتو ويندو. ’هه وينجن‘ جو منفصل اکرن (ر، ڙ، ڏ) سان اهڙو مونجھارو ڪونه ٿو ٿئي. 3.13. مختفي هي (ه) جو ڪردار هن عنوان ۾ ’درياهه/ درياءُ، نواب شاهه/ نوابشاهه، وابسته/ وابستا، طئي/ طي، مکه/ مکيه‘ جا لفظ رکيا ويا. ان معاملي تحت سنڌي صورتخطيءَ موجب ’مختفي ه‘ جو اڀياس ڪيو ويو، جنـﻫـن ۾’مختفي ه‘ جا ٽي انداز جاچيا ويا آهن: ’مختفي ه‘ جو سنڌي صورتخطيءَ ۾ استعمال: درياه، شاه، پرواه، خوامخواه، موجوده، فـﮨـميده، مذڪوره، وغيره، باقاعده … • ’مختفي ــہ‘ جو استعمال: ’الله‘، ’هميشہ‘، ’فاطمہ‘ ۽ ’عليہ السلام‘ … • ’مختفي ـه‘ جو سنڌي صورتخطيءَ ۾ استعمال: مکيَه، بِه، چَئُه، ، پلئه، متفرقه… اڀياس ڪندي ’درياه، نوابشاه، وابسته، طئه ۽ مکيه‘ صورتن جي راءِ رکي وئي آهي. 4. باب چوٿون وياڪرڻي معاملن جو اڀياس (فعل جون ماضي ۽ اسم مفعول صورتون؛ مرڪب لفظ ملائي يا الڳ لکڻ) هن باب ۾ ٻه عنوان رکيا ويا آهن جيڪي سڌي يا اڻسڌي طرح سنڌي وياڪرڻ/ گرامر سان تعلق رکن ٿا: 4.1. مصدرن/ فعل جون ماضي ۽ اسم مفعول صورتون 19 ڊسمبر 1998ع تي صورتخطيءَ جي ورڪشاپ ۾ ’ڇِڳل/ ڇِنَل‘ لفظ مان ’ڇِنَل‘ کي ترجيح ڏني وئي. ترجيح ڪـﻫـڙن اصولن يا بنيادن تي رکي وئي؟ اهڙن معاملن جي اڀياس لاءِ عنوان آڌار فعل جي گردان جو اڀياس ڪيو ويو ته جيئن اسم ماضي مطلق يا اسم مفعول ۾ ايندڙ ٻن صورتن مان ڪـﻫـڙي صورت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اڀياس مان نتيجةً هيٺيان مختصر نڪتا سامهون آيا آهن: فعلي صورتن جي ڦيري ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ آواز هڪڙا اهڙا آهن، جيڪي ساڳي صورت ۾ رهن ٿا، جيئن: لڪڻ- لڪو- لڪل ۽ ٻيا صورت مٽائن ٿا، جيئن: ڦاسڻ- ڦاٿو- ڦاٿل؛ مٽجڻ جي صورت ۾ ڪن آوازن ۾ اختلاف رهي ٿو، جيئن: ڊڄ- ڊڄڻ- ڊڳو/ ڊنو- ڊڳل/ ڊنل. اڀياس ۾ جيڪي آواز پنـﻫـنجي صورت مٽائن ٿا، سي آهن: ڀ، ٺ، پ، ج، ڄ، جھ، ڃ، چ، ر، س، م، مهه، نهه، ڻ، و، هه، ء، ي؛ جيڪي آواز مٽائيندڙ جي صورت ۾ آڏو آيا آهن، سي آهن: ت، ٿ، ٺ، د، ڌ، ڪ، ڳ، ن، ڻ، ء ۽ ي؛ جيڪي آواز پنـﻫـنجي صورت نه ٿا مٽائن، سي آهن: ٻ، ٽ، ڙ، س، ڳ، ڪ ۽ ن. اڀياس موجب مٽائيندڙ آوازن ۾ جيڪي متبادل آڏو آيا آهن، سي آهن: ٿ ۽ ٺ، ڌ ۽ ڄ، ن ۽ ت، ڳ ۽ ن؛ متبادل آوازن جي صورت ۾ اختلاف سامهون آيا آهن، جنـﻫـن صورت ۾ انهن آوازن تي اڪتفا ڪرڻ گھرجي جيڪي گھڻي استعمال ۾ اچن ٿا. هيٺ اڀياس جي حاصل مطلب مان اهم نڪتا رکجن ٿا: • ڪنـﻫـن فعل/ مصدر جي ڦيري ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ ’س‘ ۽ ’هه‘ جا آواز، تبديل ٿيڻ جي حالت ۾ گھڻي قدر ’ٺ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو ٻي حالت ۾ ’ٿ‘ جي صورت به وٺي ٿو. ان بنياد تي ترجيحي صورت لاءِ ’ٺ‘ تي اڪتفا ڪرڻ گھرجي. • ’ڌ‘ ۽ ’ڄ‘ صرف هڪ مثال ’کائڻ‘ ۾ متبادل ٿين ٿا، عام طور مذڪوره فعل ۾ ’ء‘ جو آواز، ماضي مطلق صورت ۾، ’ڌ‘ ۾ مٽجي ٿو. • ’ن‘ ۽ ’ت‘ جو هڪٻئي ۾ مٽجڻ وارن مثالن جو ڪو گھڻو تعداد ڪونهي، ان صورت ۾ ’پـﻫـچڻ‘ مصدر جي ڦيري ۾ ’ت‘ کي ئي اهميت ڏيڻ گھرجي ۽ مصدر ’ڏيڻ‘ ۾ ’ن‘ کي ئي بـﻫـتر سمجھڻ گھرجي. • ٻن وينجن آوازن، ’ڄ ۽ ڃ‘ واريون مصدرون، ڦيري موجب اڪثر ’ڳ‘ ۾ تبديل ٿين ٿيون، ان صورت ۾ ٿيڻ ائين گھرجي ته: ’اهڙو فعل جنـﻫـن ۾ ’ڄ‘ ۽ ’ڃ‘، صورتن آهر ٻن آوازن ’ڳ‘ ۽ ’ن‘ ۾ تبديل ٿئي، ان حالت ۾ ’ڳ‘ کي اوليت ڏيڻ گھرجي.‘ 4.2. لفظن جي مرڪّب صورتخطيءَ وارو معاملو هيڪجهڙي/ هڪ جهڙي، هڪ ٻئي/ هڪٻئي، نواب شاهه/ نوابشاهه، ڄام شورو/ ڄامشورو، سڌو سنئون/ سنئون سڌو وغيره. هي معاملو مرتب ۽ مرڪب لفظن جي بحث کان هٽي ڪري مرڪب صورت وارو آهي. مرڪَّب صورت وارن لفظن جي (گڏ ۽ ڌار) صورتخطيءَ جي اڀياس بعد جيڪي ڳالهيون نوٽ ڪيون ويون آهن، تن کي هيٺين ريت رکجي ٿو: سنڌي صورتخطيءَ ۾ سنڌي لفظن کي اڪثر ڌار لکيو ٿو وڃي، جيئن: ’من گھڙت‘؛ سنڌي صورتخطيءَ ۾ عربي- فارسي جوڙ وارا لفظ اڪثر گڏي لکيا ٿا وڃن، جيئن: ’تندرست‘، ’صورتخطي‘؛ سنڌي صورتخطيءَ ۾ گڏي لکڻ جو رواج، ڪنـﻫـن حد تي فارسي صورتخطيءَ جو اثر آهي. لفظن کي گڏي يا ڌار لکڻ لاءِ ڪو اصول اخذ ٿي ڪونه سگهيو آهي؛ البته، ٻن لفظن جي وچ ۾ جيڪڏهن ’ڊگھو سُر، ڊگھو گھُڻو سُر، واؤ لين ۽ مختفي ’ه‘ اچي ٿي ته ان صورت ۾ لفظ ڌار لکيا ٿا وڃن. گھڻي قدر اڳئين ٻه- اکري پروس صرفيو/ لفظ کي ٻئي سان ڳنڍي لکڻ به جاچيو ويو آهي؛ ٻي صورت ۾ ڳنڍيندڙ ليڪ ڪم آندي وڃي ٿي، جنـﻫـن جو مدار عام استعمال تي آهي. هنن لفظن جي ترجيح لاءِ راءِ رکجي ٿي: ’ هڪٻئي، اڄڪلهه، سڌو سنئون، ماڻهو (اسم- ساهوارو) لاءِ: نواب شاه، ڄام شورو ۽ شـﻫـر (اسم- جاءِ) لاءِ: نوابشاه، ڄامشورو. 5. باب پنجون ترجيحي صورتن لاءِ لـﻫـجاتي فرق جو اڀياس (سُر ڪيرائڻ/ وڌائڻ/ مٽائڻ، لـﻫـجاتي فرق سبب معنوي فرق) هن باب کي ٽن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جي ترتيب هيٺين ريت آهي: 5.1. سُر ڪيرائڻ/ وڌائڻ/ مٽائڻ جو معاملو هن عنوان ۾ ’اِتون/ اتئون، سڄون/ سڄيون، مهنو/ مهينو، اوڻيهه/ اوڻويهه/ اُڻويهه‘ لفظ رکيا ويا آهن. وچولي جي ڀيٽ ۾ اترادي يا لاڙي ۽ ان جي اثر هيٺ هوندڙ حيدرآبادي ٻوليءَ ۾ صاف سُرن جي خيال کان هنن نڪتن جو مختصر اڀياس ڪيو ويو آهي: لفظن جي آخري سُر کي ڪيرائڻ، لفظن جا وچيان سُر بدلائڻ، لفظن جا ڊگھا سُر ڪيرائڻ، لفظن ۾ اضافي ڊگھا سُر ڪم آڻڻ. اڀياس بعد هنن صورتن جي راءِ رکي وئي: اِتئون، سڄيون، مـﻫـينو، اُڻويـﻫـه (هه وينجن). 5.2. سنڌي صورتخطيءَ ۾ بدل آوازن/ اکرن جو لـﻫـجاتي فرق هن عنوان تحت ’توڻي/ توڙي‘ جي ترجيحي صورت لاءِ ’ڻ ۽ ڙ‘ جو لـﻫـجاتي اڀياس ڪيو ويو آهي ۽ وچولي/ ساهتي لـﻫـجي موجب ’توڻي‘ کي ترجيح ڏني وئي آهي. ياد رهي ته لفظ ’جيتوڻيڪ‘ جو بنياد به ’توڻي‘ مان ئي آهي. 5.3. لـﻫـجاتي فرق سبب پيدا ٿيندڙ معنوي فرق هن عنوان تحت ’چوي/ چئي ۽ پوي/ پئي‘ جي ترجيحي صورتن لاءِ ٻوليءَ جي گردان موجب معنوي فرق جو اڀياس ڪيو ويو جنـﻫـن مان اها ڳالهه واضح ٿي بيٺي ته پَئي ( پ، زبر سان) جو لفظ مصدر ’پَوَڻ‘ مان ورتل آهي، جڏهن ته ’پِئي‘ (پ، زير سان) جي صورت ڪنـﻫـن لڳاتار عمل جي حالت ۾ ڪم آندو وڃي ٿو يا ڪم آڻڻ گھرجي. 6. باب ڇهون عربي/ فارسي لفظن جي ترجيحي صورتن جو اصولي اڀياس (عربي لفظن جا وزن، عربي لفظن جي آوازن/ اکرن جو احتياط، عربي لفظن جي بدليل صورت، قريب مخرج ۾ تبديل) هن باب ۾ عربي ۽ فارسي اصولن جي مختصر اڀياس بعد ڌارين لفظن جو مونجهارن جي بنياد تي اڀياس ڪيو ويو آهي. اهڙي اڀياس کي هيٺين چئن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي: 6.1. عربي صَرف (وزن) جي سنڌي صورتخطيءَ سان ويجھڙائپ هن عنوان ۾ ’استعيفا/ استعفاء/ استعيفى، نُبوت/ نَبوت، مُيَسره/ مَيسره، مطمئن/ مطمعن‘ لفظن جي ترجيحي صورت لاءِ لفظن جي حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ عربي جي وزنن جو اڀياس ڪيو ويو آهي، ان بعد اخذ ٿيندڙ نتيجي جي بنياد تي لفظن ’اِسۡتِعفاء (مصدر) / اِسۡتَعۡفى (ماضي)، نُبُوَّت، مُيَسَّره، مطمئِن‘ جي ترجيحي صورت جي راءِ رکي وئي آهي. 6.2. سنڌي صورتخطيءَ ۾ عربي لفظن جي درست استعمال جو معاملو هن عنوان هيٺ ’واضح/ واضع، ڪثر/ ڪسر، تهمل/ تحمل، بدماش/ بدمعاش‘ لفظ ترجيحي صورت لاءِ رکيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آوازن جي ڌاريائپ‘ سبب عربي لفظن جي صورت جي ڦيري جا ٻه انداز جاچيا ويا آهن، جيڪي مونجھاري جو سبب بڻجن ٿا: اهڙا لفظ جن جي آوازن/ اکرن جي مٽجڻ/ مٽائڻ سبب معنوي فرق يا وياڪرڻي حيثيت بگڙجي وڃي ٿي؛ جيئن: واضع ۽ واضح، مـﮬـل ۽ محل، تـﻫـمل ۽ تحمل وغيره. اهڙا لفظ جن جي آوازن/ اکرن جي مٽجڻ/ مٽائڻ يا تقليب سبب لفظ جي معنوي فرق يا وياڪرڻي حيثيت کي ڪو ڇيـﻫـو ڪونه ٿو رسي؛ جيئن: بصل- بصر، فوم- ٿوم، قفل- قلف/ ڪرف وغيره. ڄاڻايل لفظن جي اصولي اڀياس بعد ’واضح = ظاهر، چٽو، واضع = ٺاهيندڙ، گھڙيندڙ، ڪثر = گھڻائي، ڪسر = ٽٽل، ڀڳل، تحمُّل، بدمعاش‘ جي صورتن جي راءِ رکجي ٿي. 6.3. سنڌي صورتخطيءَ ۾ قريب آواز سبب عربي لفظن جي بدليل صورت جو معاملو هن عنوان ۾ هي لفظ رکيا ويا آهن: ’جثو/ جسو، سايو/ سعيو، ضعيفه/ زائفان، محل/ مـﮬـل، بصل/ بصر، بقل/ بڪر، ڪلف/ ڪرف، صبحاڻي/ سڀاڻي‘. هنن لفظن جي ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکڻ کان اڳ مونجھاري جي بنياد تي لفظن جي لغوي ۽ سماجياتي اڀياس ڪرڻ بعد راءِ رکي وئي آهي: رواجي ٻوليءَ موجب هيٺين لفظن جون وضاحتون اخذ ٿيون آهن: ضعيفه = ڪمزور عورت/ ڇوڪري/ مؤنث؛ زائفان = ڪابه صحتمند يا ڪمزور عورت سعيو = [سعى = هن ڪوشش ڪئي] ڪوشش، ارادو؛ سايو = ڇانو، ڇپر، آسرو، ڀرجھلو محل = جڳـﻫـه، عمارت، بادشاهي رهائش گاه؛ مـﮬـل = وقت، سمو، گھڙي ڦل = هن لفظ جي بنيادي معنى ته ساڳي ’ڦر‘ واري آهي پر ميوو ۽ اجورو جي معنى ۾ ورتو ويندو آهي؛ ڦر = هن لفظ جي به بنيادي معنى ساڳي آهي، ليڪن ميوي يا تخم جي معنى ۾ عام طور ڪونه ورتو ويندو آهي، بلڪه انسان يا جانور جي اولاد واري معنى ۾ ورتو ويندو آهي. ان کان علاوه بگڙيل صورت: ’جسو، بصر، بڪر، ڪرف، سڀاڻي‘ جي راءِ رکجي ٿي. 6.4. سنڌي صورتخطيءَ ۾ قريب آواز سبب فارسي لفظن جي بدليل صورت جو معاملو هن عنوان هيٺ: ’پليد/ پليت، دنبورو/ طنبورو، طبلو/ دٻلو، دوفان/ طوفان، جافران/ زعفران، توب/ توف‘ جا لفظ رکيا ويا آهن. هن عنوان هيٺ ٻوليءَ جي مزاج مطابق قريب مخرج آوازن جي مٽجڻ ۽ انهن جي صورتخطيءَ جو اڀياس ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق لفظن جي صورت لاءِ راءِ رکي وئي آهي: ’پليت، تنبورو، طوفان، زعفران ۽ توپ‘. 7. باب ستون ديسي لفظن جي ترجيحي صورتن جو اڀياس (اردو/ هندي لفظن جي بدليل صورت، ديسي گڏيل آواز- پـﻫـريون ساڪن، ٻيو متحرڪ- جي اعراب) 7.1. ’بنايو/ بڻايو‘ لفظن جي ترجيحي صورت وارو معاملو هن عنوان ۾ ٻوليءَ جي بدلجندڙ صورت ۾ چوسڻن (ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ) ۽ گھُڻن (ڃ، ڻ ۽ ڱ) وينجنن جو اڀياس ڪيو ويو آهي ۽ مليل حاصل مطلب آڌار، لفظ ’بڻايو‘ جي ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکي وئي آهي. 7.2. ديسي گڏيل آوازن (’ر‘ ۽ ’ي‘ سان گڏيل اڳيَن آواز ن ) تي اعرابن جو مسئلو سنڌي ٻولي توڻي هن خطي جي چند ٻولين، هندي/ سنسڪرت، پشتو يا بلتي وغيره ۾ ڪي لفظ اهڙا به ملن ٿا، جن جي ٻٽي آواز ۾ ’پـﻫـريون ساڪن، ٻيو متحرڪ‘ ۾ ساڪن آواز اڳئين بجاءِ ايندڙ آواز سان ملي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ر ۽ ي‘ اهڙا متحرڪ آواز آهن جيڪي اڳئين آواز کي ساڪن صورت ۾ پاڻ سان ملائن ٿا. هن عنوان ۾ جزم جي درست استعمال جو معاملو سامهون اچي ٿو، جنـﻫـن لاءِ نتيجةً هيٺين راءِ جڙي ٿي: جزم جي عام صورت جو دائرو: ڪنـﮨـن لفظ ۾ ڪو آواز، اڳئين متحرڪ آواز سان ساڪن صورت ۾ ڳنڍجي؛ جيئن: عِلۡم. جزم جي اوائلي صورت جو دائرو: ڪنهن لفظ ۾ ڪو آواز، ايندڙ متحرڪ آواز سان ساڪن صورت ۾ ڳنڍجي؛ جيئن: سِٽْرَ (سطر)، پْيار. 8. باب اٺون انگريزي لفظن جي سنڌي صورتن جو اڀياس هن عنوان هيٺ انگريزي لفظن جو سنڌي صورتخطيءَ ۾ الٿي جي معاملي جو اڀياس ڪيو ويو آهي. انگريزيءَ جي الٿي دؤران ٻه هڪڙا اصول سامهون رکڻ ضروري سمجھيا ويا آهن: انگريزي لفظ جيڪي ’S‘ سان شروع ٿين، ان بعد جيڪڏهن سُر وارن اکرن مان: A، E، I، O، U ۽ Y، اڌ سُر وارن اکرن مان: H ۽ W يا پٽڙن آواز وارن اکرن مان: L، M ۽ N اچي ته ان صورت ۾ ‘S’ جو اچار ’س‘ سان ڪڍبو؛ جيئن: سيٽ، سولر، سيمبل، شرٽ، سويٽ، سمارٽ وغيره؛ ٻي صورت ۾ ’اِس‘ (س اڳيان هلڪي سُر) جو اچار ڪڍبو؛ جيئن: اسڪيل، اسڪيچ، اسپرنگ، اسٽاف، اسٽور، اسٽار وغيره. سنڌي صورتخطيءَ ۾ ٻن چپوين آوازن: ’ب، ٻ، ڀ، پ ۽ م‘ کان اڳ بڻجندڙ ’ميم ساڪن‘ جي آواز کي ’گھُڻو‘ سمجھي ’نون‘ اکر سان لکيو ويندو آهي، جيئن: قنبر، ڀنڀور، عنبر وغيره. جڏهن ته انگريزي توڻي ديوناگري صورتخطيءَ ۾ اهڙي ’ميم ساڪن‘ آواز جي حيثيت ’گھُڻي‘ واري ئي آهي ۽ ان کي ’ميم‘ جي اکر سان لکيو ويندو آهي. ان صورت ۾ انگريزي يا هندي لفظن جو الٿو ’ميم‘ سان ئي لکڻ گھرجي، جيئن: نمبر، سيمبل، بمبئي، امبر وغيره. هن عنوان تحت هنن لفظن جي ترجيحي صورت جي راءِ رکجي ٿي: انسائيڪلوپيڊيا، انفرميشن، ايوارڊ، ايجوڪيشن، بيراج، بينڪ، پرنٽرُ/ پرنٽرَ/ پرنٽرن، چيئرمين، فنانس، ڪاليجُ/ ڪاليجَ/ ڪاليجن ، ڪمپيوٽر، ڪاميٽي، ڪوٽيشن/ ڪوٽيشنَ، لئنگويج ۽ نيشنل. تحقيق جو انداز: هر باب ۾ جن اهم نڪتن لاءِ ضروري سمجھيو ويو، ان کي مسئلو ڄاڻي چند سوالن جي روشنيءَ ۾، اصولي طور، واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اخذ ٿيندڙ نتيجي کي ’حاصل مطلب‘ طور رکيو ويو آهي. گھڻي قدر هيٺيون طريقهءڪار رکيو ويو آهي: o ڪنـﮬـن عنوان بابت، سوالن جي روشنيءَ ۾، عالمن جا رايا رکڻ o عالمن جي راين جو نچوڙ رکڻ o نچوڙ مان اهم اختلافي/ وضاحت طلب نڪتا ڪڍڻ o اهم وضاحت طلب نڪتن تي ٻيـﮬـر ڪم ڪرڻ o آخر ۾ نتيجو يا حاصل مطلب ڏيڻ موضوع ۾ نمبرنگ وارو طريقو: پوري ڪيل ڪم کي موضوع جي بابن سان سلهاڙڻ خاطر، نمبرنگ وارو مستعمل طريقو رکيو ويو آهي؛ جنـﮬـن سان پڙهندڙ توڻي لکندڙ لاءِ آساني رهندي آهي. هن ۾ بابن کان نمبرنگ جي شروعات ڪئي وئي آهي، يعني ڪوبه باب متعلقه انگ سان شروع ٿئي ٿو ۽ ان سان لاڳاپيل نڪتو يا نڪتي جو جز ڏهائي سسٽم سان رکندو هلجي ٿو؛ جنـﮬـن ۾ ڪو نڪتو يا ان جي جز جو، باب سان تعلق معلوم ٿي سگهي ٿو. حوالي ڏيڻ جو طريقو: مواد بابت اشاري ڏيڻ (Citation) ۽ ڪتاب بابت اشاري ڏيڻ (Reference) ۾ American Psychological Association (A.P.A) يا Harvard referencing system وارو طريقو ڪم آندو ويو آهي. موجوده حالتن ۾ سائنسي توڻي سماجي علمن ۾ هي طريقو وڌيڪ ڪم آندو وڃي ٿو. نموني طور، ڪنـﻫـن ڪتاب (Reference Book) مان حوالي ڏيڻ جا ٻه جز ٿيندا آهن؛ هڪ: مواد ۾ حوالي جو اشارو ڏيڻ (Citation) جيئن: مقالي/ ڪم ۾ مواد کي شامل ڪرڻ بعد، حوالي جي نمبر بجاءِ ڏنگيءَ ۾ ليکڪ جو مختصر نالو، ڪتاب جو سال ۽ صفحو نمبر ڏنو ويندو آهي؛ جيئن: ” ------------------------ “ (ڀيرومل، 1956: 45). ٻيو: مقالي/ ڪم جي آخر ۾ ببليوگرافيءَ ۾ رواج موجب، پـﻫـرين ليکڪ جو نالو، ننڍي ڏنگيءَ ۾ ڪتاب جو سال، ڪتاب جو موضوع ۽ ڇپائيندڙ اداري جو تفصيل ڏنو ويندو آهي؛ جيئن: آڏواڻي، ڀيرومل، مـﻫـرچند (1956) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڪراچي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
هن اختصار کي تمام گهڻي دلچسپي سان پڙهيم ، ڪيترن سوالن جا جواب آهن هن تحقيق ۾ ۽ تمام گهڻي ڄاڻ آهي. مان سمجهان ٿو هي ڪتاب جي لينگيوئيج اٿارٽي نه ٿي ڇاپي ته اها اسان جي بدقسمتي آهي. ڀلا جي ڪو نه ڇاپي ته اسان پاڻ فيسبوڪ تي مهم هلايون ... جي سئو دوست به ٻه ڪاپيون رجسٽر ڪرائي خريد ڪن ته ڪتاب جو خرچو نڪري ويندو.